شاهراهه ريشم

شاهراهه ريشم

شاهراھہ ريشم

شاهراھہ ريشم: 550 ق. م ڌاري جڏهن سائرس اعظم جي وچ اوڀر، وچ ايشيا يعني روس، چين ۽ ترڪمانستان تان حڪومت ختم ٿي تہ ان جي نتيجي ۾ ’هان ڊائنسٽي‘ سلطنت وجود ۾ آئي. ان وقت چين دنيا جو اهو واحد ملڪ هو، جنهن دنيا جي ٻين ملڪن سان تجارتي تعلقات قائم ڪيا. انهن تعلقات جي پيش نظر چين ٻين ملڪن تائين رسائي لاءِ جيڪي ذريعا اختيار ڪيا، انهن مان شاهراھہ ريشم بہ هڪ آهي. چين، مغربي ملڪن کان ويندي هندستان، ايران، عراق، مصر، ترڪي، يونان ۽ روم تائين انهيءَ شاهراھہ وسيلي نہ فقط واپار ڪيو، پر بهتر سياسي سماجي لاڳاپا پڻ قائم ڪيا. ماضي قديم ۾ چين، ريشم، ريشمي ڪپڙي ۽ ڪاغذ سازي جي پيداوار توڙي تجارتي مرڪز طور دنيا ۾ مشھور هو. انهيءَ حوالي سان شاهراھہ ريشم تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي. شاهراھہ ريشم تي اهو نالو پڻ چين جي مشھور ريشم جي ڪري پيو.
هيءَ شاهراھہ دنيا جي ٽن وڏن کنڊن (Continents) ايشيا، يورپ ۽ اتر آفريڪا کي پاڻ ۾ ملائي ٿي، جڏهن تہ چين جي اتر اولھہ ۾ افغانستان، ترڪمانستان، ڪازڪستان ۽ ڪرغزستان خطن کي پڻ هڪ ٻئي سان ملائي ٿي. هي شاهراھہ چين جي صوبي سنڪيانگ ۽ پاڪستان ۾ گلگت مان ٿيندي خنجراب سان وڃي ملي ٿي. اسلام آباد کان خنجراب تائين هن شاهراھہ جو فاصلو تقريباً 800 ڪلو ميٽرن تي مشتمل آهي، هي شاهراھہ مجموعي طور 4000 ميلن تي مشتمل آهي.
ماضي قديم ۾ هي شاهراھہ درآمد توڙي برآمد سبب انتهائي اهميت جي حامل رهي آهي. چين ۽ هندستان جا تجارتي قافلا ريشم، ڪاغذ، گرم مصالحن، هاٿين جي ڏندن مان ٺهيل سامان ۽ چانھہ جو واپار ڪندا هئا. ٻئي پاسي روم ۽ بازنطيني (Byzantium) تاجر/ واپاري چاندي، سون ۽ شيشي مان ٺهيل آرائش وزيبائش جي سامان جي تجارت ڪندا رهيا. هي شاهراھہ منگولن ۽ سڪندراعظم جهڙن حملي آورن جي حملن دوران آمد و رفت جو ذريعو پڻ رهي. ان کان سواءِ مذهبي عبادتن لاءِ ويندڙ زيارتين، تيرٿ واسين، خانہ بدوشن ۽ غلامن جي اچ وڃ جو گس بہ رهي آهي. دنيا جي اهم شاهراھہ هجڻ سبب مختلف وقتن تي هن شاهراھہ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ حڪومتي سطح تي تعميراتي ڪم پڻ ٿيندو رهيو آهي. پاڪستان طرفان سال 1966ع ۾ پاڪ فوج هن شاهراھہ کي جديد انداز سان تعمير ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪيو، جيڪو 13 سالن جي طويل عرصي ۾ مڪمل ٿيو. هي شاهراھہ، 1 مئي کان 31 ڊسمبر تائين کليل رهندي آهي، جڏهن تہ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ چوماسي جي برساتن دوران لينڊ سلائيڊنگ جي خطري سبب آمدرفت لاءِ مڪمل طور بند هوندي آهي. ان کان سواءِ ڊسمبر جي آخر ۾ شديد برفباري سبب هن شاهراھہ کي مڪمل طور بند ڪيو ويندو آهي.
شاهراھہ ريشم، دنيا جي بلند ترين جبل ‘هماليہ’ ۽ ان جي جابلو سلسلي جي اهم معدني وسيلن ۽ دنيا جي چئن ايٽمي طاقتن: روس، چين، هندستان ۽ پاڪستان جي وچ مان گذري ٿي. هن شاهراھہ جو لاڳاپيل ملڪن جي جاگرافيائي، ماحولياتي، سياسي، دفاعي توڙي تجارتي اعتبار سان گهڻن ئي ملڪن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ ۾ تمام وڏو حصو رهيو آهي. موجودہ وقت ۾ سامونڊي ۽ هوائي ذريعن وسيلي تجارت کي فروغ ملڻ سبب شاهراھہ ريشم پنھنجي اڳوڻي اهميت وڃائي چڪي آهي.


لفظ شاهراھہ ريشمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو