
شاهراهه دستور
شاهراھہ دستور: هيءَ پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ملڪ جي اهم ترين شاهراھہ آهي، جيڪا مجموعي طور 3.8 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. هن شاهراھہ جو اتريون ڇيڙو خيابان اقبال ۽ ڏاکڻيو ڇيڙو ڪشمير هاءِ وي سان وڃي ملي ٿو. جڏهن تہ شاهراھہ جو اهم هنڌ ڊي- چوڪ (D. Chowk) آهي. هن شاهراھہ جو افتتاح 23 اپريل 1974ع تي تڏهوڪي سينيٽ جي پهرئين وقتي چيئرمين جسٽس خان حبيب ﷲ خان مروت ڪيو هو. وفاقي سطح تي هيءَ شاهراھہ ان ڪري بہ اهميت جوڳي آهي، جو ملڪ جون اهم سرڪاري عمارتون هن شاهراھہ تي واقع آهن، جن ۾ ايوانِ صدر، وزير اعظم سيڪريٽريٽ، نيشنل لائبرري، سپريم ڪورٽ، وزارت خارجي معاملن جي آفيس ۽ آڊيٽر جنرل جي آفيس وغيرہ قابل ذڪر آهن. ان کان علاوہ نجي عمارتن ۾ گرانڊ حيات ۽ ٽوئن ٽاور جهڙيون شاندار عمارتون پڻ واقع آهن.
سيپٽمبر 2014ع ۾ پي. ٽي. آءِ جي سربراھہ عمران خان 2013ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف شاهراھہ دستور (ڊي- چوڪ) تي ڌرڻو هنيو هو، جيڪو مسلسل 126 ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ ڊسمبر 2014ع تي پشاور سانحي جي سوڳ ۾ ختم ڪيو ويو. شاهراھہ دستور ملڪ جي ٻين مڙني شاهراهن کان مصروف ترين ڏٺو ويندو آهي.