شاهه شجاع پٺاڻ
شاهه شجاع پٺاڻ: شاهه شجاع، افغان حڪمران احمد شاهه ابداليءَ جو پوٽو هو. واضح رهي ته احمد شاهه ابدالي اصل ۾ دراني پٺاڻ هو. هو 1722ع ۾ ملتان ۾ ڄائو. ستن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد زمان خان سان گڏ هرات هليو ويو. 1732ع ۾ نادر شاهه قنڌار تي قبضو ڪيو، تڏهن احمد خان قنڌار ڀڄي آيو. اتي جي حاڪم احمد خان ۽ ذوالفقار خان (شايد احمد خان جو ڀاءُ) کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو. 1738ع ۾ نادر شاهه قنڌار تي قبضو ڪيو، تڏهن ٻنهي قيدين کي آزادي ملي. ان وقت احمد خان جي عمر صرف سورهن سال هئي. نادر شاهه کيس ملازمت ڏئي پنهنجي درٻار ۾ مناسب عهدو ڏنو. نادر شاهه سان مختلف لڙاين ۾ رهندي، احمد خان وڏو تجربو حاصل ڪيو. سياست جا لاها چاڙها ڏسندي ۽ جنگين ۾ حصو وٺندي، احمد خان معتبر اڳواڻ ٿي اڀريو. نادر شاهه 1747ع ۾ قتل ٿيو. تڏهن ايران ۾ هر طرف افراتفري پيدا ٿي. اميرن ۾ ٻه گروهه ٿيا. احمد خان حالتن جو اندازو ڪندي، ايران مان تڪڙو نڪتو ۽ هرات ۽ قنڌار پهچي ويو. هن مختلف افغان سردارن جو جرڳو سڏايو. صلاح مصلحت بعد افغانن جي پنهنجي ملڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ملڪ کي ’افغانستان‘ سڏيو ويو. نئين ملڪ جو پهريون بادشاهه احمد خان ٿيو، جڏهن ته سندس نالو تبديل ٿي احمد شاهه ابدالي ٿي ويو. ڏوڪڙ پيسي جي به وٽس کوٽ نه هئي. ڪوهه نور هيرو به سندس قبضي ۾ هو، جو بعد ۾ انگلنڊ جي تاج ۽ تخت جو سينگار بنيو. ابدالي بادشاهه بنيو ته هن سنڌو ماٿر جي علائقن تي به پنهنجي دعويٰ ڪئي. (تاريخ ايران، جلد دوم، ص 385)
احمد شاه ابدالي، 1772ع ۾ فوت ٿيو. هن کي اٺ پٽ هئا. ابدالي پاڻ ٻئي نمبر پٽ تيمور کي جاءِ نشين مقرر ڪيو هو. تيمور شاهه ملڪ جو نئون بادشاهه بنجي ويو. هن ويهه سال بادشاهي ڪري سن 1792ع ۾ وفات ڪئي. هن کي پٽن جو گهڻو تعداد هو. جن ۾ شاهه شجاع جو نالو نمايان آهي. شاهه محمود بن تيمور شاهه، 1801ع کان 1803ع تائين راڄ ڪيو. هن جو ڳچ وقت بغاوتن کي منهن ڏيڻ ۾ گذريو. 1803ع ۾ شاهه محمود گرفتار ٿيو ۽ ملڪ جو نئون بادشاهه شاهه شجاع الملڪ بن تيمور شاهه بنجي ويو. (افغانستان، اردو، ص 124-125) شاهه شجاع دراني، 4 نومبر 1785ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 5 اپريل 1842ع تي قتل ٿي ويو.
1783ع ۾ ڪلهوڙن جو راڄ ختم ٿيو ۽ سنڌ ۾ ميرن ٽالپرن جي صاحبي شروع ٿي، اڳ وانگر هاڻي به افغان حاڪم، خاص ڪري شاهه شجاع ميرن کي تنگ ڪري، خراج وصول ڪندو ٿي رهيو. اهو ئي دور آهي، جڏهن انگريز لاڳيتو هندستان کي فتح ڪندي، مغل بادشاهت کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا هئا. ٻئي طرف روس پنهنجي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ برابر فتوحات ۾ مصروف هو ۽ ڪيئي بادشاهتن کي ختم ڪري، نت نوان علائقا والاري رهيو هو. هاڻي روس جون اکيون ايران ۽ افغانستان ۾ هيون. انگريزن کي هن پيش رفت جو چڱيءَ طرح احساس هو. ان ڪري ڪلڪتي ۾ موجود گورنر جنرل لارڊ منٽو (1807ع- 1813ع) هڪ وفد ڪابل موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. وفد ۾ سر الفنسٽن ۽ مسٽر مٽڪاف شامل هئا. ان مشن کي واپاري وفد سڏيو ويو، پر حقيقت ۾ هي هڪ سياسي وفد هو. هي وفد 1809ع ۾ 25 فبروري کان 14 جون تائين، شاهه شجاع جو مهمان ٿي رهيو.
سال 1809ع ۾ شاهه شجاع ۽ انگريزن ۾ دوستيءَ جو معاهدو ٿيو هو. انگريزن جي سوچ هئي ته افغانستان ۾ هڪ اهڙو حاڪم هجي، جو انهن جي اشاري تي هلي. ان ڪري شجاع کي انگريزن صلاح ڏني ته هو ڀلي ڪابل تي حملو ڪري ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. شرط هي هوندو ته خرچ جو بندوبست انگريز نه ڪندا، ان لاءِ هو پاڻ ذميدار هوندو. البت ممڪن حد تائين انگريز هن جي مدد ڪندا. شاهه شجاع کي پنجاب مان گذرڻو هو، ان لاءِ هن رنجيت سنگهه سان لکپڙهه ڪئي. سک حڪمران موقعي جو فائدو وٺندو، ان جي بدلي شجاع کي پشاور جو خطو پنجاب جي حوالي ڪرڻو پوندو. 1832ع ۾ ايراني لشڪر خراسان ۾ داخل ٿي هرات تي قبضي جي ڪوشش ۾ مصروف هو. شاهه شجاع ان حملي کي روڪڻ ۾ سوڀارو ٿيو ته، هن کي ڪاميابيءَ جا وڌيڪ آثار ڏسڻ ۾ آيا. شاهه شجاع ڪوشش ڪري سنڌ جي ميرن سان به لاڳاپن کي درست ڪرڻ جي جستجو ڪئي.
منشي عطا محمد شڪارپوري ‘تاريخ تازه نوائي معارڪ’ (فارسي) لکي. ان ذريعي اسان کي افغانستان ۽ سنڌ جي حوالي سان گهڻو مواد ملي ٿو. مولانا اعجاز الحق قدوسي سڀ کان اول پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سندهه- جلد دوم‘ (اردو) ۾ منشي عطا محمد جي لکت کي سامهون رکي، شاهه شجاع جي باري ۾ گهڻو مطالعو پيش ڪيو آهي. هتي ڪي خاص نڪتا ڏجن ٿا:
جيتوڻيڪ شاهه شجاع جي حڪومت 1813ع ۾ ختم ٿي، پر هو ٻيهر بادشاهي وٺڻ لاءِ، مختلف حيلا بهانا ۽ طريقا استعمال ڪندو رهيو. شجاع بادشاهه بنيو ته هن سنڌ تي پنهنجو حق جتائيندي، پهريون ڀيرو 7-1806ع ۾ ڏن وٺڻ لاءِ شڪارپور جو رخ ڪيو. شڪارپور ۾ هن ’باغ شهزاده‘ ۾ قيام ڪيو. ميرن ٽالپرن، افغان حاڪم جي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. ميرن سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ شجاع کي ڪي ترغيبون ۽ مراعات به ڏيڻيون ڪيون. هڪ راءِ موجب ٽالپرن شاهه شجاع کي ويهه لک روپيا خراج طور ادا ڪيا. ٻيءَ راءِ هي آهي ته شاهه شجاع ڏهه لک روپيه وٺي، سنڌ کي ڇڏي ڪابل هليو ويو. ايندڙ چار سال هن اطمينان سان ملڪ تي راڄ ڪيو. (قدوسي، ص 612) شجاع 11-1810ع ۾ وري شڪارپور پهتو. ميرن سندس خراج بند ڪيو هو، ان جي وصوليءَ لاءِ هي مصيبت ٻيهر سنڌ تي نازل ٿي. منشي عطا محمد موجب، ڪابل جي لشڪر وزيراعظم سنڌ نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي اغوا ڪيو، تڏهن ميرن مجبور ٿي شاهه شجاع سان ڳالهيون ڪيون ۽ هن کي ججهي تعداد ۾ تحفا ڏنا ۽ ويهه لک روپيا ڏن پَٽ جا به ڏنا. ان بعد نواب ولي محمد خان کي آزاد ڪري شجاع ڪابل لاءِ روانو ٿيو. ان وقت ڪابل مان خون خرابي جا اطلاع ملي رهيا هئا. اميرن وزيرن شجاع کي هٽائي محمود شاهه کي تخت نشين ڪيو. (قدوسي، ص 612- 613) هي واقعو 1813ع ۾ پيش آيو. شاهه شجاع هن واقعي کان پوءِ هڪدم، لاهور ۽ لڌياني لاءِ روانو ٿيو، جيئن اڳ ۾ ئي مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي.
شاهه شجاع ٽيون ڀيرو شڪارپور تڏهن آيو، جڏهن پاڻ سردار محمد عظيم خان کان شڪست کاڌي. منشي عطا محمد ان واقعو جو سال نه لکيو آهي. البت شجاع جي سنڌ ۾ سرگرمين بابت گهڻو ڪجهه مواد ڇڏيو آهي. شڪارپور ۾ رهندي هن هتان جي آمدنيءَ جو جائزو ورتو، جو کيس (شجاع کي) تمام گهٽ ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ هو رياست خيرپور لاءِ روانو ٿيو. مير سهراب خان ۽ ٻين اميرن هن جي گهڻي خدمت چاڪري ڪئي. ان بعد شجاع حيدرآباد طرف روانو ٿيو. ان عرصي ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، تختگاهه کان ٻاهر شڪار لاءِ ويل هئا. ميرن کي اهڙو اطلاع مليو ته هڪدم حيدرآباد پهچي، شاهه شجاع سان ملي حالات معلوم ڪيائون. اميرن کي حڪم ٿيو ته ڪابل جي هن شهزادي جي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي. شجاع، ميرن کي اٽڪل سان ڦاسائي، دوستيءَ ۽ صلح جو پيمان ڪيو. هونئن ته شڪارپور اڃا افغانن جي قبضي ۾ هو، پر ڪي خاص علائقا خرچ پکي لاءِ، ميرن پاران شاهه شجاع کي ڏنا ويا. هي ڳالهه مير سهراب خان کي نه وڻي. ساڳي فرمائش مير سهراب کان به ٿي، پر هن ائين نه ڪيو، ڇو ته هو شجاع جي ڳالهين ۾ قيد ٿيڻ تي اڳ ۾ ئي، حيدرآباد جي ميرن حاڪمن کان خفا هو. هن جي نظر ۾ ائين ٽالپر ۽ سنڌ وڌيڪ مصيبت ۾ ڦاسندا. (قدوسي، ص 617- 619) اڳتي هلي واقعي ٿيو به ائين! شاهه شجاع ٻه سال شڪارپور ۾ رهي اتي جي عوام تي وڏا ظلم ڪيا. مال ڏوڪڙ جي ڦرلٽ ته ڪندو رهيو، پر شهر جي ڪنهن به عورت جي عزت محفوظ نه رهي. آخرڪار عوام بيزار ٿي ميرن کي مدد جي اپيل ڪئي. ميرن حاڪمن مجبور ٿي شاهه شجاع سان تعلق ٽوڙي، ڪابل ۾ موجود سرڪار سان واسطا رکڻ جي رٿابندي ڪئي. سيد محمد ڪاظم وڪيل ٿي ڪابل ويو ۽ اتي سردار عظيم خان سان گفتگو ڪئي. ميرن سردار عظيم جي سنڌ اچڻ جي صورت ۾ خرچ پکي جو ذمو به پاڻ تي کنيو. آخرڪار چاليهه پنجاهه هزارن جو لشڪر، ڪابل مان روانو ٿي قلات کان ڍاڍر پهتو. ميرن هي چالبازي ڪئي ته سردار عظيم ۽ شاهه شجاع کي پاڻ ۾ ويڙهائي، سنڌ کي آزاد ڪرائجي. مير ڪرم علي خان ۽ مير
مراد علي خان لشڪر سان حيدرآباد مان نڪتا ۽ لاڙڪاڻي ۾ اچي ميان شاهل محمد جي مقبري ۾ ٽڪاڻو ڪيو. سنڌ جو لشڪر به اتي ئي آسپاس ۾ رهيو. شاهه شجاع کي خبر پئي ته هو به لاڙڪاڻي طرف وڌيو. ٻئي طرف سردار عظيم ڪابل کان سفر ڪندو اچي ’ڀاڳ‘ (ڀاڳ ناڙي) ۾ منزل انداز ٿيو. هي واقعو 21-1820ع جو آهي. ڀاڳ پهچڻ سان ميرن کان ڳري رقم جو مطالبو ڪيو ويو، جا هو ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه هئا. ان هوندي ميرن اٽڪل بازي ڪندي، سردار عظيم کي راضي ڪري ورتو. جڏهن ته هاڻي شاهه شجاع کي به ميرن جي وفاداريءَ تي شڪ ٿيو. (قدوسي، ص 620- 630) هن صورتحال تي شجاع کي حيرت ۽ پريشاني ٿي ۽ هن سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ رلندو رلندو هُو درازا پهتو ۽ پوءِ خيرپور جي ميرن وٽ ڪي شيون ڇڏي لڌياني لاءِ روانو ٿيو. ان عرصي ۾ ميرن حاڪمن ۽ سردار عظيم ۾ ملاقات ٿي. سردار صاحب جي مان ۾ ميرن عاليشان دعوت ڪئي. ان سان گڏ هن کي بي شمار تحفا پيش ڪيا ويا، جن جي قيمت هڪ لک روپيه هئي. ان کان پوءِ سردار عظيم شڪارپور پهتو. هن اتي جي بندوبست کي ٺيڪ ڪيو. شير دل خان شڪارپور جو نئون ناظم مقرر ٿيو. ميرن حسب وعده سردار عظيم کي ٻارهن لک روپيا خراج ۽ خرچ پکي جا ادا ڪيا. ان کانپوءِ سردار صاحب سنڌ ڇڏي خراسان لاءِ روانو ٿيو.
هي اهو دور آهي، جڏهن پنجاب جي سک حاڪمن، ملتان تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ درياهه ٽپي اچي ڪوٽ مٺڻ کي والاريو. سکن جو ارادو هو ته اڳتي وڌي شڪارپور تي قبضو ڪجي. ڇو ته ان دور ۾ هن شهر جي واپاري اهميت تمام گهڻي هئي. حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي خان جو راڄ هو. علائقي جي بدليل حالتن کي ڏسي، ميرن شڪارپور تي قبضي جو فيصلو ڪيو. انهن کي انديشو هو ته اگر سک، هن شهر جا حاڪم ٿي ويا ته، انهن (ميرن) لاءِ وڏا مسئلا پيدا ٿيندا. چانڊڪا/ لاڙڪاڻي جي ناظم نواب ولي محمد لغاريءَ کي حڪم مليو ته، اڳتي وڌي ڪنهن به طرح شڪارپور تي قبضو ڪري اتي ٽالپرن جي عملداري بحال ڪجي، ۽ هي علائقو افغانن جي قبضي مان ڇڏائجي. نواب صاحب کي ان ۾ سوڀ حاصل ٿي. هي واقعو 1823ع (۽ 1824ع) جو آهي.
سن 1828ع ۾ مير ڪرم علي خان فوت ٿيو. ان بعد هن جو ڀاءُ مير مراد علي خان ٽالپر حاڪم ٿيو. سنڌ جي ٽالپري دور ۾ وزيراعظم نواب ولي محمد خان وڏي اهميت وارو امير ٿي گذريو. نواب صاحب ٽي سال پوءِ 1831ع ۾ وفات ڪئي. ان کانپوءِ ميرن جي حاڪميت ۾ ڪو گهڻو دٻدٻو ۽ شان شوڪت نه رهي. خطي جا حالات به تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيا هئا.
شاهه شجاع اڃا به حڪومت وٺڻ لاءِ آتو هو. ان لاءِ هو لڌياني ۽ لاهور جي وچ ۾ چڪر هڻي رهيو هو. سن 1832ع ۾ مير مراد علي خان، شاهه شجاع کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني، جيتوڻيڪ خيرپور جا مير، شاهه شجاع جي معاملي ۾ سخت گير پاليسي رکندڙ هئا، پر حيدرآباد جي ميرن جي ظاهر ۾ مخالفت نه ٿي ڪري سگهيا. خيرپور جي اهلڪارن کي خطرناڪ نتيجن جو امڪان ڏسڻ ۾ پي آيو. شاهه شجاع لڌياني مان نڪري اچي شڪارپور پهتو. ان دور ۾ ٽالپرن جي پهرين چوياريءَ جو آخري رڪن، مير مراد علي خان فوت ٿيو. هي واقعو 1833ع ۾ پيش آيو. هن واقعي جو ٻڌي شجاع کي رنج پهتو ۽ نئين حڪمران مير نور محمد خان کي تعزيتي خط لکندي، خراج ۽ سفري خرچ پکي جو مطالبو به پيش ڪيو. مير نور محمد ٽال مٽول ڪئي ته معاملا بگڙڻ شروع ٿيا. ان حالت ۾ ميرن جا عملدار ’شڪارپور‘ مان ڀڄڻ شروع ٿي ويا. ان ريت شڪارپور کان سکر تائين افراتفري پکڙجي وئي. شاهه شجاع ۽ ميرن ٽالپرن هڪ ٻئي کي ڏوراپا به ڏنا پي ته، پنهنجي ليکي ويڙهه جي تياري به ڪئي پي. آخر 1834ع ۾ سکر جي ڀرسان ‘کرڙي’ نالي ميدان تي ٻئي ڌريون، هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون. خيرپور جي ميرن جو لشڪر جنگ ۾ پيش پيش هو. ٻئي طرف شاهه شجاع پنهنجي لشڪر جو مهندار سمندر خان کي مقرر ڪيو. گهمسان جي جنگ لڳي، جنهن ۾ ٽالپرن جا ڪيئي جوڌا ڪم آيا. ليڪن پوءِ به سمندر خان کي سوڀ حاصل ٿي. خيرپوري لشڪر مان بچي ويل سپاهين، ٻيڙين ۾ چڙهي روهڙيءَ پهچي جان بچائي. (قدوسي، اردو، ص 664- 669)
هن سوڀ تي شاهه شجاع جو سپهه سالار سمندر خان ڏاڍو خوش ٿيو. مقابلي کان پوءِ پاڻ شجاع سان ملڻ لاءِ شڪارپور روانو ٿيو. جنگ ۾ هٿ ڪيل ڦرلٽ جو سامان، هاٿين تي لڏي آندو ويو. جنهن کي ڏسي شهزادو تمام گهڻو سرهو ٿيو. افغانن جنگ ۾ مارجي ويل ٽالپري لشڪر جي سپاهين کان هر قيمتي چيز لاٿي، جنهن ۾ سون ۽ چاندي، قيمتي تلوارون، عاليشان شالون، لوئيون ۽ ٽوپيون به شامل هيون. حيدرآباد جي ٽالپرن کي هي خبر ملي ته وڏي لشڪر سان، تختگاهه ڇڏي لاڙڪاڻي طرف روانا ٿي ويا. ٻيڙين جو وڏو تعداد به پاڻ سان وٺي ويا ته، شڪست جي صورت ۾ ميدان جنگ مان نڪرڻ ۾ آساني ٿئي. شاهه شجاع کي ميرن جي چرپر جي خبر پئي ته، هن به افغان لشڪر کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. ميرن مدئجي پهچي شاهه شجاع سان خط و ڪتابت شروع ڪئي. ان مقصد لاءِ پير نظام الدين ۽ پير محي الدين سرهنديءَ کي اڳتي آندو ويو. پير صاحبان معاملي کي ٿڌو ڪيو. ان بعد امير خان کوکر'>بهادر خان کوکر کي ڳالهين لاءِ شجاع ڏي موڪليو ويو. سمندر خان ۽ کوکر جا پاڻ ۾ سٺا لاڳاپا هئا. خان کوکر'>بهادر خان کوکر ۽ سمندر خان گڏجي شجاع سان مليا. ڳالهين ذريعي هن ريت معاملي کي اڪلايو ويو. ٽالپر مير افغانن جي سفر لاءِ پنج سؤ اٺ ۽ پنج لک روپيه خراج ۽ رستي جي خرچ جا ڏيندا. ان کان سواءِ کوکر خان هڪ سؤسوارن جي دستي سان، قنڌار تائين شاهه شجاع سان گڏ هلندو. (قدوسي، اردو، ص 669- 671) ان کان پوءِ شجاع خراسان روانو ٿي ويو. ان بعد حيدرآباد ۽ خيرپور جا مير پنهنجن ماڳن ڏي روانا ٿيا. شجاع قنڌار پهچي امير دوست محمد خان سان جنگ ڪئي، پر شڪست کائي وري لڌياني پهچڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيو. افغان سرحدن مان نڪري گنجابي پهتو. سمندر خان به شجاع سان گڏ هو. اچانڪ هو بيمار ٿيو ۽ سبيءَ ۾ فوت ٿيو. سمندر جي موت سان شجاع کي وڏو صدمو پهتو. شجاع الملڪ روجهاڻ پهتو ته ميرن پاران شڪارپور جو ناظم سيد محمد تقي، شجاع سان جنگ ڪرڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. ڇو ته کرڙيءَ جي جنگ ۾ محمد تقيءَ جو ڀاءُ محمد ڪاظم شاهه مارجي ويو هو. شجاع سنڌ طرف وڌندو پي آيو. البت سيد محمد تقي ناڪام ۽ مايوس ٿي واپس شڪارپور موٽي آيو. شاهه شجاع رلندي ڦرندي لاڙڪاڻي پهتو، جتي سيد ڪاظم شاهه جو والد مير اسماعيل شاهه مختيارڪار هو. اسماعيل شاهه پٽ جي شهادت جي ڪري شجاع سان سخت نفرت سان پيش آيو. ليڪن ميرن ٽالپرن جي حڪم ملڻ سان، هن اڳتي وڌي شاهه شجاع جي آجيان ۽ مهمان نوازي ڪئي. ميرن جي حڪم سان اسماعيل شاهه، شجاع کي پاڻ سان گڏ حيدرآباد وٺي آيو. شجاع ميرن کان بکر جي قلعي ۽ شڪارپور جي حوالگيءَ بابت گفتگو ڪئي. ليڪن ميرن هي مطالبا نه مڃيا ۽ افغان شهزادي کي صلاح ڏني ته، في الحال هو لڌياني ڏي روانو ٿئي. بعد ۾ سندس مطالبن تي غور ڪيو ويندو. هن کي خرچ پکي لاءِ ڪجهه رقم به ڏني وئي. ٽن سالن کان پوءِ شجاع خط لکي ميرن کان مٿي ذڪر ڪيل علائقا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ميرن ان طرف توجهه نه ڏنو. (قدوسي، اردو، ص 671- 675) شجاع کي خراسان حاصل ڪرڻ جي وڏي تڙپ هئي. ميرن کان مايوس ٿي هن انگريزن کي مدد لاءِ چيو. انگريزن شاهه شجاع جي مدد لاءِ، هرات جي حاڪم شاهه محمود کي مجبور ڪيو. هن کي چيو ويو ته ڪابل ۾ حڪومت ڪندڙ بارڪزئي خاندان جي خلاف اڳتي وڌي. 1836ع ڌاري امير دوست محمد خان، امير المؤمنين جو لقب اختيار ڪيو. هو افغانستان ۾ اهم تبديلين جي خيال سان اڳتي وڌيو. پر انگريز شاهه شجاع کي ڪابل جي تخت تي وهارڻ لاءِ سرگرم هئا. 1839ع ۾ سر جان ڪين جي قيادت ۾ انگريزي لشڪر بمبئي کان روانو ٿي، سنڌ مان لنگهندي ڪوئيٽا پهتو. شاهه شجاع به لشڪر سان گڏ هو. اپريل 1839ع ۾ شاهه شجاع کي قنڌار جو حاڪم بنايو ويو. آگسٽ 1839ع ۾ شجاع هڪ فاتح جي روپ ۾ ڪابل ۾ داخل ٿيو. ڪابل جي عوام هن کي ناپسند ڪندي، نئين تبديليءَ کي قبول نه ڪيو. امير دوست محمد خان لاءِ عوام وٽ گهڻو احترام هو، جنهن تيرهن سال (1826ع- 1839ع) بادشاهي ڪندي، افغانن کي متحد به ڪيو ته امن ۽ احترام به ڏنو. ملڪ جا وسيلا گهٽ هئا، ان ڪري انگريز مجبور هئا ته، آخر ڪيسين هو شاهه شجاع کي سنڀاليندا! شهزادو اڪبر خان (ولد امير دوست محمد خان)، شجاع جي خلاف محاذ جي تياريءَ ۾ مصروف هو. آخرڪار افغانن متحد ٿي ڪابل ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. انگريز عملدار ميڪناٽن ۽ قوم پرستن ۾ مذاڪرات ٿيا. انگريزن کي مجبور ڪيو ويو ته هو ملڪ ڇڏي وڃن. قوم پرستن سفير ميڪناٽن کي ان وقت قتل ڪيو، جڏهن هو اڪبر خان جي ٻانهن جهلي کيس بچائڻ لاءِ چئي رهيو هو. لارينس ۽ ميڪنزي گرفتار ڪيا ويا، جي پڻ انگريزي لشڪر سان گڏ هئا. انگريزي فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل ايلفنسٽائن ۽ اڪبر خان ۾ هڪ ٺاهه طئه ٿيو، ان تحت انگريزي فوج کي حفاظت سان ملڪ ڇڏڻ جو موقعو ڏنو ويو. ان وقت افغانستان ۾ 4500 انگريز لشڪر موجود هو. انهن ۾ 690 يورپي فوجي هئا، باقي سپاهي هندستاني هئا. فوج کان هٿيار کسي هندستان وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. انگريزن ساڍا ڇهه لک روپيه افغانن کي ڏنا ۽ وڌيڪ رقم جو مطالبو نه ڪيو. عورتن ۽ ٻارن جي حفاظت جي ذميداري خود اڪبر خان پاڻ ڪرڻ جو واعدو ڪيو. سن 1841ع جي سرديءَ جي موسم ۾ فوج جي واپسي شروع ٿي. ان لاءِ جلال آباد وارو رستو طئه ٿيو. سخت برفباري، حالتن جي خرابي ۽ قوم پرستن پاران شروع ڪيل گوريلا جنگ جي ڪري، انگريزي فوج رستي ۾ تباهه ٿي وئي. صرف هڪ انگريز نوي ميل پنڌ ڪري افغان حدن مان نڪري سنڌو ماٿر ۾ پهتو. ان جو نالو ڊاڪٽر وليم برائيڊن هو. انگريزن کي ننڍو کنڊ فتح ڪندي ڪٿي به ايڏو وڏو نقصان نه پهتو، جيترو نقصان ۽ خواري افغانستان ۾ ٿي. هاڻي شاهه شجاع بلڪل اڪيلو هو، جنهن کي بچائڻ لاءِ ڪو به موجود نه هو. جان بچائڻ لاءِ پاڻ ڪابل مان ڀڄي نڪتو. 04 اپريل 1842ع تي قوم پرستن، هن کي مزار شريف جي ويجهو قتل ڪيو. ان وقت هن جي عمر 65 سال هئي. چون ٿا ته سندس شاعري ڀلوڙ آهي، جا فارسي ۽ پشتو ٻولين ۾ موجود آهي. (افغانستان، اردو، ص 130- 136) شجاع 1803ع ۾ ڪابل ۾ تخت نشين ٿيو ۽ ڏهن سالن کان پوءِ 1813ع ۾ معزول ڪيو ويو. ليڪن سنڌ جي لاءِ شجاع ابتدا کان وٺي قتل ٿيڻ تائين (1842ع)، هڪ وبال ۽ مصيبت جي طور نمودار ٿيو. ڪيئي ڀيرا سنڌ تي حملي آور ٿيو، ڦرلٽ ڪيائين، لکن جي حساب سان ميرن کان ڪيئي موقعن تي ڏن ورتائين، هِتي جي امن ۽ انتظام کي برباد ڪيائين، ۽ نياڻين جون عزتون لٽيائين. سنڌ لاءِ هي انتهائي ڏکيو دور برابر چاليهه سال جاري رهيو.
سنڌ جي مشهور شاعر خليفي نبي بخش صاحب پنهنجي رسالي ۾ تاريخي جنگ کرڙي کي ڏاڍو ڳايو آهي. سندس هڪ شعر آهي:
کرڙي کائي رَت، ڀَت نه وجهي وات ۾،
پِڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پَرکي پَتِ،
جَني نيڻ نِست، نينهن نه لائي تَن سين!
1758.11.04 عيسوي
شاهه شجاع دراني، 4 نومبر 1785ع ۾ پيدا ٿيو
1842.04.05 عيسوي
شاهه شجاع دراني 5 اپريل 1842ع تي قتل ٿي ويو.