شادمانو: ‘شادماني’ جي معنيٰ آهي ‘خوشي ڪرڻ’. ڪلهوڙن جي پيري مريديءَ جي سلسلي ۾ هي لفظ وڏي اهميت وارو ليکيو وڃي ٿو. جڏهن به ڪو ڪلهوڙن جو مريد ميان وال اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندو هو ته پهريائين فقير ان کي سمجهائيندا هئا، نه سمجهڻ جي صورت ۾ ٻيا فقير ساڻس هٿ ملائڻ بند ڪندا هئا. جنهنڪري سڀيئي ميان وال کانئس احتجاج ڪري ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندا هئا. يعني کيس ‘دائره فقراءُ’ مان ڪڍي ڇڏيندا هئا. انهيءَ حد تائين جو هڪ نڪتل فقير سان سندس ماءُ پيءُ به ڪونه ڳالهائيندا هئا. مريديءَ مان خارج ٿيڻ کانپوءِ صرف مرشد ئي کيس واپس دائري ۾ آڻڻ جو اختيار رکندو هو. مريديءَ ۾ واپس اچڻ تي مٿس ڏنڊ وجهبو هو، جنهن کي ‘خوشي’ سڏيندا هئا. خوشيءَ مان حاصل ٿيل رقم ڪنهن جي ملڪيت نه هوندي هئي. پر ان مان شادمانو ڪيو ويندو هو. شادمانو ڪرڻ وقت ميان وال فقير، وضو ڪري پاڪائيءَ سان زمين تي دائرو ڪڍي حد مقرر ڪندا هئا، جتي ڪنهن ٻئي کي وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي ۽ هاڻي به نه آهي. دائري اندر عاجزي (آزي) پڙهي، جانور ذبح ڪندا آهن ۽ پوءِ ان جانور جي گوشت ۾ لوڻ وجهي پاڻيءَ ۾ اٻاريندا آهن. جڏهن گوشت ڳري ويندو آهي ته ان گوشت مان پهرين مرشد جو حصو ڪڍي ‘آزي’ پڙهندا آهن. ان کانپوءِ اهو گوشت مرشد کي کائڻ لاءِ ڏيندا آهن. ان جون ٻيون به ڪجهه رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. اهڙي سڄي عمل کي شادمانو چوندا آهن.
• شادمانو دهل جي وڄت جو به هڪ نمونو آهي، جيڪو خوشيءَ جي وقت مڱڻهار فقير وڄائيندا آهن. قلندر جي ڌمال ۾ به شادمانو نغارن تي وڄايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ‘شادمانو’ موسيقيءَ جي فن ۾ به هڪ اهم اصطلاح آهي.