سھڻي پبليڪيشن

سھڻي پبليڪيشن: فبروري 1966ع ۾ نامور اديب ۽ پبلشر طارق اشرف ’ادارہ ادبِ نو‘ ختم ڪري، ’سھڻي ڪتابي سلسلو‘ جاري ڪيو ۽ ماهوار سھڻي مخزن لاءِ ڊڪليريشن جو فارم ڀريو، جيڪو سرڪار منظور نہ ڪيو، جنهنڪري سھڻي ڪتابي سلسلي شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪيو ويو ۽ ان ڪتابي سلسلي جي مرتبن ۾ طارق اشرف سان گڏ غلام نبي مغل، نظير شيخ ۽ منظور قريشي شامل هئا. ڪجهہ وقت کانپوءِ غلام نبي مغل ۽ منظور قريشي ڪن مجبورين سبب ’سهڻيءَ‘ کان ڌار ٿي ويا ۽ نظير شيخ جو ساٿ طارق اشرف سان ٻارهين نمبر ڪتابي سلسلي تائين رهيو ۽ بعد ۾ هن کي بہ ڪن مجبورين هيٺ سهڻيءَ جو ساٿ ڇڏڻو پيو. جڏهن تہ ناميارو ڪهاڻيڪار نسيم کرل يارهين ڪتاب کان ۽ ظفر حسن ٻارهين ڪتاب کان ’سھڻي‘ سٿ ۾ طارق اشرف سان شامل رهيا. جڏهن سھڻي ڪتابي سلسلي جا 17 ڪتاب نڪري چڪا ۽ سهڻيءَ سنڌي ادب ۾ اوچو مقام پيدا ڪري ورتو، تڏهن حڪومت ڪيترن ڪتابي سلسلن سان گڏ سهڻيءَ تي بہ پابندي وڌي. طارق اشرف نئون ڊڪليريشن ڀريو، پر ايوبي دور ۾ ڊڪليريشن نہ ملي سگهيو. ڪتابي سلسلي تي پابنديءَ کانپوءِ، ’سھڻي پبليڪيشن‘ قائم ڪئي وئي، جنهن تحت ڇھہ ڪتاب نڪتا. اهڙيءَ طرح ڊسمبر 1969ع تائين سھڻي ڪتابي سلسلي ۽ سھڻي پبليڪيشن جا 23 ڪتاب نڪتا. ان کانسواءِ هن پبليڪيشن ٻين اديبن جا پڻ ڪتاب ڇپيا، جن ۾ رسول بخش پليجي، غلام نبي مغل، الطاف شيخ ۽ ولي رام ولڀ وغيرہ جا ڪتاب شامل هئا. 1971ع ۾ ’سھڻي پبليڪيشن‘ کي ڊڪليريشن ملڻ بعد ماهوار ’سھڻي‘ جو اجراءِ ٿيو ۽ ماهوار سھڻي رسالي ٿوري عرصي اندر سنڌ ۽ هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪري ورتي ۽ ان سان سنڌ ۽ هند جي اڪثر برک اديبن جو پورو پورو ساٿ رهيو. گڏوگڏ ماهوار سهڻيءَ جي سائيز (ڊيمي) ايتري تہ مقبول ٿي، جو سهڻيءَ کانپوءِ ڪيترا ڪتابي سلسلا ان سائيز ۾ نڪتا. ڀارت جي مشھور ادبي مخزنن: ڪونج ۽ ساهت ڌارا بہ اصلي سائيز ڇڏي سهڻيءَ واري سائيز ۾ نڪرڻ لڳيون. جڏهن ٻيو ڀيرو سهڻيءَ ۾ امر جليل ۽ موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين ڇپجڻ تي پابندي پئي تہ طارق اشرف سھڻي رسالي جي ساڳيءَ سائيز ۽ ترتيب سان تخليق پبليڪيشن جاري ڪري، اُن جا ڪجهہ خاص پرچا شايع ڪيا.
سھڻي پبليڪيشن جو ٻيو دور مارچ 1989ع کان شروع ٿيو، جنهن ۾ ’سھڻي‘ رسالي جي سائيز ڊبل ڪرائون ڪئي وئي ۽ هن سائيز وارو رسالو، طارق اشرف جي وفات تائين جاري رهيو.
سھڻي پرنٽرس: 1960ع جي ڏهاڪي ۾، طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل، کوکر پاڙي حيدرآباد ۾ هڪ پرنٽنگ پريس جو بنياد رکيو. انهيءَ سان گڏ ’ادارہ ادبِ نو‘ پڻ قائم ڪيو. هن اداري جو پهريون ادبي ڪتاب ’پهريون قدم‘ جي نالي سان نڪتو، جنهن جي ڇپائي، جمالي پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ٿيندي هئي. پوءِ ’سھڻي پرنٽرس پريس‘ جڏهن ڇپائيءَ لاءِ تيار ٿي وئي تہ ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ’ٻيو قدم‘ نالي ڇپجي منظر عام تي آندو ويو. ان کانپوءِ غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف جي ڪهاڻين جو گڏيل ڪتاب: ’نئون شھر‘ ۽ ’سونهن، پٿر ۽ پيار‘ هڪ ئي جلد ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ غلام نبي مغل جو ترجمو ٿيل فرينچ ليکڪ پيري لوئيءَ جو ناوليٽ ’عورت ۽ پيار‘ ۽ شمشير الحيدريءَ جي شعرن جو مجموعو ’لاٽ‘ (1962ع) پڻ شايع ٿيا. ان وچ ۾ سنڌ جي نامور اديب ۽ ڪهاڻيڪار ظفر حسن پڻ سھڻي پريس جي ڪافي مالي مدد ڪئي ۽ ان جي ڇپائيءَ ۾ ساٿ ڏنو. 1975ع ۾ سنڌ حڪومت جيڪي 72 سنڌي ڪتاب، رسالا ۽ پريسون بند ڪيون، تن ۾ ’سھڻي پرنٽرس‘ بہ شامل هئي. 1978ع ۾ هن پريس وري پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ 1992ع ۾ طارق اشرف جي بي وقتي وفات کانپوءِ بند ٿي وئي، جيڪا اڳتي هلي طارق اشرف جي فرزند دانيال طارق ٻيهر جاري ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين ’سھڻي پرنٽرس‘ جو نالو قائم آهي. هيءَ پريس کوکر پاڙي، حيدرآباد ۾ موجود آهي.


لفظ سھڻي پبليڪيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو