شارح (Interpreter): شارح لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ‘شرح لکندڙ، کولي بيان ڪندڙ، لکندڙ، معنيٰ ۽ وضاحت ڪندڙ’ وغيرہ. مثال طور: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ سميت ڪجهہ ٻين عالمن کي شاھہ لطيف جو شارح چيو ويندو آهي. ان ڏس ۾ گربخشاڻي روح رهاڻ ۽ مقدمه لطيفي ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ’سر سارنگ جي شرح‘ لکي، رسول بخش ڏيري سُر يمن ڪلياڻ جي شرح لکي. اهڙيءَ طرح شاھہ جي رسالي جي ڪلياڻ آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين عالمن شرح لکي آهي. ان ڪري کين ۽ اهڙي طرح ٻين شاعرن، فلسفين ۽ مذهبي متن جي تشريح ڪندڙن کي شارح سڏيو ويندو آهي.