شاهه شمس سبزواري ملتاني رح

شاهه شمس سبزواري ملتاني رح

شاهه شمس سبزواري ملتاني رح

شاهه شمس سبزواري ملتاني رح (560 هه/ 1165ع-675 هه/ 1276ع): حضرت پير شمس سبزواري ملتانيرح، 12 ۽ 13 صديءَ عيسويءَ ۾، هڪ اسماعيلي داعيءَ ۽ صوفي بزرگ جي حيثيت ۾، اُن وقت تاريخ جي اُفق تي نمودار ٿيو، جڏهن عالم اسلام ۾ مطلق العنان (Dictator) حاڪم موجود هئا.
پير شمس، پير صلاح الدين محمد ‘نور بخش’ جو فرزند هو. سندس والد بزرگ به اسماعيلي عقيدي سان تعلق رکندو هو، جنهن کي اسماعيلي عقيدي جي، اُن وقت جي ستاويهين امام، سيد شمس الدين محمد زردوزي، پير جو خطاب ڏيئي، ايران جي شهر آذربائيجان مان، اسماعيلي عقيدي جي دعوت ڏيڻ لاءِ هندستان موڪليو. پير صلاح الدين محمد، ايران مان، بلتستان، بولورستان ۽ ڪشمير آيو، ۽ اُن خطي ۾ پنهنجي سڃاڻپ، ‘نور بخش’ جي نالي سان ڪرايائين. انهيءَ علائقي ۾ هن، ماڻهن کي اسماعيلي طريقي جي دعوت ڏني. هن وقت به اُن خطي ۾ ‘نور بخشي’ فڪر جا بيشمار ماڻهو آباد آهن، پر اُهي هاڻي اسماعيلي نه آهن. پير صلاح الدين، فارسي زبان جو وڏو شاعر هو. سندس ڪلام جو مجموعو، ‘ڪلام پير’ جي نالي سان اڄ به اسماعيلي جماعت وٽ موجود آهي.
حضرت پير شمس رح جي والده جو نالو فاطمه هو، جيڪا سيد عبدالهاديءَ جي نياڻي هئي. پير شمس جي شادي، سندس مامي، سيد جلال الدين جي نياڻيءَ، بي بي حافظه جمال سان ٿي.
پير شمس رح جي نسب جو سلسلو، حضرت امام جعفر الصادق عه جي معرفت، سيدنا امام علي المرتضيٰ عه سان ملي ٿو. سندس شجري جي باري ۾ مختلف ماهرن، مختلف رايا ڏنا آهن، پر سندس صحيح ۽ مستند شجرو، ملتان ۾، ‘سورج مياڻيءَ’ واري علائقي ۾ موجود، سيد علي اڪبر جي روضي جي گنبذ جي چوڌاري، مٿي، ڪاشيءَ جي سرن تي لکيل اڄ به موجود آهي. سيد علي اڪبر، رشتي ۾، پير شمس سبزواريءَ جي تڙ پوٽي، پير حسن ڪبيرالدين بن پير صدرالدين جو فرزند هو. مذڪوره شجرو هن ريت آهي:
سيد علي اڪبر بن سيد حسن ڪبيرالدين بن سيد صدرالدين بن سيد شهاب الدين بن سيد نصير الدين بن سيد شمس الدين بن سيد صلاح الدين محمد بن سيد اسلام الدين بن سيد مومن شاهه بن سيد حال الدين بن سيد مشتاق بن سيد احمد بن سيد هاشم بن سيد محمد بن سيد هادي بن سيد غالب بن سيد عبدالجمال بن سيد منصور بن سيد صالح بن سيد امام الدين بن سيد محمد بن سيد اسماعيل بن امام جعفر الصادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين عھ بن امام علي المرتضيٰ عليھ السلام.
پير شمس جي خاندان جي هڪ بزرگ، سيد هاشم بن سيد احمد هادي، يمن کان پهرين قاهره ۽ پوءِ قاهره کان ايران جي شهر سبزوار ۾ اچي، رهائش اختيار ڪئي. حضرت شاهه شمس سبزواري، اُن خاندان جو هڪ بزرگ آهي. (حوالو: نورُ مبين، ص 482-481)
پير شمس سبزواري رح جي جنم جو هنڌ، خُراسان پرڳڻي جي شهر نيشاپور جي اولهه ۾، هڪ سؤ ويهه کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، شهر سبزوار ڄاڻايو ويو آهي. سندس جنم جي تاريخ به ڪافي مبهم رهي آهي. سندس مقبري ۾، سندس جيڪو شجره نسب نقل ٿيل آهي، اُن موجب پير شمس جي ڄمڻ جو سال، 560هه مطابق 1165ع آهي. مقبري جي هڪ ديوار تي سندس وفات جو سن 757هه مطابق 1365ع لکيل آهي، جيڪو تڪراري سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته ملڪ جا عالم، اُن ڳالهه تي متفق آهن ته پاڻ 115سالن جي ڄمار جو هو. ان موجب سندس وفات جو سال 675هه مطابق 1276ع ٿئي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا به پنهنجي ڪتاب Ismaili Movement in Sindh, Multan and Gujrat ۾ پير شمس جي ڄمڻ جو سال، ساڳيو ئي يعني 560هه مطابق 1165ع ڄاڻايو آهي. ڪتاب ‘تاريخ آئمه اسماعيليه’ (حصه سوم) ۾، پير شمس جو جنم، 17 رجب 642 هه مطابق 17 ڊسمبر 1244ع ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته ٻين روايتن موجب، سندس ولادت 17 رجب 560هه مطابق 30 مئي 1165ع ڄاڻائي وئي آهي. سندس مقبري ۾ نقل ٿيل اها تاريخ، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڄاڻايل سال سان مطابقت رکي ٿي.
پير شمس، پنهنجي والد بزرگ کان سواءِ پنهنجي چاچي عبدالهادي غزنويءَ (جيڪو مراڪش جي شاهه جو پوٽو هو) کان، ديني ۽ دنيوي تعليم ورتي. هنن کيس، تفسير، فقھ، حديث ۽ ٻيا ظاهري علم به چڱيءَ ريت پڙهايا. پير شمس، 19 سالن جي عمر ۾، سن 579هه ۾، پنهنجي والد بزرگ سان گڏ، اسماعيلي طريقي جي دعوت جي سلسلي ۾ پهرين بدخشان ويو. اُتان پوءِ تبت (Tibet) وڃي اُتي ماڻهن کي اسماعيلي عقيدي ۾ شامل جي دعوت ڏنائين. اُنهن ئي علائقن ۾، اُن زماني جي اٺاويهين امام، سيد قاسم شاهه کيس پير جو خطاب ڏيئي، اسماعيلي عقيدي جي دعوت ڏيڻ لاءِ حڪم فرمايو. اُن زماني ۾، امام سيد شمس الدين محمد وفات ڪري چڪو هو.
اُن علائقي ۾، ڪجهه عرصي لاءِ دعوت جي ڪم کان پوءِ، پير شمس پنهنجي وطن، سبزوار واپس آيو. اُتي مختصر قيام کان پوءِ، هو اسماعيلي طريقي جي دعوت ڏيڻ لاءِ تبريز ويو، جنهن ڪري اڪثر ماڻهو کيس ‘تبريزي’ چوڻ لڳا. پير شمس، ڪجهه عرصي لاءِ تبريز، عراق، عرب ۽ مصر ۾ به اسماعيلي طريقي جي دعوت جو ڪم ڪيو. اُن ئي زماني ۾، 604هه/ 1207ع ۾، عباسي حڪومت جي ڪن ڪارندن، پير شمس جي والد بزرگ، پير صلاح الدين محمد کي، سندس عقيدي جي ڪري شهيد ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ خبر ملڻ تي پير شمس، پنهنجي والد جي تدفين وارين رسمن جي ادائگيءَ لاءِ وطن موٽي آيو، ۽ تدفين جي رسمن جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بغداد هليو ويو، پر اُتي جي عالمن جي مخالفت سبب، ۽ وقت جي قاضيءَ جي حڪم تي هو، بغداد مان نڪري ويو ۽ ڪاظمين وڃي پهتو. اُتان پوءِ هندستان جو رخ ڪيائين، ۽ ديبل (سنڌ) رستي، عمر جي آخري حصي ۾، ملتان آيو ۽ اُتي اسماعيلي طريقي جي دعوت جو ڪم جاري رکيائين.
ڪن مؤرخن ڄاڻايو آهي ته شيخ بهاءُ الدين ذڪريا (وفات: 1262ع)، اُن زماني ۾، ملتان ۾، قاضي القضاة جي عهدي تي فائز هو. شيخ بهاءُ الدين زڪريا کي، پير شمس جي عقيدي جي فرق سبب، ملتان ۾ سندس آمد ناگوار گذري. ڪتاب آئمه اسماعيليه، حصي سوم ۾ ڄاڻايل آهي ته پير شمس جي شيخ بهاءُ الدين زڪريا سان ملاقات ٿي هئي، پر حقيقت ۾ پير شمس جي گنانن جي مطالعي مان اهو واضح ٿو ٿئي ته پير شمس جي شيخ بهاءُ الدين زڪريا سان نه، پر اُن بزرگ جي ٻن فرزندن، شيخ صدرالدين ۽ شيخ رڪن الدين سان ملاقات ٿي هئي.
هي نقطو به تمام گهڻو اهم آهي ته ڪن مؤرخن، امام شمس الدين محمد، پير شمس سبزواري (وفات: 1276ع) ۽ مولانا روميءَ (وفات: 672هه/ 1273ع) جي اُستاد ۽ روحاني مرشد، شمس تبريزي (وفات: 645هه/ 1247ع) کي هڪ ئي شخص ڄاڻايو آهي، پر حقيقت ۾ اِهي ٽيئي بزرگ، ڌار ڌار شخصيتون هيون.
امام شمس الدين محمد، اسماعيلي عقيدي جو ستاويهون امام هو. شاهه شمس سبزواري، اهو بزرگ هو، جنهن کي امام شمس الدين محمد جي فرزند ۽ اسماعيلي عقيدي جي اٺاويهين امام، سيد قاسم شاهه ’پير‘ جو خطاب ڏيئي، اسماعيلي عقيدي جو داعي مقرر ڪيو هو، ۽ شمس تبريزي بزرگ (وفات: 645هه/ 1247ع)، اسماعيلي عقيدي جي چوويهين امام، سيدنا جلال الدين حسن (وفات: 618هه/ 1221ع) جو ننڍو فرزند، ۽ اسماعيلي عقيدي جي پنجويهين امام، حضرت علاؤالدين محمد (وفات: 653هه/ 1255ع) جو ننڍو ڀاءُ هو. هو دنيا جي مشهور صوفي، مولانا جلال الدين روميءَ (وفات: 672هه/ 1273ع) جو اُستاد ۽ روحاني مرشد هو. امام جلال الدين حسن، تصوف طرف مائل هو ۽ باطني تصوف جو بنياد رکيو هئائين. صوفياڻيون مجلسن، محفلن ۽ ذڪر فڪر لاءِ خانقاهون قائم ڪيون هئائين. شمس تبريزي به باطني تصوف جو صوفي چيو وڃي ٿو.
پير شمس ملتان کان سواءِ، سرائڪي خطي جي ڪيترين وسندين ۾، هندن جي ڪيترين اُوچين ۽ هيٺين جاتين کي، دعوت ڏيئي، اسماعيلي عقيدي ۾ شامل ڪيو. سنڌ، سرائڪي خطي، ڪڇ ۽ گجرات جا لوهاڻا، ڀاٽيا، کتري، سونارا، برهمڻ ۽ هندن جون ٻيون جاتيون، پير شمس جي دعوت تي سندس مريد بڻيون. پير شمس، پنهنجي تبليغي واٽ کي ’ست پنٿ‘ (صراط المستقيم) سڏيو.
پير شمس، اُتان پوءِ، پهرين اُچ شريف ويو ۽ پوءِ هيٺ ڏکڻ طرف سنڌ ۾، لاڙ طرف سامونڊي ساحل وارين وسندين ۾ به ويو. اهو سربستو احوال، سندس گنانن ۾ بيان ٿيل آهي.
‘خزينة الاصفياءَ’ ۾ ڄاڻايل آهي ته پير شمس، ملتان جي آسپاس، ڪنڀرن، سونارن ۽ هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ٻين جاتين ۾، پنهنجي عقيدي جو پرچار ڪيو، ۽ اُنهن مان وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي اسماعيلي طريقي ۾ آندائين، جيڪي ‘شمسي’ سڏيا ويا. اهو نوٽ ڪرڻ گهرجي ته اڄ به پنجاب، سرائڪي خطي ۽ خيبر پختونخوا جي سرائڪي ڳالهائيندڙ خطي ۾، پير شمس جي هٿ تي بيعت ڪري اسماعيلي عقيدو اختيار ڪرڻ وارن ماڻهن کي ‘شمسي’ يا ‘شيخ’ سڏيو ويندو آهي، جن جي ابن ڏاڏن، پير شمس جي هٿ تي بيعت ڪري اسلام قبول ڪيو هو، پر ‘شمس مت’ اسلام جو ڪو ڌار فرقو نه آهي. پير شمس جا اُهي سڀ پوئلڳ، اڄ به نزاري اسماعيلي شيعا مسلم عقيدي کي مڃيندڙ، ۽ وقت جي اسماعيلي امام جا پوئلڳ رهندا اچن. اِهي سڀ ماڻهو، هن وقت، اسماعيلي عقيدي جي موجوده، اوڻونجاهين امام، هزهائنس شاهه ڪريم الحسيني، آغا خان چوٿين جا پوئلڳ آهن، جن کي شيعه اسماعيلي مسلمان سڏيو ويندو آهي.
اهو به نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته موجوده پنجاب، راجسٿان ۽ سنڌ جون ڪيتريون غير مسلم جاتيون، جهڙوڪ: جهانگلي، مهيشوري، ميگهواڙ ۽ جوڳي جاتيءَ وارا، پير شمس کي پنهنجو ‘گر ديو’ سمجهندا آهن ۽ هن بزرگ کي ‘شمس رشي’ جي لقب سان خطاب ڪندا آهن، ۽ پير شمس جي واٽ کي ‘شمس مت’ چوندا آهن. مطالعي مان اهو به معلوم ٿو ٿئي ته پير شمس جي هڪ ڀڳت ‘رام ڏيو’، گجرات ۽ سنڌ ۾، پير شمس واري پنٿ، يعني ‘ست پنٿ’ (صراط المستقيم) کي پکيڙيو. سنڌ جي شهر، ٽنڊي الهيار ۾، اُن ‘رام ڏيو’ جو آستان اڄ به موجوده آهي.
اهڙيءَ طرح راجسٿان جا ‘نياري’ (اصل ۾ نزاري) به پاڻ کي پير شمس جا پوئلڳ سڏائيندا آهن. ساڳيءَ طرح بيڪانير، جوڌپور ۽ ناگپور طرف به پير شمس جا ڪي مريد رهندا آهن. سروڻ قبيلي جي هڪ صوفي عورت، ‘جيجي ديوي’ به پير شمس جي مريدياڻي هئي. پير شمس رح لاءِ، تاريخن ۾ اهو به اچي ٿو ته هُو غزنيءَ به تبليغ لاءِ ويو هو، جتي هن هڪ عورت، ‘ايمڻا ٻائيءَ’ کي پنهنجي طريقي ۾ داخل ڪيو، ۽ غزنيءَ جي حاڪم جي پٽ کي اسماعيلي عقيدي ۾ آڻي، سندس نالو ‘سڀاڳو’ رکيائين، جنهن جو ذڪر، سندس سرائڪي ٻوليءَ جي ٻن گنانن ۾ موجود آهي.
پير شمس جي مذهبي سکيا ۾، ’انسان دوستيءَ‘، ’مذهبي رواداريءَ‘، ’ذات پات جي ڀيد ۽ ڀاءَ کان نفرت‘، ’هر انسان کي پاڻ جهڙو سمجهڻ‘ ۽ ’انسان شناسيءَ جون ڳالهيون‘ سمجهايل آهن. هن تصوف، ويدانت، ڀڳتي مت ۽ ناٿ پنٿ جي سکيا کي، پنهنجيءَ سکيا جو حصو بنايو. اهو ئي سبب هو، جو هندومت جا اوچي توڙي هيٺئين طبقي جا هزارين ماڻهو، سندس طريقي ۾ اچڻ لڳا.
پير شمس جي گنانن جي تفصيلي مطالعي مان اهو به معلوم ٿو ٿئي ته هن بزرگ، گجرات رياست جي، احمدآباد شهر جي ويجهو،
‘اَنل واڙه’ بستيءَ ۾، ديوي ماتا ڀوانيءَ جي مندر ۾ ڪافي عرصو گذاريو. ماتا ڀوانيءَ جي مندر ۾ هو ديوي ماتا جي مورتيءَ جي چوڌاري، ٻين ياترين سان گڏ ‘گربي ناچ’ نچندو هو ۽ گربيءَ جا گيت به ڳائيندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ پير شمس پڻ اُنهن گربي گيتن جي اوٽ تي، پنهنجا ‘گربيءَ جا گنان’ جوڙيا، ۽ مندر ۾ گربي ناچ نچندي، گربيءَ جا گنان ٻوليندو هو. اهڙن گنانن جو ڪل تعداد 28 آهي.
ملتان شهر جي ماڻهن جي ڪن مُلن ۽ مولوين جي مخالفت کانپوءِ پير شمس، ملتان جي پسگردائيءَ واري علائقي ۾ وڃي رهيو، ۽ پنهنجي انهيءَ رهائش واري هنڌ تي ئي وفات ڪيائين، جتي پاڻ، ملتان ۾ پهريون ڀيرو سندس آمد وقت، قديم درياهه جي اُڀرنديئين ڪناري تي قيام ڪيو هئائين. پير شمس، پنهنجي وقت جو، نه فقط هڪ وڏو صوفي بزرگ هو، پر هُو هڪ وڏو شاعر پڻ هو. سندس ڪلام کي ’گنان‘ سڏيو ويو آهي. هن پنهنجا گنان، سنڌو ماٿريءَ جي ٻولين- سنڌي، هندي، پوربي، گجراتي، پنجابي ۽ سرائڪيءَ ۾ جوڙيا. سندس اڪثر گنانن جي ٻولي گاڏڙ آهي.
مطالعي مان ائين به معلوم ٿئي ٿو ته پير شمس، انهن سڀني ٻولين جو اوائلي شاعر هو. سندس ڪلام، لوڪ موسيقيءَ جي ڍار تي آڌاريل آهي. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته پير شمس جا گنان، شاعريءَ جي گهاڙيٽي جي لحاظ کان، دوها، ڪافي، وائي ۽ جهُولڻي جي صنفن وانگر ئي آهن. نقادن جو اهو به خيال آهي ته هن بزرگ جا گنان، ڪافي، وائي ۽ جهولڻن جي اوائلي ۽ آڳاٽي گهاڙيٽي ۾ چيل آهن. بلڪ ائين به چئي سگهجي ٿو ته هي بزرگ، انهن صنفن جو اوائلي ۽ پهريون شاعر هو. انهيءَ موضوع تي، ابتدائي اڀياس، ’گنان شناسي‘ ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي.
اڳ ۾ چيو ويو آهي ته پير شمس جي ڪلام جا خاص موضوع، تصوف ۽ انسان شناسي آهن. سندس گنانن ۾، هندومت، ويدانت، ڀڳتي مت ۽ ناٿ پنٿ جي سکيا وارا موضوع بيان ڪيا ويا آهن. مثال طور پنهنجي هڪ گنان ۾، پير شمس هندو ڌرم کي، اسلامي رنگ ۾ هن ريت سمجهايو آهي.
ست شبد هي گرو همارا،
تاڪون لکي نه يو سنسارا،
جتي مانيو علي اوتار...
اهڙيءَ طرح، تصوف جي پريم مارگي طريقي کي، پنهنجي هڪ ٻئي گنان ۾ هن طرح بيان ڪيو اٿس. (هن گنان جا ڏهه بند (پاٺ) آهن، پر نموني طور هت فقط پنج بند مطلع سميت پيش ڪجن ٿا):
اي جي!
اب تيري محبت لاگي،
دل ۾ ري محبت لاگي، ميري صاحب!
نئنون سي نئن ملاوو، ميري صاحب!
اب تيري محبت لاگي.
اي جي!
کولو پردا، سنمُک ديکو،
هنس هنس مُک دکلاوو، ميري صاحب!
اب تيري محبت لاگي.
اي جي!
تيري صورت ڪا پير شمس پياسا،
درشن دان دلاوو، ميري صاحب!
اب تيري محبت لاگي.
اي جي!
هم سون رس نه ڪريئي او پيارا،
هم ڪون سنگ چلاوو، ميري صاحب!
اب تيري محبت لاگي.
اي جي!
مُکڙا ديکيا تب من هرکيا،
پير شمس ڪنٿي سڻايا، ميري صاحب!
اب تيري محبت لاگي.
سنڌي گنان: پير شمس، سنڌي ٻوليءَ جي ڪڇي لهجي جي پراڻي انداز ۾ به گنان جوڙيا. نموني طور، سندس اُن گنان جا ڪي پاٺ هيٺ پيش ڪجن ٿا:
جي ري ويران!
ميٺڙوُن آئين ٻولو، ويرا، نَمي کَمي هو يار چالو،
مت ڇوڙيو ست ڌرم سون نيهه ... هو جي! او جي!
جي ري ويران!
ڪاڇي هي ڪايا، تين جو گيرڀ نه هو يار ڪيجي،
سو تو آج ڪل ڍڙي ڍڙي پڙشي ڍيهه .... هو جي! او جي!
جي ري ويران
ماٽي هي مٽڙي، مٽي رڙي ڀڙي هو يار جائيسي،
اي تو جائيسي هو ڪَڻڪو ورڻي هي ديهه... هو جي! او جي!
جي ري ويران!
نر جي ڀر ساڏي، پير شمس هو يار ٻوليا،
اي تو جِيوَڙي هو پنڊيئڙي سگپڻن ڪئسا... هو جي! او جي!
پير شمس، سرائڪي ٻوليءَ ۾ به گنان جوڙيا. نموني طور، سندس سرائڪي گنان جا ٽي پاٺ، هيٺ پيش ڪجن ٿا. انهيءَ گنان ۾ هُو پنهنجي ڪردار ’سڀاڳا‘ کي مخاطب ٿيو آهي. مثال طور:
اي سڀاڳا!
اس دنيا دي وچ ڪيا گهن آوئي،
ڪيا گهن وَئسي نال .... سڀاڳا!
اي سڀاڳا!
نانگو تُون آئيو، نانگو تون وئسي،
ڪر گهن وڻج ويپار..... سڀاڳا!
اي سڀاڳا!
ديهي تيري خاڪ رويسي،
ڪيڙي کاوڻ ماس.... سڀاڳا!
اي سڀاڳا!
گنان مهارس، پير شمس ٻوليا،
ساچا لنگهسي پار.... سڀاڳا!
گنان شناسيءَ جي ماهرن، پير شمس جي گنانن جي ذخيري کي مختلف عنوانن ۾ ورهايو آهي. اُهي عنوان هي آهن:
• برهم پرڪاش (روحاني روشنيءَ جي علم جي تفصيلي سمجهاڻيءَ بابت)
• هنس هنسلي نِي وارتا (هنس ۽ هنسڻ جي ڪهاڻي)
• چندر بان ني ويلَ (چندر بان، پير شمس جي هڪ ڪردار جو نالو آهي.)
• مَنَ سمجهاڻي وڏي
• دس اوتار (هڪ ڊگهو گنان آهي)
• راجا گوورچند تٿاتيني ڀيڻ ني ڪٿا (راجا گوورچند ۽ اُن جي ڀيڻ ’نيل ونتي‘، پير شمس جا ڪردار آهن)
• سُوربان (هيءُ هڪ گل جو نالو آهي، پر هن گنان ۾، سوربان پير شمس جي هڪ ڪردار طور آيو آهي)
سلوڪ موٽو
• وائڪ موٽو (هڪ ڊگهو گنان آهي)
] هن مضمون جي تياريءَ ۾ ڪتاب: ’پير شمس سبزواري: سوانح و آثار‘[روبينه ترين] ، تاريخ آئمه اسماعيليه‘، (حصه سوم) ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب ‘Ismaili Movement in Sindh, Multan & Gujrat’ تان مدد ورتي وئي آهي. تيار ڪندڙ: تاج جويو]


لفظ شاهه شمس سبزواري ملتاني رحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو