ڀيرو مل مهرچنداڻي آڏواڻي

ڀيرو مل مهرچنداڻي آڏواڻي

ساڌو ٽي.ايل. واسواڻي

ساڌو ٽي.ايل. واسواڻي

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

ايلسا قاضي

ايلسا قاضي

لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي

لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي

ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

علامه آءِ.آءِ. قاضي

علامه آءِ.آءِ. قاضي

ايڇ. تي. سورلي

ايڇ. تي. سورلي

محمد بخش واصف

محمد بخش واصف

مولانا دين محمد وفائي

مولانا دين محمد وفائي

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

عثمان علي انصاري

عثمان علي انصاري

جي.ايم سيد

جي.ايم سيد

تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي

تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي

محمد عثمان ڏيپلائي

محمد عثمان ڏيپلائي

پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي

پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي

غلام محمد شاهواڻي

غلام محمد شاهواڻي

ڊاڪٽر هرو مل سدرانگاڻي ’خادم‘

ڊاڪٽر هرو مل سدرانگاڻي ’خادم‘

محمد ابراهيم جويو

محمد ابراهيم جويو

هري دلگير

هري دلگير

مولانا غلام محمد قاسمي

مولانا غلام محمد قاسمي

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم1

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو، شارح ۽ مترجم:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عظمت، فلسفي، فن فڪر ۽ سوانح تي سوين اديبن، محققن، اسڪالرن ۽ شاگردن تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سڀ کان اڳ هڪ جرمن اسڪالر ارنيسٽ ٽرمپ، پهريون ڀيرو ‘شاهه جو رسالو’، 1866ع ۾ جرمنيءَ جي شهر لپزگ مان، سنڌي ٽائيپ جوڙائي، شايع ڪرايو. ارنيسٽ ٽرمپ کانپوءِ مختلف عالمن شاهه جا رسالا ترتيب ڏنا، جڏهن ته ٻاهرين عالمن مان سڀ کان اڳ شاهه لطيف تي علمي ۽ ادبي تحقيق جي ابتدا، اسڪاٽ لئنڊ جي رهاڪو، ايڇ. ٽي. سورلي ڪئي. سورلي، سال 1919ع ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو، ۽ بعد ۾ هي قابل اسڪالر، سکر جو ڪليڪٽر به ٿيو. هن انگريزيءَ ۾ تحقيقي مقالو ‘Shah Abdul Latif of Bhit’ لکي، آڪسفرڊ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ اهو ڪتابي صورت ۾ 1940ع ۾ آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس، لنڊن شايع ڪئي، جنهن جا سنڌي ۽ اردو ترجما ٿي چڪا آهن. هي پهريون پرڏيهي عالم هو، جنهن شاهه لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ان کان اڳ سال 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ، شاهه لطيف تي جديد انداز ۾ تحقيق ڪري، شاهه جو رسالو ٽن جلدن ۾ ترتيب ڏنو، جڏهن ته چوٿون جلد ورهاڱي ۽ ڪن اڻٽر سببن جي ڪري شايع نه ٿي سگهيو.
ان کان سواءِ شاهه لطيف تي تحقيق ڪندڙن ۾ ڏيارام گدومل ‘سگما’، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، ليلارام وطڻ مل لالواڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تنوير عباسي، آغا سليم، فقير امداد علي سرائي، خان شيخ'>ٻانهون خان شيخ، آغا محمد يعقوب ۽ ٻيا عالم اچي وڃن ٿا، جن جي ڪم جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
 ڪيپٽن جارج اسٽئڪ (Captain George Stack): سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ۽ برٽش عملدار ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي نٿو وساري سگهجي. انگريزن سنڌ 17 فبروري 1843ع ۾ فتح ڪئي. سنڌ جي پهرين گورنر سر چارلس نيپيئر 1843ع ۾ ئي سنڌ کي انتظامي طور تي ٽن ضلعن: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ورهائي ڇڏيو. حيدرآباد شهر، 1779ع کان وٺي 1843ع تائين سنڌ جو گاديءَ جو شهر رهيو هو. حيدرآباد کي ضلعي جو درجو ڏئي حيدرآباد جو پهريون ڪليڪٽر ڪيپٽن ڊيورٽي (1843ع کان 1846 تائين) مقرر ٿيو، يا ڊپٽي ڪليڪٽر وري ڪيپٽن جارج اسٽئڪ کي رکيو ويو. ان مهل جارج اسٽئڪ جي ڄمار 22 ورهيه هئي. کيس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب سان بيحد چاهه هوندو هو.
ليکڪ مدد علي سنڌيءَ جي تحقيق موجب جارج اسٽئڪ سنڌ بابت انگريزن جا ڪيترا ڪتاب پڙهيا هئا. وٽس ايڊورڊ بيڪ هائوس ايسٽيوڪ جو ڪتاب A vocabulary of Sindhi Language (1843)، مسٽر وليم هينري واٽس جي لکيل سنڌي گرامر بابت رپورٽ، مسٽر هينري بونيلي جو ڪتاب Personal Narrative of a Tour through the Western States of Raj War in 1835 ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب به موجود هوندا هئا. حيدرآباد ۾ ايندي سندس اڀياس هيٺ سنڌي ٻولي ته رهي پر ماڻهن جي واتان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو ٻڌائين. گهڻو ڪري ڀٽ شاهه جي فقيرن کي گهرائي شاهه جو ڪلام ٻڌندو هو. چون ٿا ته هر هفتي شام جو گهوڙي تي چڙهي ڀٽ شاهه ويندو هو، اُتي شاهه جو راڳ ٻڌندو هو ۽ صبح سان موٽي حيدرآباد ايندو هو. پوءِ هو سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ شاهه جي ڪلام جي ڳولا ۾ به مشغول رهيو. کيس سنڌين جي تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس جو ذاتي شوق هو. هندستاني ٻولين جو به کيس اڀياس حاصل هو. ان ڪري تمام جلد سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ سکي ويو. پهريون ڀيرو هن عيسائين جي ڪتاب گوسپل آف سينٽ ميٿيوز جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ سندس ڪتاب گرامر آف دي سنڌي لئنگئيج، انگريزي ڊڪشنري'>سنڌي انگريزي ڊڪشنري ۽ سنڌي ڪتاب گرامر آف دي سنڌي ڏاڍا اهم آهن.
ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جي حياتيءَ جا هيٺ ڄاڻايل وڏا ڪم سنڌ ۽ سنڌين کي ڪڏهن به نه وسري سگهندا.
1. English - Sindhi Dictionary (1849)
2. A Grammar of Sindhi Language (1849)
3. Sindhi - English Dictionary (1854)
سنڌي گرامر وارو ڪتاب هن 1847- 1846ع ۾ لکيو. پر سال 1849ع ۾ ساڳئي ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هن پنج لوڪ ڪهاڻيون به ڏنيون. پنجين ڪهاڻي راءِ ڏياچ جي هئي. اهي ڪهاڻيون هن ديوناگري رسم الخط ۾ لکي شامل ڪيون هيون. مسٽر جارج اسٽئڪ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هڪ نسخو مرتب ڪرڻ هو. پر افسوس ته اها ڳالهه تمام گهٽ ڪتابن ۾ آئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو نسخو ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ نه اچڻ سبب معدوم ٿي ويو. اڄ ڪلهه اهو قلمي نسخو ايران جي هڪ ڪتابخاني ملي ملڪ ۾ موجود آهي. هن جو ڪتاب انگريزي سنڌي ڊڪشنريءَ جا فقط 160 صفحا ڇپيا ته جارج اسٽئڪ 1853ع ۾ گذاري ويو. بعد ۾ اهو ڪتاب 1855ع ۾ ديوناگريءَ ۾ شايع ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ اهو جارج اسٽئڪ جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو، ڇپائيءَ جي مرحلن تائين نه پهچي سگهيو، پر اسين اهو ڪريڊٽ جارج اسٽئڪ کي ضرور ڏيون ٿا، ته اهو ئي پهريون انگريز هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو سڀ کان پهريون ترتيب ڏنو هو. افسوس ته هي شخص نوجوانيءَ ۾ ئي 1849ع ۾ غالباً حيدرآباد ۾ گذاري ويو. پر اڄ به سندس ٽيئي ڪتاب کيس ادب جي ميدان توڙي سنڌ ۾ زندهه رکيو ويٺا آهن.
ارنيسٽ ٽرمپ (1828-1885): سنڌي ٻوليءَ جو مغربي محقق ارنيسٽ ٽرمپ، 13 مارچ 1828ع تي، جرمنيءَ جي شهر السفيلڊ ۾ ڄائو. هو هاريءَ جو پٽ هو. مختلف ٻولين تي عبور رکندو هو. کيس عبراني، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين سان خاص دلچسپي هئي. هن يوناني ۽ لاطيني ٻوليون پڙهڻ کانپوءِ ايسٽ انڊيا هائوس ۾ اسسٽنٽ لائبررين طور ڪم ڪيو. چرچ مشنريءَ وارن سندس قابليت ڏسي کيس هندستان وڃي، اتان جي ٻولين جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هُو هند ۾ ملازمت دوران ٿورو وقت سنڌ ۾ به رهيو. سنڌ ۾ هن سنڌي زبان جو ايترو ته اڀياس ڪري ورتو، جو 1866ع ۾ ‘شاهه جو رسالو’ هٿ ڪري، هندستاني (اردو) طرز جي سنڌي ‘الف ب’ جي لوهي ٽائيپ جوڙائي، ان ذريعي لپسيا (ليپزگ) جي ‘بروخوس ڪمپنيءَ’ جي مدد سان، جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. هن رسالي ۾ شاهه جي ڪلام جا 26 سُر ڏنا ويا آهن. ان کان اڳ ۾ 1858ع ۾ هن هڪ ڪتاب “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” نالي سان لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ ‘سورٺ راءِ ڏياچ’ جي قصي جا بيت درج ڪيا هئائين.
سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جا رايا نهايت عالماڻا ۽ فاضلاڻا آهن. هن سنڌي ٻوليءَ جو تقابلي گرامر به لکيو. ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص آوازن ‘ٻ’، ‘ڏ’، ‘ڄ’ ۽ ‘ڳ’ تي به تحقيق ۽ انهن آوازن جي ڀرپور تشريح ڪئي. هن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ لاءِ 1853ع ۾ جوڙيل عربي سنڌي لپيءَ خلاف رايو ڏنو ته “اها لپي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون نٿي ڪري.” هن سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي به تحقيق ڪئي.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جون سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه جي رسالي لاءِ ڪيل خدمتون يادگار ۽ سنڌ واسين لاءِ فخر جو باعث آهن. هو سنڌي لسانيات ۽ لطيف شناسيءَ واري ميدان ۾ سدائين زندهه رهندو. [وڌيڪ ڏسو: ارنيسٽ ٽرمپ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون، ص 172]
 تاراچند شوقيرام (1850-1938): ديوان تاراچند جو جنم 20 جون 1850ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو، يعني ساڌو نولراءِ جي جنم کان 2 ورهيه پوءِ ٿيو. سندس تعلق حيدرآباد جي مشهور آڏواڻي خاندان سان هو. پاڻ تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪم ڪيو. پاڻ ديوان شوقيرام جو ٻيو نمبر پٽ هو، جڏهن ته سندس وڏو ڀاءُ ساڌو نولراءِ، ٽيون نمبر ساڌو هيرانند ۽ چوٿون ديوان موتيرام هو. ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند جو قائم ٿيل نولراءِ ۽ هيرانند اڪيڊمي هاءِ اسڪول اڃا به حيدرآباد ۾ رسالا روڊ تي واقع آهي. تاراچند شوقيرام کي بعد ۾ انگريز حڪومت سندس تعليمي خدمتن جي عيوض راءِ بهادر جو به لقب ڏنو.
ديوان تاراچند 1866ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري پوني ۾ آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويو، پر اتي جي آبهوا سندس طبيعت تي ٺيڪ نه پئي، جنهنڪري ڪاليج ۾ وڌيڪ ڪين پڙهيو، ۽ سن 1867ع ۾ حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر جي عهدي تي مقرر ٿيو. ديوان صاحب پارسيءَ ۾ هوشيار هوندو هو ۽ وري سڀاءُ جو مٺو ۽ رلڻو ملڻو هوندو هو، تنهنڪري شاگرد توڙي بالا آفيسر منجهانس ڏاڍو خوش هوندا هئا. اهيءَ وقت ۾ سرڳواسي ديوان ڏيارام صاحب ۽ مرزا قليچ بيگ به وٽانس پڙهي ويا هئا. ميرپورخاص جي ميرن کي خانگي پڙهائڻ لاءِ ماستر کپندو هو. سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر فلٽن ديوان تاراچند کي ميرن جو خانگي ماستر ڪري موڪليو. جتي اتڪل سال کن رهيو ۽ انهيءَ کانپوءِ ٽنڊي محمد خان جي مير الهه بخش خان جو ٻه سال خانگي ماستر پڻ ٿي رهيو. انهيءَ ڪري ديوان صاحب جو ميرن سان پڇاڙيءَ تائين چڱو رستو هو. انهيءَ کان پوءِ هو حيدرآباد جي نارمل اسڪول (موجوده ٽريننگ ڪاليج) جو هيڊماستر مقرر ٿيو. جڏهن سال 1888ع ۾ نارمل اسڪول کي وڌائي ٽريننگ ڪاليج ڪيائون، تڏهن راءِ بهادر ديوان ڪوڙي مل کي پرنسپال ڪري رکيائون ۽ ديوان تاراچند وائيس پرنسپال مقرر ٿيو. جڏهن آڪٽوبر 1899ع ۾ راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل پينشن ورتي، تڏهن ديوان صاحب ان جو پرنسپال مقر ٿيو ۽ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ۾ ايڊيوڪيشنل ٽرانسليٽر طور واڌو ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ وقت به ديوان ڏيارام گدو مل ۽ ميرزا قليچ بيگ سندس شاگرد هئا. ان وچ ۾ کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مستند رسالي کي گڏ ڪري ڇپرائڻ جو خيال آيو ۽ پاڻ اهو ڪم سرانجام پهچائي، سنڌ جي تعليم کاتي کي سندس مرتب شاهه جو رسالو ڇپرائڻ لاءِ لکپڙهه شروع ڪئي. هن جو خيال هو ته شاهه لطيف جو رسالو سنڌي ٽائيپ ۾ ڇپجڻ گهرجي، نه ته ٽرمپ واري رسالي کانسواءِ سمورا شاهه جا رسالا ليٿو پريس ۾ ڇپجندا هئا. آخرڪار سنڌ جي تعليم کاتي اهڙي منظوري ڏي ۽ پهريون ڀيرو سندس مرتب ڪيل شاهه جو رسالو 14 ڊسمبر 1900ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. اهڙو هڪڙو وڏو ڪارنامو هو، جنهن جو ڪريڊٽ ديوان تاراچند ڏانهن وڃي ٿو.
ديوان صاحب اپريل 1912ع ۾ پينشن ورتي. هن صاحب سڄا سارا 44 ورهيه سرڪاري نوڪري ڪئي ۽ 62 ورهيه جي عمر ۾ پينشن ورتائين. سرڪاري قاعدي موجب 55 ورهيه جي عمر کان پوءِ ڪنهن کي به نوڪريءَ ۾ ڪونه رکندا آهن. ديوان تاراچند جو پهريون ئي مثال آهي، جو ايتري عمر تائين سرڪاري نوڪريءَ ۾ رهيو. ان جو سبب هي هو، جو سندس بالا آفيسر منجهانس ڏاڍو راضي هوندا هئا. ايماندار، سچار ۽ محنتي به هڪڙو ئي هوندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ پرنسپال هوندو هو، تڏهن به ٻين ماسترن کان وڌيڪ ڪم ڪندو هو. امتحانن جي وقت ۾ ته رات جو ڏهين يارهين بجي تائين به ويٺو پاڙهيندو هو. سرڪار ديوان صاحب جي ڪم جو قدر ڪري کيس اول راءِ بهادريءَ جو لقب ڏنو ۽ پينشن وٺڻ کانپوءِ آنررري مئجسٽريٽ مقرر ڪيو، پر ديوان صاحب وڏي عمر ۽ نظر جي گهٽتائيءَ جي ڪري اهو عهدو قبول نه ڪيو. ديوان صاحب ڳجهيءَ طرح توڙي پڌرا ڪيترا سماجي ڀلائيءَ جا ڪم پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيا. 28 نومبر 1934ع تي ڌڪي کائڻ ڪري کيس ڪجهه ضرب اچي وئي، جنهڪري پنڌ ڪرڻ جهرو ڪونه هو. انهيءَ وقت کان وٺي پنهنجيءَ جاءِ تي ئي ويٺو هوندو هو. هن جو مرتيو 25 ڊسمبر 1938ع ۾ ٿيو. سندس شاندار بنگلو صدر ۾ هوندو هو، جتي ورهاڱي کانپوءِ ايڊون بار قائم ٿي. ايس آر ٽي سي بس اسٽاپ جي سامهون اهو بنگلو واقع هو.
پاڻ چاليهه سال کن حيدرآباد جي عامل پنچائت جو مکي پڻ رهيو. ڪيترن ضرورتمند ماڻهن جي مالي مدد ڪيائين. حيدرآباد جي برهمو مندر وٽ پنهنجي ڀاءُ ساڌو هيرانند جي نالي باغيچو ٺهرايائين، پنهنجي ماءُ شريمتي جواهر ٻائيءَ جي نالي هيرآباد ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرايائين. سنڌ جي گورنر سر لانسلاٽ گرهام سان دوستي هوندي هئس. حـيدرآباد جـو ‘هوپ فــل فــري اسڪـول’ ديــوان نـول راءِ ۽ ديـوان تاراچند جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. برهمو سماج وارن ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ هڪ سنڌي اسڪول به سندس نالي پـويان کـوليو هو.
 مير عبدالحسين خانسانگي’ (1851-1924): شهداداڻي ٽالپر خاندان جو آخري فرمان روا، مير نصير خان ٽالپر جو پوٽو، شاعر، نثر نويس ۽ افسانه نگار، هز هائينس مير عبدالحسين خان سانگي، مير عباس علي خان ٽالپر جو فرزند هو. سـنـدس سـنڌي شـاعـريءَ ۾ تـخلـص ‘سـانگـي’ ۽ اردو ۽ فـارسـيءَ ۾ ‘عبدالحسين’ هو. مير عباس علي خان ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري دور ۾ هڪ انگريز خاتون سان شادي ڪئي هـئـي، جنـهن مـان 1851ع ۾ عـبدالحسين خان سانگي، ڪلڪتي ۾ پيدا ٿيو. جڏهن مير عبدالحسين اڃا ڇهن ورهين جو هو ته سندس والد جو ڪلڪتي ۾ انتقال ٿيو، ۽ پاڻ پنهنجي چاچي مير حسن علي خان سان گڏ رهڻ لڳو. 1863ع ۾ مير حسن علي خان جڏهن سنڌ واپس آيو ته مير عبدالحسين خان 11 سالن جي ڄمار ۾ به ان سان گڏ سنڌ آيو. ڪجهه وقت سانگي پنهنجي چاچي مير حسن علي سان رهيو، پر پوءِ مير صاحب، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان سان گڏ رهيو. جتي سندس والده به رهندي هئي.
مير سانگيءَ ڪلڪتي ۾ فارسي تعليم، سيد ميرزا حسن علي عرف ميرزا بزرگ ‘وفا’ کان ورتي. سنڌ ۾ اچڻ بعد سندس سنڌيءَ جو استاد آخوند احمد ولد آخوند عبدالعليم هالائي مقرر ٿيو. فارسي ۽ اردو شعر ۾ مولانا ابوالحسن لکنويءَ ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ سيد غلام محمد شاهه ‘گدا’ سندس استاد هئا. مير عبدالحسين جڏهن اوڻيهن سالن جو ٿيو ته کيس ‘هزهائينس’ جو خطاب مليو.
سانگيءَ کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي ۽ هن پنهنجي شاعريءَ جو آغاز اردو شاعريءَ سان ڪيو. جيئن ته مير صاحب جي پيدائش ڪلڪتي ۾ ٿي هئي، ان ڪري ننڍپڻ جا ست اٺ سال اتي ئي گذاريائين. سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سندس تعليم لاءِ جيڪي استاد مقرر ٿيا، تن مان مولوي سيد ابوالحسن لکنوي شاعر هو. مير صاحب کي اردو شاعريءَ جو ذوق ان جي صحبت ۾ ٿيو. بعد ۾ سنڌي شعر چوڻ لڳو. سنڌي ۽ اردوءَ سان گڏ فارسيءَ ۾ به طبع آزمائي ڪيائين.
سانگي، جنهن دور ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍو ٿي وڏو ٿيو، اهو سنڌ تي انگريزن جي اوائلي قبضي ۽ تسلط وارو دور هو. انهيءَ غلاميءَ دوران مير صاحب جنهن بهادريءَ سان انگريزن خلاف قلم کنيو آهي، ان جو مثال همعصر شاعرن ۽ اديبن وٽ نه ٿو ملي. وطن جي ويرانيءَ سان گڏ مير صاحب کي پنهنجي خاندان جي زوال ۽ ڌارين جي نا انصافين جو احساس هو. سانگي پهريون سنڌي شاعر هو، جنهن پنهنجي شعر ۾ وطن پرستيءَ ۽ قوميت جي جذبي جو اظهار ڪيو ۽ ڌارين جي غلاميءَ خلاف آواز بلند ڪيو.
مير صاحب جوانيءَ وارو زمانو، شعر شاعريءَ ۽ شڪار جي شوق ۾ گذاريو. کيس مئجسٽريٽ به بنايو ويو. ان وقت مير صاحب جي عمر 27 سال هئي ۽ 45 سال هن عهدي تي فائز رهيو. 1922ع ۾ هن عهدي تان استعيفا ڏيڻ چاهي، پر وقت جي ڪليڪٽر اصرار ڪيو ته هو ڪيس هلائيندو رهي. سندس عمر به وڏي هئي، پر ڏکن سانگيءَ کي پيريءَ ۾ داخل ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري مير صاحب ڪيس هلائڻ بند ڪري ڇڏيا. حيدرآباد شهر ۾ مير صاحب کان سواءِ مير شاهنواز خان پٽ مير علي قاسم خان آنرري مئجسٽريٽ هو، پر پهرئين ڪلاس جا پاور فقط سانگيءَ، قاضي امام علي [علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي والد] ۽ ديوان جڳت راءِ کي مليل هئا.
مير عبدالحسين سانگي، ذي القعد مهيني يعني مئي 1924ع ۾ بيمار ٿيو ۽ 12 جون 1924ع [مطابق 8 ذيقعد 1342 هه] ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش هُن جي والد مير عباس علي خان واري مقبري ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن بعد سندس وصيت مطابق سندس مڙهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مقبري جي صحن ۾ اولهه پاسي سندس پهرين گهر واريءَ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
مير صاحب، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سچو عاشق ۽ معتقد هو. هو هر جمعي تي پيرين پنڌ شاهه لطيف جي مزار تي حاضري ڀريندو هو. هن شاهه صاحب جي سوانح ۽ ڪلام جو چڱو مطالعو ڪيو هو ۽ شاهه صاحب جي سوانح ۽ سندس ڪلام تي قلم کنيو، مير صاحب جون هيٺيون تصنيفون شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت آهن:
لطائف لطيفي (سن تصنيف: 1305هه/ 1888ع): هيءَ تصنيف فارسي ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان، 1967ع ۾ شايع ڪرايو.
مير عبدالحسين سانگيءَ، چار فارسي قصيدا شاهه لطيف جي شان ۾ به لکيا. ان کانسواءِ (3) هڪ فارسي مثنوي لکيائين، جنهن ۾ مرزا مغل بيگ جي ڌيءُ جي بيمار ٿيڻ ۽ شاهه صاحب جي هٿان شفا ملڻ جو مڪمل احوال منظوم ڪيل آهي.
مير عبدالحسين شاهه لطيف جو پهريون سوانح نگار ليکيو ويندو آهي، جنهن جي فارسي ڪتاب ‘لطائف لطيفيءَ’ تان مرزا قليچ بيگ استفادو ڪري پهرين سنڌي ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ‘احوال شاهه عبداللطيف’ [ Life of Shah Abdul Latif] ڪتاب لکيا.
 مرزا قليچ بيگ (1853-1929): شاهه عبداللطيف جي شارحن ۾ شمس العلما مرزا قليچ بيگ ولد مرزا فريدون بيگ جو نالو اهم آهي. مرزا قليچ بيگ 17 آڪٽوبر 1853ع تي ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1872ع ۾ مـئٽـرڪ پـاس ڪـري، بـمبـئـيءَ مــان وڌيـڪ تـعلـيـم حـاصل ڪيائين، بمبئيءَ ۾ کيس پروفيسر حيرت جهڙو قابل استاد مليو. جنهن مرزا صاحب کـي تـرڪـي ٻـولـي به سيکاري. تعليم مڪمل ڪرن کانپوءِ مرزا صاحب پرشن استاد مقرر ٿيو ۽ ان بعد روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ترقي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان 1910ع ۾ رٽائر ٿيو.
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ مرزا صاحب جو اهم ڪردار رهيو آهي. هن 457 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، ترتيب ڏنا ۽ ترجمو ڪيا. ان کان سواءِ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم جي ابتدا ڪئي ۽ ان ڏس ۾ هيٺيان ڪتاب لکيا.
(1) احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي: هي ڪتاب، سڀ کان اڳ مرزا قليچ بيگ، 1887ع ۾ انگريزيءَ ۾ ‘Life of Shah Abdul Latif Bhitai’ جي عنوان سان لکيو هو ۽ بعد ۾ پاڻ ئي اُن جو 1889ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، انگريزي ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه 1980ع ۾ ڇپايو ۽ ان جي سنڌي ڇاپي جو ٻيو ايڊيشن 1972ع ۾ شايع ڪيو هو.
(2) شاهه جو رسالو: مرزا قليچ بيگ، شاهه جي رسالي جو هڪ جامع نسخو تيار ڪري 1913ع ۾ ڇپايو. هن رسالي ۾ شاهه جي رسالي جا 37 سُر شامل ڪيا آهن. هن رسالي جو ٻيو ڇاپو 1923ع ۾، ٽيون ڇاپو 1951ع ۽ چوٿون ڇاپو 1994ع ۾ شايع ٿيو.
(3) لغات لطيفي: مرزا قليچ بيگ جي تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي هيءَ پهرين لغت 1914ع ۾ شايع ٿي، اُن جو ٻيو ڇاپو 1967ع، ٽيون ڇاپو 1994ع ۽ پنجون ڇاپو 1998ع ۾ شايع ٿيو آهي.
ان کان سواءِ چيو وڃي ٿو ته مرزا صاحب ‘شاهه جي رسالي جي ڪُنجي’ به لکي هئي، جيڪا قلمي صورت ۾ سندس خاندان وٽ موجود هئي.
شاهه صاحب جي هن شارح ۽ سوانح نگار، 3 جولاءِ 1929ع ۾ وفات ڪئي.
 ڏيارام گـدو مـل (1857-1927): سـنڌ- هـند جو مـشهـور سماجـي خدمتگار ۽ قانوندان، ڏيارام گدو مل، 30 جون 1857ع تي منشي گدومل جي گهر ۾ حيدرآباد، سـنـڌ ۾ ڄائـو، جـيـڪـو پـاڻ به وڏو سخـي مـرد هـو. سندس ڏاڏو منشي ميگهراج، چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪـلـهـوڙن جـي جـرنـيــل شـاهه بـهـاري جــو مـنشـي هـو. شـاهه بـهـاري سـان ويـجهـڙائـپ جـي ڪــري هـنن جـو خـانـدان ‘شاهاڻي’ سڏجڻ لڳو.
ڏيارام تعليم جا شروعاتي سبق آخوند نور محمد جي مڪتب مان ورتا. هو ڏهن سالن جي عمر ۾ ئي فارسي سکي چڪو هو. ابتدائي تعليم سنڌ مان وٺڻ بعد هن بمبئيءَ مان مئٽرڪ، بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيا. ايلفسنٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ دؤران استاد ۽ شاگرد سندس قابليت سبب کيس گهڻو چاهيندا هئا. گرئجوئيشن بعد هي پهرين سيڪنڊ ڪلارڪ طور نوڪريءَ ۾ گهڙيو، بعد ۾ هندستان جي سمال ڪورٽس جو جج مقرر ٿيو. ان کان اڳ هو صدر ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ رجسٽرار ۽ بمبئي سول سروس جو ميمبر به رهيو. 1911ع ۾ کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج طور ترقي ملي، ان بعد کيس بمبئي هاءِ ڪورٽ جي بئنچ ۾ شموليت جي آڇ به ٿي، پر هن قبول نه ڪئي. پنهنجي وقت جو قابل ۽ اڻ ڌريو منصف، سماجي خدمتگار ۽ مثالي انسان ثابت ٿيو.
ڏيارام گدو مل کي تعليم جي ابتريءَ جي ڳڻتي رهندي هئي ۽ ان ڪوشش ۾ رهندو هو ته تعليم جي ميدان ۾ سنڌي اڳڀرا رهن. ان ڏس ۾ هن 1884ع ڌاري ’سنڌ ٽائيمس‘ نالي اخبار جاري ڪئي، جنهن ۾ تعليمي ترقيءَ توڙي سماجي سڌارن بابت لکندو رهيو. ديوان ڏيارام 1885ع ۾ ‘سنڌ آرٽس ڪاليج’ جي قيام لاءِ بمبئي، مدراس ۽ بنگال پريزيڊنسين ۾ “ڪاليجي تعليم ۽ ان جا اثر ۽ سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ گذارش” جي سري هيٺ هڪ يادداشت نامو لکي، ‘هارٽ ڊيوز’ ڏانهن موڪليو. هن يادگار خط/ ڪتابڙي ۾ هن مثالن سان ان وقت جي تعليمي ۽ سماجي صورتحال کي بيان ڪيو ۽ ڪاليجي تعليم جي اهميت بيان ڪندي، سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني. انهيءَ چوپڙيءَ جو متن/ سنڌي ترجمي سان سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ‘سنڌي ٻولي’ ۾ به شايع ٿي چڪو آهي. هن سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم جي سلسلي ۾ ديوان نولراءِ ۽ ديوان سهجرام سان گڏجي، ڇوڪرين جا ڇهه اسڪول مختلف علائقن ۾ کولرايا ۽ غريب هنرمندن لاءِ ووڪيشنل سينٽر به قائم ڪرايا.
ديوان ڏيارام پگهار جو ڳچ حصو فلاحي ڪمن ۾ خرچ ڪندو هو. هن پنهنجي ڀاءُ ‘ديوان ميٺارام’ جي نالي ٽرسٽ قائم ڪيو، جنهن هيٺ شاگردن کي اسڪالرشپون، يونيفارم ۽ درسگاهن کي امداد ڏني ويندي هئي. گرلس اسڪول، ساڌو آشرم حيدرآباد، ڪراچي سينٽرل لائبريري، گشتي هوميوپيٿڪ اسپتال، ڌرمپور جي ٽي. بي سينيٽوريم، امرتسر ۾ شانتي آشرم ۽ ڪن ٻين هنڌن تي يتيم خانا به قائم ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ قائم ڊي. جي. سنڌ ڪاليج سندس ئي خدمتن جو ثمر آهي.
ڏيارام گدومل، غريبن جي مدد ۽ بچت جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ‘غريبڙي بئنڪ’ قائم ڪئي. شادي ۽ مانيءَ جي خرچن لاءِ پراويڊنٽ ۽ فوتگي فنڊ قائم ڪيائين. هن پليگ جي مريضن جي خدمت لاءِ ٽي مهينا موڪل ڪئي ۽ چار ڊاڪٽر ۽ 16 نرسون پنهنجي خرچ سان ڀرتي ڪري، انهيءَ موذي مرض جي خاتمي لاءِ وڏو ڪم ڪيائين.
هڪ جج طور ڏيارام گدو مل جي هاڪ پري تائين هئي، پر ٽي ڪيس گهڻو مشهور ٿيا:
هڪ ڪيس شڪارپور جي هندو سيٺ ميولداس جو هو، جنهن هڪ عورت سان ڏاڍائي ڪئي هئي. ڏيارام وٽ ڪيس آيو ته مقامي هندن جو خيال هو ته هندو ڪميونٽيءَ جي لڄ رکندي جج صاحب سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو. پر ڏيارام ان سيٺ کي ست سال سخت پورهئي سان ٽيپ جو حڪم ڏنو.
ٻيو ڪيس ‘حضور درويش’ جو هو، جنهن تي قتل جو الزام هو، هن عدالت ۾ بيان ڏنو ته “رات جو مون کي خواب ۾ آيو ته انهيءَ شخص کي قتل ڪريان!” ان تي حيرت جو اظهار ڪندي ڏيارام ريمارڪس ۾ لکيو ته “سنڌ ۾ ايترا ته درويش آهن، جو هر ڪنهن کي جيڪڏهن ائين قتل جي اجازت ڏجي ته هتي آدم نالي ڪا شيءَ نه بچندي!” ۽ پوءِ حضور درويش کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ٽيون غير معمولي ڪيس سڄي هندستان ۾ مشهور ٿيو، اهو احـمـدآباد (گـجـرات) ۾ مـسجـد جي پلاٽ جو هو. جڏهن ڏيارام اتي ڊسٽرڪٽ جج مقرر ٿي آيو ته لاڳيتو ٻارهن ڏينهن انهيءَ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري فيصلو مسجد جي حق ۾ ڏئي زمين واپس ڏيڻ لاءِ حڪم ڏنائين. انهيءَ فيصلي کي ڊگهي عرصي تائين يادگار رکڻ لاءِ هن ڪاغذ بجاءِ هڪ ڪپڙي تي اهو فيصلو لکي ڏنو. هندستان جو وائسراءِ لارڊ ڪرزن، جڏهن ڏيارام سان مليو ته کيس مبارڪ ڏيندي چيائين “فاضل جج! اسان کي اوهان جي لياقتن جي خبر آهي، جنهن ڪري اسان وٽ اوهان لاءِ احترام آهي.”
ديوان ڏيارام کي مختلف ٻولين تي دسترس حاصل هئي. فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ته ننڍي عمر ۾ ئي درسگاهن ۾ پڙهيو، پر سنسڪرت ان ڪري سکيو ته جيئن گيتا کي اصل ٻوليءَ ۾ پڙهي ۽ سمجهي سگهي، پوءِ هن شريمد ڀڳوت گيتا کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عربيءَ جي به چڱي ڄاڻ حاصل ڪيائين. چيو وڃي ٿو ته قرآن پاڪ بغير ترجمي پڙهندو ۽ سمجهي ويندو هو ۽ بائيبل پڙهڻ لاءِ عبراني ٻولي سکيو. کيس گجراتي ۽ آرميني به ايندي هئي. جڏهن 1885ع کان 1886ع دوران اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي عهدي تي مقرر ٿيو ته ان وقت جي ڪمشنر کيس سنڌ جي جاگيردارن جو رڪارڊ ٺاهڻ جو ڪم سونپيو، جنهن کي سرانجام ڏيندي هن سموري روينيو سسٽم جو مطالعو ڪري هڪ ڀرپور ڪتاب ‘History of Land Alienation in Sindh’ لکيو.
ڏيارام گدومل بهترين ليکڪ طور به پاڻ مڃايو، هن 1881ع ڌاري ٽي مهينا موڪل وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺي ۽ پوءِ شاهه لطيف، قلندر شهباز ۽ اڏيري لعل تي ڪتاب لکيائين، جيڪو انهن ٽنهي هستين بابت ابتدائي معلومات ليکيو وڃي ٿو. سال 1882ع ۾ هن ساڌو هيرانند، ٽي. ايل واسواڻي ۽ حسن علي آفنديءَ سان گڏجي ‘سڀا '>سنڌ سڀا ’ تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن پاران ‘سنڌ ٽائيمس’ اخبار جاري ڪري ساڌو هيرانند کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ ساڌو هيرانند جي لاڏاڻي کيس جهوري وڌو ۽ پوءِ هن سندس شخصيت ۽ سوانح تي Sadhu Hiranand: A Humble Soul ڪتاب لکيو.
سندس ٻين ڪتابن ۾ (1) Something about Sindh (1882)، (2) جپ صاحب (سال 1891ع)، (3) سري ڀڳوت گيتا (سال 1893ع)، (4) سري يوگ درشن (1903ع)، (5) گيتا جو سار، (6) ڪبير جا سلوڪ،
(7) History of Land Alienation in Sindh، (8) ماءُ ۽ ڌيءُ (1906ع: ٽيون ڇاپو)، (9) لوڀ جو مهاتم (ٽيون ڇاپو: 1923ع)، (10) چابڪ من جا، (11) رهاڻ، (12) نل دمينتي (1929ع) وغيره شامل آهن.
هو شاهه لطيف جو وڏو عقيدتمند هو. هن پنهنجي ڪتاب ‘ڪجهه سنڌ بابت’ (Something about Sindh) ۾ شاهه صاحب جي سوانح بابت اٽڪل 40 صفحن تي مواد ڏنو آهي. هي پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن مير عبدالحسين سانگيءَ [لطائف لطيفي: 1888ع] ۽ مرزا قليچ بيگ [احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي (انگريزي ۽ سنڌي): 89-1887ع] ۽ ليلارام وطڻ مل خاڪيءَ کان به اڳ شاهه عبداللطيف جي سوانح تي لکيو هو. هو تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو هو، ان حوالي سان هن جو ڪبير، گرونانڪ ۽ شاهه لطيف تي اوائلي ڪم اهميت جوڳو آهي.
ڏيارام گدو مل، مرزا قليچ بيگ جو به وڏو قدردان هو. 1906ع ۾ کيس خط لکي چيائين “آئون پنهنجي فرصت جو وقت سجائي ڪم لاءِ وقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو... پر تون سڀني کان گوءِ کڻي وئين، شل تون پنهنجي ۽ منهنجي ديس لاءِ گهڻو جيئين! پر جيڪڏهن تون مون کان اڳي وئين ته آءُ تنهنجي محنت جو ڦل جهان آڏو رکندس.” جيتوڻيڪ ڏيارام کي ڌڻيءَ در اڳ ۾ سڏ ٿيو، پر هن جيئري واعدو نڀايو ۽ ڏيڍ لک کان وڌيڪ رقم مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جي ڇپائيءَ تي کيس موڪلي ڏني. جنهن جو ذڪر مرزا صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ‘سائو پن ڪارو پنو’ ۾ به ڪيو آهي. اها رقم اڄ جي هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٿيندي. ڏيارام گدو مل رٽائرمينٽ کان ست سال اڳ ئي پنهنجي ڀاءُ جي نالي “ديوان ميٺارام ڌرمائو ٽرسٽ” رجسٽرڊ ڪرايو، ان بابت ڪجهه هن ريت لکيو هئائين: آءُ غلامن جو غلام ڏيارام گدومل عمر 35 سال، رهندڙ حيدرآباد، سنڌ. پنهنجي زندگي ۽ زندگيءَ جي ڪمايل موڙي ۽ ورثي ۾ آيل پونجيءَ کي ‘امانت’ ڄاڻي ۽ پنهنجي حياتيءَ تي ڪو ڀروسو نه سمجهي، پنهنجي سموري ملڪيت کي خيراتي ٽرسٽ پڌرو ڪريان ٿو.
ڏيارام جي زندگيءَ جو مقصد سندس هن تحرير مان ثابت ٿئي ٿو ته “علم عام ٿئي، دکي انسانن جي ملم پٽي ٿئي، خدمت خلق ادارن ۽ اوتارن جي سنڀال ٿئي، علمي قحط ۽ سهائتا جي ڏس ۾ امداد جو هٿ ڊگهيريو وڃي ۽ خدمت ڪندڙ ادارن جي دل کولي مدد ڪئي وڃي.” هو ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ، ميونسپالٽيءَ ۽ خالق ڏني هال جو صدر به رهيو ۽ ڪوڙهه جي مريضن جي آشرم جو چيئرمئن به رهيو.
ديوان ڏيارام 56 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن تان مٿس تمام گهڻي تنقيد ٿي ۽ ڪيترن دوستن ان عمل جي نندا ڪئي، پر پاڻ ڪنهن کي ڪو جواب ڪونه ڏنائين. گهڻا سال پوءِ معلوم ٿيو ته اها هڪ مصيب زده عورت هئي، جنهن جي عزت ۽ زندگي بچائڻ لاءِ ديوان صاحب اهو ڪم ڪيو هو.
سنڌ- هند توڙي برصغير جو هي مثالي سماج سيوڪ، 7 ڊسمبر 1927ع تي ٻن پهرن جو گرو گرنٿ پڙهندي، ڌڻيءَ کي پرتو. سندس زندگيءَ جي احوال بابت هڪ ڪتاب ‘راڄ رشي ڏيارام گدو مل جو جيوَن چريتر’ ڇپيل آهي، جنهن جا ڪيترا ڇاپا اچي چڪا آهن.
 ليلارام وطڻ مل خاڪي (1867-1941): ديوان ليلارام وطڻ مل ٽيڪواڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. اڳتي هلي هن سک مذهب اختيار ڪيو ۽ ليلارام سنگهه سڏائڻ لڳو. هو بهترين شاعر، نقاد ۽ ڊراما نويس هو. ليلارام حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 1886ع ۾ بمبئيءَ مان بي. اي ۽ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. پر وڪالت جي شوق سبب وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ بعد ۾ جج به مقرر ٿيو.
هن کي سنڌيءَ سان گڏوگڏ انگريزي ۽ فارسي ٻولين تي به عبور حاصل هو. هو اعليٰ قسم جو شاعر پڻ هو. شاعريءَ ۾ ‘خاڪي’ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘ديوان خاڪي’ جي عنوان سان 1921ع ۾ شايع ٿيو. سندس وڏي سڃاڻپ اها آهي ته هو شاهه جو شارح هو. هن شاهه جي شاعري، حياتي ۽ فڪر تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب ‘Life, Religion and Poetry of Shah Latif’ 1989ع ۾ لکيو، جيڪو 1890ع ۾ شايع ٿيو. شاهه لطيف تي ٿيل اها تنقيدي تصنيف اُن وقت جي خيال کان هڪ اهم اضافو هئي.
هن ڪتاب ۾ ليلارام وطڻ مل تفصيل وار جن موضوعن تي لکيو آهي، سي هي آهن: شاهه صاحب جي زندگي ۽ ان سان لاڳاپيل اهم قصا ۽ واقعا، ويدانت جا اصول، تصوف جا اصول، شاهه ڪريم جي ذات ڏانهن منسوب ڪي ڳالهيون، جيڪو شاهه لطيف جو وڏو ڏاڏو هو. شاهه جي ڪجهه سُرن جو تفصيلي جائزو، رسالي ۾ آيل داستانن جو احوال، رسالي ۾ آيل بلوچي اصطلاحن جون سمجهاڻيون، عربي ٻوليءَ جي جملن، اصطلاحن ۽ لفظن جو استعمال ۽ انهن جون سمجهاڻيون ۽ مجموعي طرح سان رسالي ۾ ڏکين لفظن جون معنائون وغيره. هي ڪتاب ڏيارام گدو مل جي ڪتاب ‘Something about Sindh’ ۾ ڏنل شاهه لطيف جي سوانح ۽ مرزا قليچ بيگ جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ‘Life of Shah Abdul Latif’ [لکيل 1887] کان پوءِ، لطيف سائينءَ بابت ساڳئي دور جو هڪ اهم تحقيقي ڪتاب آهي.
ليلارام وطڻ مل خاڪيءَ 1941ع ۾ وفات ڪئي.
 ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي (1875-1953): سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، فاضل، نالي وارو تاريخدان، ناول نگار، ناٽڪ نگار ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، 1875ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾، آڏواڻي خاندان ۾ ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊميءَ ۾ ورتي، جتي هن ساڌو هيرانند، شوقيرام آڏواڻي ۽ تاراچند آڏواڻيءَ کان ٻي تعليم وٺڻ سان گڏ ‘شاهه جو ڪلام’ به پڙهيو. هن 20 سالن جي عمر ۾ سالٽ (لوڻ) ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ 25 رپين تي سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ڀيرو مل کي ساڌو هيرانند لاءِ ڏاڍي عزت هئي، جنهن جي مضمونن ۽ تاثرن جو ڪتاب ‘هيري جُون ڪڻِيُون’ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيائين. ان کان سواءِ ننڍيءَ عمر ۾ جنهن شخص ڀيرو مل کي متاثر ڪيو، اهو ماستر مولچند ڇتواڻي هو، جنهن منجهس راڳ، شاعريءَ ۽ ڪتابن لکڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ سان سندس ادبي دوستيءَ وارا لاڳاپا هئا.
جڏهن ڊاڪٽر دائودپوٽو ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ انگلنڊ ويو ته سندس جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀيرومل کي نومبر 1924ع تي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو.
هن سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ، موهن جي دڙي، سنڌي هندن جي تاريخ سان گڏ ناٽڪ، ناول، ٻاراڻي ادب، خاص ڪري ٻاراڻي شاعريءَ وغيره تي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي چئن ٿنڀن مان هڪ آهي، جن ۾ پرمانند ميوا رام، ڄيٺمل پرسرام ۽ مرزا قليچ بيگ اچي وڃن ٿا. ڀيرو مل سنڌي گرامر جي اصولن ۽ قاعدن تي ‘وڏو سنڌي وياڪرڻ’ (1925)، ‘گلقند’ (پهاڪن ۽ اصلاحن تي: ٻه ڀاڱا: 1928) ڪتاب لکڻ کان سواءِ شاهه لطيف جي ٽن سُرن تي ‘غريب اللغات’ (1907) نالي لغت پڻ تيار ڪئي.
سندس لطيفيات ۽ لطيف شناسيءَ جي سلسلي ۾ لکيل ٻين اهم ڪتابن ۾: ‘سنڌ جو سيلاني ’ (1923ع) ۽ ‘لطيفي سير’ شمار ٿين ٿا، جن ۾ هن شاهه لطيف جي سير سفر کي سندس شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو آهي.
سنڌ جو هي بي بها عالم، ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان لڏي وڃي پوني (ڀارت) ۾ رهيو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪيائين. (وڌيڪ ڏسو:
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ص 136)
ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي (1879-1966): سنڌ جي مشهور صوفي منش، ويدانتي اسڪالر، تعليمدان ۽ لطيف شناس شاعر، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جو پورو نالو ٿانور داس ليلارام واسواڻي هو، جنهن 25 نومبر 1879ع تي حيدرآباد سنڌ جي واسواڻي خاندان ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو رام ديوي هو. هيءُ سندن ٻيو نمبر پٽ هو، جڏهن ته سندن پهرئين پٽ جو نالو پهلاج راءِ هو، جيڪو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي شِش ۽ موجوده واسواڻي مشن/ ٽرسٽ، پوني جي سنڀاليندڙ دادا جشن واسواڻيءَ جو والد هو. ٽي. ايل. واسواڻي اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم پوري ڪري ايم. اي جي ڊگري ورتي ۽ ڪلڪتي جي ‘ميٽروپوليٽن’ ڪاليج ۾ تاريخ ۽ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو، جيڪو ڪاليج اڳتي هلي ‘وديا ساگر’ ڪاليج سڏيو ويو. ان زماني ۾ 30 سالن جي عمر ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي علمي ڄاڻ جو اهو مقام هو، جو هن برلن ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن جي ڪانگريس ۾ هندستان پاران شرڪت ڪئي. سندس اتي ڪيل تقرير ۽ پوءِ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ڪيل تقريرن ماڻهن ۾ هندستان جي مذهب ۽ خيالن بابت وڏي دلچسپي پيدا ڪئي. ان کان پوءِ ساڌو واسواڻي ڪجهه وقت لاءِ لاهور جي ‘ديال سنگهه ڪاليج’ جو پرنسپال ٿي رهيو، بعد ۾ ڪوچ بِهار جي وڪٽوريا ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. ان بعد مهاراجا پٽيالا کيس مهيندرا ڪاليج جي پرنسپال ٿيڻ جي آڇ ڏني، پر ان وقت نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي اچي پنهنجي شهر حيدرآباد سنڌ ۾ رهيو. انهيءَ زماني ۾ هندستان ۾ مهاتما گانڌيءَ ‘ستيا گرهه’ تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ هن ‘اوم منڊليءَ’ جي سوين عورتن ۽ مردن سان گڏجي ڪراچيءَ جي ‘خالق ڏني هال’ آڏو حصو ورتو، پوليس کيس ٻين ستياگرهين سان گڏ گرفتار ڪيو ۽ کين 14 ڏينهن جي جيل جي سزا ڏني وئي، پر ساڌو واسواڻيءَ جي شهرت ۽ علميت کي ڏسي کيس چئن ڏينهن بعد آزاد ڪيو ويو.
ساڌو واسواڻي، سنڌ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي عدم تعاون تحريڪ
(Non-Co-operative Movement) جي حمايت ۾ پڻ زوردار ڪم ڪيو. قومي هلچل جي انهيءَ عرصي ۾ هو تعليم جي روشني پکيڙڻ طرف راغـب ٿيو، پهرين شاستريءَ جي مدد سـان راجـپـور ۾ ‘شڪتـي آشـرم’ کوليائين ۽ پوءِ نوجوانن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيائين. 1930ع ۾ جنم ڀومي حيدرآباد ۾ ‘سکي ست سنگ’ نالي جماعت جوڙي رجسٽرڊ ڪرايائين، جنهن جو مقصد تعليم، صحت، سماجي، ثقافتي ۽ تهذيبي ميدان ۾ عورتن ۽ عام ماڻهن جي خدمت ڪرڻ هو. ساڳئي ئي سال ۾ ساڌو واسواڻيءَ ڪراچيءَ ۾ ست سنگ لاءِ ‘ڪرشٽ ڪنج’ مندر ٺهرايو، جتي انگريزيءَ ۾ گيتا بابت ليڪچر ڏيندو هو.
ساڌو واسواڻيءَ 1933ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪيترا فلاحي ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا، جن کي سڄي دنيا اندر ‘ميران موومينٽ اِن ايجوڪيشن’ سڏيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد جديد سائنسي تعليم ۽ آدرشن سان ناتو جوڙڻ هو. هيرآباد، حيدرآباد ۾ قائم ڪيل ‘سينٽ ميران اسڪول’ ان جو عام مثال آهي، جتي ٻارن ۾ سائنسي تعليم سان گڏ سندن ڪردار جي جوڙجڪ ۽ سندن دل ۾ خلوص، خدمت ۽ قربانيءَ جا گڻ پيدا ڪرڻ مقصود هو. هن تحريڪ ڪيترن تعليمي ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ادارن کي جنم ڏنو. ساڌو واسواڻيءَ جو ‘ميران يونيورسٽي’ قائم ڪرڻ جو خواب 1947ع جي ورهاڱي ڀوراڀورا ڪري ڇڏيو.
هن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ نه ڇڏڻ جو ارادو ڪيو، پر ڀارت مان آيل ڪجهه پناهه گير مسلمانن جي رويي ۽ جنوني تعصب کي ڏسندي کيس مجبوراً 16 نومبر 1948ع تي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا. پهرين ڪجهه وقت بمبئيءَ ۾ رهيو ۽ فيبروري 1949ع ۾ پوني شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. 1950ع کان ساڌو صاحب صحت، تعليم، سماجي ۽ تهذيبي ميدان ۾ خدمت جو ڪم شروع ڪيو. ان ڏس ۾ ‘Brotherhood’ نالي هڪ جماعت، انڊين سوسائٽي ايڪٽ 1860 ۽ بمبئي پبلڪ ٽرسٽ ائڪٽ هيٺ رجسٽرڊ ڪرايائين، تنهن جون سرگرميون 1950ع کان وٺي سندس زندگيءَ جي آخري سال 1966ع تائين جاري رهيون. ساڌو واسواڻيءَ جي روشن خيال اڳواڻي ۽ اتساهيندڙ رهنمائيءَ ۾ عورتن ۽ مردن وڌ ۾ وڌ حصو ورتو ۽ هن تنظيم روشن خياليءَ جو پيغام اولهه توڙي اوڀر جي ملڪن ۾ پکيڙيو. هن پنهنجي پوني واري آشرم مان هڪ ئي وقت انگريزي هندي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي مخزنون ۽ ڪتابي سلسلا جاري ڪيا. سينٽ ميران اسڪول، حيدرآباد مان جاري ڪيل مئگزين ‘ميران’ اتان به انگريزيءَ ۾ ڪڍندو رهيو ۽ سنڌيءَ ۾ ماهوار ‘سنت مالا’ جو اشاعتي سلسلو به جاري رکيائين.
دادا واسواڻيءَ 1962ع ڌاري پوني ۾ ‘ميران ڪاليج فار گرلس’ کوليو، جنهن جو پهريون پرنسپال ڪي. اين. واسواڻي هو. ساڌو واسواڻي سچو صوفي، ديش ڀڳت، پريم پرچارڪ، شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي ۽ ويدانتي شاعرن جي ڪلام جو پارکو هو. هن دنيا جي سڀني مذهبن جي تعليم جو اڀياس ڪيو هو ۽ مذهبن جي ڪثرت پويان بنيادي وحدت جو قائل هو. سڀ ۾ پرين پسي، پيار ۽ ايڪتا جو پرچار ڪندو رهيو. سندس لفظن ۽ گفتن ۾ جادوءَ جو اثر هو. شاهه لطيف جي لفظن ۾ سندس ‘تارن ۾ تبرن’ جهڙو تاثير هو، جنهن سان نهاريندڙ کي موهي ڇڏيندو هو. سنڌ جي سرزمين سوين ساڌو ۽ درويش پيدا ڪيا آهن، پر هن ماڻهپي جي ڏڪر واري دور ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو ڪم انسانيت لاءِ غنيمت هو. سندس محفل ۽ مجلس ۾ روح کي راحت ۽ من کي آسيس ملندي هئي. هو شاعر به هو، نهٺائي ۽ سادگي هن جي مزاج جو حصو هئي، ان ڪري نماڻائيءَ سان زندگي گذاريائين. شاعريءَ ۾ تخلص ‘نوري’ ڪم آڻيندو هو، جيڪو شاهه لطيف جي ڪردار ‘نوري’ کان متاثر ٿي هن پاڻ تي رکيو هو.
سـاڌو واسـواڻـيءَ جا شـاعـريءَ جـا ڪيـترائـي ڪـتاب ڇپيل آهن، پر سندس ڪلام جو جامع ڪتاب ‘نوري گرنٿ’ هڪ ضخيم ۽ تاريخي ڪتاب آهي. ساڌو واسواڻيءَ انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ تمام گهڻا ڪتاب لکيا، جن جو مختصر تفصيل هن ريت آهي: (1) نوري گرنٿ، (2) نوري ٻاڻي، (3) پشپ مالها، (4) گيتامڻي (سنڌيءَ ۾)، (5) سهاڳڻ،
(6) سنتن ساکي، (7) روح رباب، (8) گوتم گيتا، (9) سکمني صاحب (ترجمي سان)، (10) نوري پشپا نجلي (نوري گرنٿ مان چونڊ: 1973ع)، (11) گيانيو شور، (12) سوامي رام تيرٿ، (13) پلٽو پيارو، (14) پياري جي پياس ۾، (15) رگهوناٿ، (16) ٽي تصويرون، (17) امر جوتي،
(18) تصويرون (يادگيريون)، (19) گرمهما (I-II)، (20) تڪا تمهارو، (21) دين درويش، (22) صوفي سونهارا، (23) سنت سورداس،
(24) پياري جي پکن ۾، (25) ست پرک جي ساکي، (26) گلشن گلزار، (27) نماڻي نماڻو، (28) شيرين، (29) ڳوٺاڻا، (30) پاڳل هرناٿ،
(31) رشين جي روشنيءَ ۾ شريمت ڀڳوت گيتا، (32) شري جپ صاحب: سکيا ۽ سار (ٽي جلد)، (33) پشپا نجلي (1984)، (34) پشپ مالها VIII (1985)، (35) نوري ۽ انجليءَ جا گيت.
هن جي هر ليڪچر ۽ اڪثر ڪتابن ۾ شاهه لطيف جو ذڪر ۽ بيت شامل هوندا هئا. هن شاهه لطيف بابت ‘سنڌ جو محبوب’ عنوان سان 1958ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپايو. ان کان سواءِ سندس ڪتاب ‘مارئي’ به شاهه جي سُر مارئيءَ تي آڌارت آهي. هن شاهه تي انگريزيءَ ۾ به ڪيترا مضمون لکيا ۽ ليڪچر ڏنا.
ساڌو واسواڻيءَ انگريزيءَ ۾ به ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان Religon & Culture (1930) اهم ڪتاب آهي.
سنڌ جي هن سپوت 14 جنوري 1966ع تي پنهنجا سمورا ڪپڙا غريبن ۾ ورهائي پنهنجي لاءِ صرف ٻه جوڙا رکيا، پندرهين جنوريءَ تي ويل چيئر تي ويهي، ڌن ۽ ڪپڙا غريبن کي دان ۾ ڏنا ۽ 16 جنوري 1966ع تي پوني ۾ وفات ڪئي. مرڻ وقت وصيت ڪيائين ته سندس هاٺيون سونهاري سنڌ ۾ موڪلي سنڌو نديءَ ۾ پرواهه ڪيون وڃن.
13 اپريل 1966ع تي اها رسم ادا ڪئي وئي. گدو بندر حيدرآباد وٽان سندس خاڪ کي سنڌو جل جي حوالي ڪيو ويو. ساڌو واسواڻيءَ جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس سچي ۽ روحاني پوئلڳ جشن واسواڻيءَ 1978ع تي دادا ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي شروع ڪيل ‘Brother hood association’ کي ‘ساڌو واسواڻي مشن’ ۾ تبديل ڪيو، جيڪا اڄ تائين ساڌو واسواڻيءَ جي تحريڪ فڪر کي ساڳي جوش ۽ جذبي سان هلائيندي اچي ٿي.
 ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي [1947-1884]: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه لطيف جو ناميارو پارکو، شارح ۽ سنڌي زبان جو باڪمال نثر نويس ٿي گذريو آهي. هن 8 مارچ 1884ع تي حيدرآباد جي گربخشاڻي عاملن جي خاندان ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو ديوان نئنسکداس زميندار هو ۽ سندس والد ديوان مولچند روينيو کاتي ۾ آفيسر هو. هي اصل واڌواڻي گهٽي، شاهي بازار، حيدرآباد ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ لڏي مارڪيٽ جي ڀر ۾ آغاخاني خوجن جي پاڙي ۾ وڃي ويٺا.
هوتچند ابتدائي تعليم مقامي پرائمري اسڪول ۾ ورتي، ۽ سيڪنڊري تعليم نولراءِ هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد ۾ وٺي، 1899ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. هو 1900ع ڌاري ڏيارام ڄيٺمل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو، جتان 1905ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ بمبئي جي ولسن ڪاليج ويو، جتان 1907ع ۾ هن ايم. اي جي انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد ٿوري وقت لاءِ هي انهيءَ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. ٻئي سال 1908ع ۾ هي موٽي سنڌ آيو ۽ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سمورو وقت انهيءَ ڪاليج ۾ نوڪري ڪندو رهيو، جتي هو گهڻو وقت وائيس پرنسپال ٿي رهيو ۽ 1937ع ۾ پرنسپال ٿيو. وچ ۾ 1928ع ۾ هي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلنڊ ويو، جتان لنڊن يونيورسٽيءَ مان ‘انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف’ جي مضمون تي ڊاڪٽريءَ جي سنَد ورتائين.
سندس ڏاڏو ۽ والد صوفي خيالن جا ۽ شاهه عنايت صوفي جهوڪ واري جي درگاهه جا معتقد هئا. ڊاڪٽر صاحب کي، ان ڪري ننڍي هوندي کان صوفياڻي تعليم ۽ تربيت مليل هئي. ‘مثنوي مولانا روم’، ٻين فارسي شاعرن جي ڪلام ۽ شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ خاص ڪمال هوندو هئس، هو گفتگو ۾ اڪثر انهن جا شعر مثال طور پيش ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي شاگردن ۽ دوستن جو دائرو نهايت وسيع هو. ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو، سيد ميران محمد شاهه، خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ ٻيا ڪيترا سندس شاگرد هئا. جڏهن جي. ايم. سيد 1928ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو، ته ان وقت سنڌ ڪاليج بورڊ تي ٻئي ميمبر هوندا هئا.
ڊاڪٽر هه. م. گربخشاڻيءَ جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪم، جنهن هن کي لاثاني ۽ لافاني شهرت بخشي آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي کي مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان، چئن جلدن ۾ لکڻ جو آهي، جن مان ٽي جلد پاڻ ڇپائي پڌرو ڪري سگهيو (پهريون جلد 1923ع ۾)، پر چوٿون حصو ورهاڱي سبب ۽ ڪن ٻين اڻٽر ڪارڻن جي ڪري اشاعت پذير نه ٿي سگهيو. شاهه لطيف تي ڪيترن ئي عالمن لکيو آهي، پر انهن مان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڪو به مقابلو ڪري نٿو سگهي. هن جي شرح کي پروفيسر نڪلسن جي مولانا روم جي مثنويءَ جي شرح، مسٽر برائون جي ايراني شعر جي تاريخ ۽ حڪيم ثنائيءَ جي ‘حدية الحقيقت’ جي شرح (ميجر اسٽيفنسن) سان ڀيٽي سگهجي ٿي. انهي شرح لکڻ وقت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاهه صاحب جي رسالن ۾ آيل ڌارين بيتن ۽ سرن جي گهڻي ڇنڊڇاڻ ڪري، ڪلام جي صحيح متن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيو جيڪو مکيه ڪم هن ڪيو آهي، سو هيءُ ته، شاهه صاحب جي ڪلام جي هر پهلوءَ تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ نهايت عمدو مقدمو لکيائين، جنهن ۾ شاهه صاحب جي سوانح عمري، صورت ۽ سيرت، مذهب، ويدانت ۽ تصوف سان تعلق، ۽ سندس شعر ۽ شاعريءَ تي تفصيلي نظر وڌي اٿس. ان ۾ شاهه صاحب جي شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم، ان جي ٻوليءَ، نحوي بناوتن جو پوريءَ طرح ذڪر ڪيو اٿس. افسوس آهي ته سندس شرح جو چوٿون جلد ڇپجي نه سگهيو ۽ عدم پيد آهي. اڄ تائين شاهه صاحب تي سوين مضمون، ڪتاب ۽ شرحون لکجي چڪيون آهن، ته به ڊاڪٽر صاحب جي شرح سڀ کان مٿانهين، مفصل ۽ سڀ کان اهم نظر اچي ٿي. سچ ائين آهي ته جهڙيءَ طرح شاهه صاحب، سنڌ جي تهذيب، ڪلچر، روايات ۽ اخلاق کي گمناميءَ جي عالم مان ڪڍي، روز روشن وانگر ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هڪ حواص يا ٽوٻيهر جو ڪم ڪيو آهي، جنهن ان بحرِ ذخار مان ٽٻي ڏئي، املهه ماڻڪ ڪڍي، صرافن جي سامهون ڇڏيا آهن. انهيءَ شرح لکڻ ۾ هن جيڪا محنت ڪئي آهي، ان جو پتو انهن کي پئجي سگهي ٿو، جن پوري توجه سان اهو ڪتاب نظر مان ڪڍيو هوندو، سندس مقدمو شاهه جي ڪلام ۽ تصوف جي مسئلي جي معلومات جو ڪوزي ۾ درياهه بند ٿيل آهي. شاهه صاحب جي رسالي تي وڏي پئماني تي کوجنا جي اها پهرين ڪوشش هئي، اڃا ڪو ٻيو اهڙي سٺي شرح لکي نه سگهيو آهي.
ڊاڪٽر مرحوم جا ٻيا به ڪتاب تصنيف ٿيل آهن: (1) نورجهان (ناول)، ۽ (2) لنواريءَ جا لعل.
ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ ڪيترن عالمن پڙهايو، جن ۾ پرنسپال صاحبسنگهه شاهاڻي، صورتسنگهه بٽاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند، پروفيسر اجواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻيا پنهنجو مٽ پاڻ هئا، جيڪي اڪثر صوفي خيالن جا هئا، پر پرنسپال بٽاڻي ۽ پرنسپال گربخشاڻي ٻئي ان رستي ۾ مکيه بزرگ شمار ڪيا وڃن ٿا. ٻئي شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي سلسلي ‘همه اوست’ سان واسطو رکندڙ هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو پيءُ ۽ ڏاڏو، جهوڪ جي درگاهه سان واسطو رکندڙ هئا ۽ پرنسپال بٽاڻي وري اڻ سڌيءَ طرح ڪنڊڙيءَ جي نصير فقير جلالاڻيءَ جي معرفت انهيءَ تعليم ۽ تربيت مان سبق پرايا هئا، ۽ جي چڱيءَ طرح کوجنا ڪبي ته خود شاهه صاحب به شاهه شهيد جي مئخاني مان مستفيض ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي پرنسپال هجڻ سان گڏ سنڌ ڪاليج جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو، ان وقت هن لا ڪاليج ۽ ڪامرس ڪاليج برپا ڪرايا.
سندس انتقال اوچتو، دل بيهڻ سبب، 11 فبروري 1947ع تي ڪراچيءَ جي شهر ۾ ٿيو، ان وقت سندس عمر 64 سال هئي. کيس هڪ فرزند موهن نالي هو، جيڪو ڀيرو مل مهرچند جو ناٺي هو، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو.
(جي ايم سيد جي ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ مان ورتل)
ايلسا قاضي (1884-1967): ايلسا گرٽ، جنهن کي سنڌ ۾ ‘مدر ايلسا’ چيو ويندو آهي، سا جرمن نسل جي هڪ اعليٰ اسڪالر ٿي گذري آهي. سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾،
13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي. سندس والد هڪ موسيقار هو. ايلسا جو ننڍپڻ کان ئي مصوريءَ ۽ شاعريءَ ڏانهن لاڙو هو. 19 صديءَ جي آخر ۾ هيءُ خاندان جرمنيءَ مان لڏي اچي انگلنڊ رهيو، جتي هن جي ملاقات علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب سان ٿي. هنن ٻنهي جي هڪ ٻئي سان ذهني ۽ دلي هم آهنگي ٿي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي. تنهن کانپوءِ 1910ع ۾ علامه صاحب ايلسا سان شادي ڪري پنهنجي محبت کي ازدواجي رشتي ۾ تبديل ڪيو. شاديءَ کان پوءِ، علامه صاحب جي صلاح سان ايلسا قاضيءَ، انگريزيءَ ۾ شاعريءَ ۽ تصنيف تاليف جو ڪم شروع ڪيو. سال 1911ع ۾ هوءَ علامه صاحب سان گڏ، سنڌ ۾ آئي ۽ حيدرآباد ۾ اچي رهي، جتي سندس شعر انگريزي اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا. تنهن کان پوءِ سندس شعرن جو مجموعو، حيدرآباد جي اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آڏواڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي انگريزي ڪتابن ۾:
(1) Old English Garden Symphony (Novel),
(2) Temptation (Drama),
(3) Civilization, Through The Ages,
اچي وڃن ٿا. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو “Risalo of Shah Abdul Latif (Selections)” عنوان سان لکيو، جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي سندس سهڪاري رهيو. شاهه جي رسالي جو هي منتخب انگريزي ترجمو، شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمن ۾ انتهائي مٿانهين ۽ معياري حيثيت رکي ٿو. هن هڪ ڪارنامي کيس هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو ۽ کيس شاهه جي مترجمن ۾ اعليٰ مقام ڏياريو.
علامه قاضي صاحب ۽ ايلسا زندگيءَ جا 60 سال گڏ گذاريا. سندن محبت مثالي محبت هئي. هن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي ۽ ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حدن اندر دفن ڪئي وئي. سندس خدمتن جي احترام ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس تي ‘ايلسا قاضي ڪئمپس’ نالو رکيو ويو آهي.
لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي (1885-1954): سنڌ جو مشهور اهل قلم، سليس ۽ سهڻي زبان لکندڙ، ظرافت آميز عبارت جو صاحب ۽ خاص اسلوب جو موجد، لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي، حيدرآباد سنڌ ۾ 25 جنوري 1885ع ۾ ڄائو. لالچند کي سنڌي گهر ۾ پڙهائي وئي. ان کان پوءِ هيرانند اڪيڊمي هيرآباد، حيدرآباد ۾ مئٽرڪ تائين سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ تعليم ورتائين، هن مئٽرڪ 1903ع ۾ پاس ڪئي ۽ 1904ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پڙهندو به هو ۽ نوڪري به ڪندو هو. ڪجهه وقت سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪيائين ۽ ڪجهه وقت پروفيسر ٿي رهيو، سنڌ جو نامور عالم ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو سندس شاگردن مان آهي. لالچند صوفي منش، صاف دل، محب وطن ۽ بي تعصب ماڻهو هو. سنڌي ادب جي تمام وڏي خدمت ڪيائين. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ سان به لاڳاپيل هو. جتي دادا ڄيٺمل پرسرام سان سندس دوستي ٿي ۽ اها دوستي اڳتي هلي مائٽيءَ ۾ بدلجي وئي. 1914ع ڌاري لالچند، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻين سان گڏجي ‘سنڌي ساهت سوسائٽي’ برپا ڪئي. جنهن پاران لالچند، سنڌيءَ ۾ ‘شاهه ڀٽائي ’ ڪتاب لکي پڌرو ڪيو. جڏهن 1930ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ميرپورخاص ۾ ٺهي ته پاڻ جي. ايم. سيد ۽ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو، جڏهن ميران محمد شاهه، 1932ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي ورسي سڏائي ته پاڻ جي. ايم. سيد ۽ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ ان ۾شامل ٿيو هو. جي ايم سيد سان لالچند جي ملاقات ۽ واقفيت مٿين گڏجاڻين دوران ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ ٿي، جڏهن 1940ع ۾ جي. ايم. سيد تعليم کاتي جو وزير ٿيو ۽ هن سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو ته ان بورڊ ۾ لالچند امر ڏني مل اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. ان وقت سنڌي لغت کي تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي هئي، ان جو به هن اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو، ان ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ناميارا اديب ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڄيٺمل پرسرام، عثمان علي انصاري، محمد بخش واصف ۽ ٻيا شامل هئا.
هنن الف ب جي پهرين چئن اکرن تي ابتدائي ڪم ڪيو ۽ ورهاڱي بعد پوءِ اها لغت، اڳتي هلي سنڌي ادبي بور، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ تيار ڪرائي.
لالچند امرڏنيمل ڪانگريس هلچل ۾ به حصو ورتو، جنهنڪري 1922ع ۾ جيل به ويو، جيل ۾ اندر ۽ ٻاهر ڪيترائي ڪتاب لکيا، جهڙوڪ: ‘سدا گلاب’ [ٽئگور جي ڪتاب باغبان (Gardner) جي نثري نظمن جو نثري ترجمو]، سون ورنيون دليون [Hearts of Gold: By: I. Edhor جي ڪتاب جو ترجمو]، سچ تان صدقي، ڪشنيءَ جو ڪَشٽ، ڦلن مُٺ، برونو [مشهور سائنسدان برونو جي حياتيءَ تي لکيل ڪتاب]، ڏکن ڏُڌي زندگي، حُر مکيءَ جا [حر تحريڪ تي لکيل پهرين ڪهاڻي]، رام بادشاهه، پريم جو ٻَلُ [ٻه ڀاڱا]، لڳ ننڍو جيءُ گهڻو، ماتمين کي دلداري، محمد رسول اللهصه [حضور پاڪصه جي زندگيءَ تي آڌاريل ڪتاب]، بيرنگي بـاغ جو گل [ٻه ڀاڱا]، مسافريءَ جو مزو، سنڌي چمن، سيڻ ڪي ويڻ، نقد ڌرم [ناٽڪ]، هندستان جي تاريخ، مـاڻـڪ مـوتي لـعـل، ميـران [ناٽڪ]، سنڌي ٻوليءَ جو نچوڙ، جيل جي ڊائري، ننڍڙا ناٽڪ، چوٿ جو چنڊ وغيره.
لالچند امرڏنيمل ورهاڱي کان اڳ ڪجهه وقت ‘مهراڻ’ رسالو به هلايو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ 1951ع ۾ نئين سري سان شروع ڪيو، جنهن ۾ شاهه لطيف تي به مواد ڇپبو هو. پاڪستان ٺهڻ بعد ٻين ڪيترن اديبن سان گڏ هـيءُ به ڀارت لڏي ويو. جتي 18 اپريل 1954ع تي وفات ڪيائين. سندس وصيت موجب سندس سنک 12 ڊسمبر 1955ع تي سنڌ ۾ موڪليا ويا، جيڪي 18 اپريل 1956ع ۾موجوده حسين آباد (گدو بندر) وٽان سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪيا ويا، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سربراهه محمد ابراهيم جويي سان گڏ سنڌي مسلم ۽ هندو اديبن هن تقريب ۾ حصو ورتو، ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ سندس ئي ترجمو ڪيل ڪتاب ’سون ورنيون دليون‘ ڇپائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي هئي.
لعلچند امرڏنو مل، شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جو پارکو هو. هي ڄيٺمل پرسرام ۽ سائين جي. ايم. سيد سان گڏجي، 1932ع ۾ ‘شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس ڀٽ شاهه’ ۾ شريڪ ٿيو هو. کيس شاهه سان وڏي محبت هئي. هن سچل سرمست ۽ ساميءَ تي ٻه ڪتاب ‘سچل سونهارو’ ۽ ‘ساميءَ جا سلوڪ’ لکيا. جڏهن ته شاهه لطيف ۽ شاهه جي سُرن تي هيٺيان ڪتاب لکيائين، جنهنڪري سندس لطيف شناس عالمن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
(1) شاهاڻو شاهه (شاهه لطيف بابت مضمون)
(2) سُر ڪيڏارو (اڀياس)
(3) عمر مارئي (ناٽڪ)
(4) سهڻي ميهار (ناٽڪ)
(5) شاهه جا ڪي سُر
(6) شاهه جي رسالي جو سُر ڏهر ۽ اُن جي تشريح
لعلچند امرڏنو مل، ڀيرو مل مهرچند ۽ ڄيٺمل پرسرام، شاهه جي اوائلي پارکن ۽ شارحن ۾ شمار ٿين ٿا. مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته، جديد سنڌي ادب، ٻين بيشمار اعليٰ هندو خادمن سان گڏ مٿين ٽن هندو سڄڻن (اديبن) کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي. اهي ٽيئي صاحب سنڌي زبان لاءِ ڄڻ ‘ابو امان’ هئا، جن سنڌيءَ کي پاليو، پختو ڪيو ۽ سينگاريو. هن جي طبيعت صوفياڻي هئي، ان ڪري اسلامي تصوف مطالع ڪيائين. ويدانت جا ورق ورايائين ۽ ڏٺائين ته هر هنڌ حق آهي، ۽ اهو هڪ آهي. هن پيغمبر اسلام تي جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان تي ڪي دوست کيس مذاق ۾ لعل محمد چوندا هئا.
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي (1885-1948): مشهور اديبَ، سچي سناتني، صوفي ۽ ٿياسافسٽ، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ، 1885ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ انگريزي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، کيس برهمو سماج، سناتن ڌرم، اسلام ۽ ٿياسافيءَ جي وڏي ڄاڻ هئي. سنڌ جي صوفياڻي ڪلچر جو عملي نمونو ۽ انسان دوست شخص هو. ڪجهه وقـت ‘گلراج’ جـي تخلص سان شاعري به ڪيائين. 1914ع ۾ لالچند امرڏني مل سان گڏجي ‘سنڌي ساهت سوسائٽي’ قائم ڪيائين. 1917ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ نئشنل ڪاليج قائم ٿيو ته اُن ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. 1918ع ڌاري ايني بيسنت جي ‘هوم رول تحريڪ’ جو ميمبر ٿيو. سندس ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ‘بيسنت هال’ جو بنياد پيو، جنهن جو افتتاح ايني بيسنت خود ڪيو هو. هوم رول تحريڪ جي سلسلي ۾ ڄيٺمل پرسرام هڪ روزاني سنڌي اخبار ‘هند واسي’ جاري ڪئي، ڪجهه وقت کان پوءِ ساڳيءَ اخبار جو نالو بدلائي ‘ڀارت واسي’ رکيائين ۽ ڪيترا ڪتاب ڇپرايائين.
ڄيٺمل پرسرام جي ايڊيٽريءَ جو انقلابي دور سال 1916ع ۾ ‘هند واسي’ اخبار کان شروع ٿئي ٿو. هن، اخبار کي ‘رولٽ ائڪٽ’ خلاف عوامي تحريڪ طور استعمال ڪيو، جڏهن 30 مارچ 1919ع تي چاندني چوڪ دهليءَ ۾، انگريزن جي لاڳو ڪيل ‘رولٽ ائڪٽ’ جي خلاف هزارين ماڻهن جو جلوس نڪتو ته اُن تي سرڪار فائرنگ ڪرائي، جنهن ۾ ڪيترائي احتجاجي مارجي ويا ۽ سون جي تعداد ۾ زخمي ٿيا. ڄيٺمل پرسرام ان واقعي جي خلاف پنهنجي اخبار هند واسيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکيو ۽ ان جي پهرئين صفحي تي هڪ مضمون لکي، ان جي عنوان طور شاهه لطيف جو هيٺيون بيت لکيائين:
اڳـيـان اڏيـن وٽ، پوين ســر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قَبُولَ ۾، مَڇُڻَ ڀائيين گهٽ،
مَـٿـاَ مَـهـايِــن جــا، پـِئـا نـه پَـسـيـن پَــٽِ،
ڪلاڙڪي هَـٽِ، ڪَسَڻ جـو ڪـوپُ وهـي.
سندس ايڊيٽوريل، عنوان واري شعر سميت ترجمو ٿي، جڏهن اُن وقت حيدرآباد، سنڌ جي ائڊيشنل مئجسٽريٽ ايڇ. ٽي. سورلي وٽ پهتو، هن ڄيٺمل پرسرام تي بغاوت ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جو مقدمو درج ڪري، کيس ٻه سال جيل جي سزا ڏئي ڇڏي ۽ سندس اخبار به بند ڪئي وئي، پر 1920ع ۾ آزاد ٿيو.
تاريخ جو عجيب اتفاق آهي ته اُن کان پوءِ ايڇ. ٽي. سورلي، ڄيٺمل پرسرام جي ايڊيٽوريل جي عنوان واري شاعر شاهه لطيف کان ايڏو تـه متاثر ٿيو، جو هن اڳتي هلي 1938ع ۾ شاهه لطيف تي تحقيقي مقالو ‘Shah Abdul Latif of Bhit: His Poetry, Life and Times’ لکيائين، جيڪو شاهه جي شاعريءَ ۽ دؤر تي شاهڪار ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو، ’ڀٽ جو شاهه‘ عنوان سان عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جڏهن ته هن ڪتاب جو اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي.
ڄيٺمل پرسرام ‘ڀارت واسياخبار بند ٿيڻ کانپوءِ ‘سنڌ واسي’ اخبار جاري ڪئي. 1922ع ۾ ‘نئين سنڌي لائبرري’ ۽ ‘سستو عمدو ساهت مالها’ نالي سان ڪتابي سلسلا شروع ڪيائين.
ڄيٺمل پرسرام 1924ع ڌاري حيدرآباد مان هڪ ماهوار ادبي رسالو ‘روح رهاڻجاري ڪيو، جنهن 1944ع تائين سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. 1947ع ۾ ‘روح رهاڻ’ جي ساڳئي نالي سان ڪراچيءَ مان رسالو جاري ڪيائين، جنهن ۾ شاهه لطيف بابت ڪافي مضمون ڇپيا. ورهاڱي کان پوءِ ‘پرڪاش’ ۽ ‘سنڌ هيرالڊ’ اخبارون جاري ڪيائين. حيدرآباد ۾ دلپت صوفيءَ جي آستاني تي هر ڇنڇر رات، صوفي راڳ جي مجلس ٿيندي هئي، جتي ڄيٺمل پرسرام حاضري ڏيندو هو.
ڄيٺمل پرسرام سياست ۾ ترقي پسند خيالن جو حامي هو. هن 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ جي ايم سيد سان گڏجي ‘سنڌ هاري ڪميٽيءَ’ جو بنياد وڌو ۽ 1938ع ۾ ‘پيپلز پارٽيءَ’ قائم ڪرڻ ۾ به جي ايم سيد سان گڏ رهيو. 1939ع ۾ جڏهن مسجد منزل گاهه واقعي ۾ هندو مسلم فساد ٿيا ته ڄيٺمل پرسرامَ، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ ۽ جي ايم سيد سان گڏجي بيان ڪڍيو، جنهن ۾ سنڌ جي صوفي روايتن جي پوئلڳ سنڌين کي مذهب جي نالي تي اشتعال ۾ اچڻ کان روڪيو ويو هو. هي پهريون شخص هو، جنهن سوشلزم تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب ‘سوشئلزم’ (ساميه واد) لکيو. ان کان سواءِ سناتن ڌرم، تصوف ۽ ويدانت تي ڪيترا ڪتاب لکيائين. هن جو ڪتاب ‘سنڌي ساهت جو خزانو’ (شاهه جي رسالي بابت: 1924ع) سندس اخبارڀارت واسي’ ۾ قسطوار تنقيدي مضمونن تي مشتمل شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه جي رسالي بابت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن شاهه جي سورمين تي تصوف جي رنگشاهه جون سورميون ’ نالي پهريان مضمون لکيا ۽ انهن مضمونن کي گڏي ‘شاهه جون آکاڻيون ’ عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو.
ڄيٺمل پرسرام، ميران محمد شاهه ۽ جي ايم سيد، شاهه لطيف جي ميلي تي 1932ع کان ‘صوفي سماگم’ عنوان هيٺ ليڪچر ڪرايا ۽ ساليانيون ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جي ابتدا ڪئي. هي صاحب، ويدانت، تصوف ۽ سنڌ جي صوفي شاعرن جي تعليمات تي عبور رکندو هو. سندس ڪيترا ڪتاب ويدانت ۽ تصوف جي روشنيءَ ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل آهن. ان کان سواءِ سندس مشهور ڪتاب ‘Sofis of Sindh’ جا ڪيترا ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ شاهه لطيف تي خاص مواد موجود آهي. پاڻ شاهه لطيف رح جي فڪر جو سچو شارح هو.
ڄيٺمل پرسرام، 6 جولاءِ 1948ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.
 علامه آءِ. آءِ. قاضي (1886-1968): سنڌ جي وڏي عالم ۽ اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جا وڏا پاٽ، ضلعي دادوءَ جا هئا. علامه صاحب حيدرآباد ۾، 18 اپريل 1866ع تي ڄائو. هن ارڙهن سالن جي عمر (1904ع) ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ ويو، پر هڪ سال بعد واپس موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. 1907ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو، جتي ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر ‘برائون’ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪـٽـر ‘آرنولڊ’ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. 1910ع ۾ ‘لنڪنس اِن’ (لنڊن) ۾، ‘بار ايٽ لا’ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي، جيڪا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪري وطن واپس وريو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين.
قاضي صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ‘مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام’ (Place of Ghazal in Oriental Poetry) لکيو ۽ کيس انگلنڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽيءَ (Poetic Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. 1926ع ۾ خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ٿيو ۽ ٿوري عرصي کانپوءِ آگسٽ 1927ع ۾ استعيفا ڏنائين.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ علامه صاحب برصغير جي انسانن جي غير فطري ۽ جبري لڏپلاڻ ۽ خونريزيءَ وارن عملن کان بددل ٿي، لنڊن هليو ويو. پاڻ انگلنڊ ۾ ئي هو ته سندس مداحن ۽ دوستن، خاص طرح جي. ايم. سيد سندس واپس اچڻ لاءِ وڏو زور ڀريو. آخرڪار علامه صاحب لنڊن کي الوداع ڪري سنڌ آيو ۽ 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي چارج اچي ورتائين، ۽ ان کي اعليٰ تعليمي درسگاهه بنايائين. وائيس چانسلر بنجڻ کان پوءِ علامه صاحب، سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينٽرل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ پريس لڳائڻ جي منظوري ڏني. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک وڌائي.
9 سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي لوث خدمت ڪيائين. موجوده سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ڪئمپس هن جي محنتن جو نتيجو آهي، پر جڏهن محسوس ڪيائين ته مارشل لا حڪومت وٽ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿيون ته وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويو.
هـو تحـقيـق ۽ تصنيـف ۾ مشغـول رهيو. ان ئي زماني ۾ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنائين. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندن گهر واري مدر ايلسا قاضيءَ گڏجي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ‘شاهه جي رسالي’ جي ترتيب آهي. سنڌي ادبي بورڊ 1960ع ۾ شاهه جي شاعراڻي پرواز ۽ فڪر بابت هڪ جامع ڪتاب توڙي شاهه جي ڪلام جي هڪ معياري متن تيار ڪرڻ جو ڪم علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي حوالي ڪيو.
علامه صاحب اڌ صديءَ کان وٺي شاهه جي ڪلام جو مطالعو ڪندو رهيو هو ۽ جڏهن هن کي رسالي جي ترتيب ۽ تاليف جو ڪم ڏنو ويو ته هن خوشيءَ سان اهو ڪم قبول ڪيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، پاڻ شاهه جي رسالي جو جيڪو متن تيار ڪيائون، ان جي خاص خوبي اها آهي ته ان ۾ شاهه جي ڪلام جو، نفس مضمون توڙي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان، گهرو مطالعو ڪيو ويو آهي ۽ ان کي انهيءَ فطري ترتيب موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن جو شاهه جي زندگيءَ جي جدا جدا منزلن سان مناسبت ۽ مطابقت جو امڪان آهي .....”
علامه قاضي صاحب شاهه جي مستند ڪلام جي سلسليوار سٽاءَ ۽ ترتيب کي خاص طرح مدنظر رکيو ۽ اِن لحاظ سان شاهه جي هن رسالي ۾ شاهه جي ذهن ۽ فڪر جي تدريجي ارتقا جو نقشو صاف نظر اچي ٿو. شاهه جي زندگيءَ ۽ فڪر جي درجيوار مرحلن مطابق، رسالي جي هيءَ ترتيب خود شاعر جي سوانح حيات جي مطالعي لاءِ به ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي.
هن رسالي ۾ شاهه جو سُر ڪيڏارو شامل نه ڪيو ويو آهي، پر ان لاءِ ڪو دليل يا منطق نه ڏنو ويو آهي. هي شاهه جو رسالو 870 صفحن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ معنيٰ جي پٽي الف ب وار به شامل ڪئي وئي آهي.
جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ته علامه صاحب ۽ ايلسا قاضيءَ، شاهه جي رسالي جو منتخب ترجمو Risalo of Shah Abdul Latif عنوان سان ڪيو هو، جنهن جو تفصيلي تعارف نامياري قانوندان
اي. ڪي بروهيءَ لکيو هو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو هو. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي تحريص تي ئي شيخ اياز، پير حسام الدين راشديءَ جي رهنمائيءَ ۾ منظوم اردو ترجمو ڪيو.
ان کان سواءِ علامه صاحب، شاهه صاحب بابت هڪ تحقيقي مقالو انگريزيءَ ۾ لکيو هو، جنهن جو عنوان آهي: Shah Abdul Latif: An appreciation of his Art. هي انگريزي مقالو ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي، ان جو سنڌي ترجمو عبدالغفار سومري ڪيو آهي.
علامه آءِ آءِ قاضيءَ، 13 اپريل 1968ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ وفات ڪئي.
 ايڇ. ٽي. سورلي (1892-1968): شاهه جي مغربي شارحن ۾ ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي جو نالو انتهائي اهم آهي. سندس مڪمل نالو هربرٽ ٽاور سورلي (Herbert Tower Sorley) آهي. هن انگلنڊ ۾ 12 اپريل 1892ع ۾ جنم ورتو. برصغير تي انگريز راڄ دوران 1914ع ڌاري سول سروس ۾ داخل ٿيو. سُتت ئي سندس مقرري سنڌ ۾ ٿي، جتي هن 1918ع ۾ حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ملازمت جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترن اعليٰ عهدن سان گڏ جيڪب آباد، حيدرآباد، نواب شاهه، سکر ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪليڪٽر/ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. سندس آخري منصب، 1952ع تائين، پاڪستان سرڪار جي سينٽرل بورڊ آف روينيو ۾ ميمبر جي حيثيت ۾ رهيو. ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهي ‘سنڌ گزيٽيئر’ 59-1957ع دوران لکي مڪمل ڪيائين، جيڪو 1968ع ۾ شايع ٿيو.
ڊاڪٽر سورلي، سنڌ ۾ پنهنجي ملازمت دوران، ٻين ڪيترن موضوعن سان گڏ خاص ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي علمي تحقيق ڪئي. شاهه صاحب جي ڪلام سندس دل ۽ دماغ تي ايترو اثر ڇڏيو، جو هن شاهه جي شاعريءَ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ، بمبئي سرڪار کي گذارش ڪري پنهنجي بدلي حيدرآباد ۾ ڪرائي ته جيئن هو ڀٽ شاهه وڃي شاهه صاحب تي خاطر خواهه علمي ڪم ڪري سگهي. 1926ع ۽ 1927ع جا ٻيئي سال هو هر جمعي جي رات ڀٽ شاهه ۾ وڃي لطيفي درگاهه جي اڱڻ ۾ گذاريندو هو ۽ سڄي رات لطيفي راڳ ٻڌندو هو ۽ شاهه جي فقيرن، سگهڙن، سالڪن ۽ عقيدتمندن کان شاهه بابت معلومات گڏ ڪندو رهندو هو، جنهن کي ڇنڊي ڇاڻي اڳتي هلي معياري تحقيق جي صورت ڏنائين. هن ان دوران ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي تحقيق شاهه جي رسالي (جلد I، 1923ع) جو مطالعو ڪيو ۽ ڀٽ شاهه ۾ قاضي محمد احمد سان ملاقات دوران
شاهه جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو.
34 سالن جي طويل عرصي دوران سنڌ ۾ نوڪري ڪندي هن سنڌ جي علم ادب ۽ ڪلاسيڪي شاعري، تهذيب، تاريخ، تصوف، روايتن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو مختلف رخن کان مطالعو ڪيو. مختلف موضوعن تي سندس ڪيترا علمي ۽ تحقيقي آرٽيڪل ان دور ۾ ‘سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ’ جي جرنل ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا.
هن 1938ع ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تحقيقي مقالو
Shah Abdul Latif of Bhit عنوان سان لکي، آڪسفرڊ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس اهو تحقيقي ڪم آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس لنڊن 1940ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو 1966ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو سنڌ حڪومت جي منظوريءَ سان سنڌي ڪتاب گهر 1989ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو محترم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو 1992ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ شايع ڪيو ۽ ان جو اردو ترجمو (مترجم: پروفيسر رياض صديقي) 2003ع ۾ فڪشن هائوس لاهور شايع ڪيو آهي. سورلي جي انگريزي ٿيسز جو نئون ڇاپو 2016ع ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن تحقيقي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سورلي 17، 18 ۽ 19 صديءَ جي سنڌ جو سماجي، سياسي ۽ اقتصادي جائزو ورتو آهي. ڪتاب جي سوا چار سئو صفحن مان 80 صفحن کان وڌيڪ شاهه لطيف جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي لکيا ويا آهن. 120 صفحن تي شاهه جي بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پيش ڪيو ويو آهي، باقي 218 صفحن ۾ شاهه جي دور جو سماجي، اقتصادي ۽ سياسي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. هنڌ هنڌ تي سنڌ لاءِ ‘ملڪ’ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي ۽ ‘سنڌ’ کي باقي هندستان کان اهم خطو ڄاڻايو ويو آهي. سورلي هندستان ۾ مغلن جي اقتدار جي طور طريقن ۽ انتظامي نظام تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
ڊاڪٽر سورلي جو هڪ ٻيو اهم ڪتاب Muza Provigans آهي، جيڪو ايڊنبرا يونيورسٽي پريس، انگلنڊ، 1940ع ۾ شايع ڪيو. ان ڪتاب ۾ هن مختلف ملڪن ۽ ٻولين جي 13 معروف شاعرن (جن ۾ يوناني، لاطيني، فرينچ، اطالوي، عربي، فارسي ۽ اردو شاعر اچي وڃن ٿا) جو چونڊ ڪلام پيش ڪري، شاهه لطيف جي ڪلام تي پنهنجي عالمانه راءِ ڏيندي ‘شاهه لطيف کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر’ قرار ڏنو اٿس .
ڊاڪٽر سورلي رٽائرمينٽ کانپوءِ آفريڪا جي ملڪ روڊيشيا (زمبابوي) جي شهر سالسبريءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن 7 آگسٽ 1968ع تي وفات ڪئي. 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران لطيفيات جي ماهر اينيمري شمل سان گڏ ايڇ. ٽي. سورلي مرحوم کي به (وفات کان پوءِ) اعزازي ڊگري ڏني، جيڪا لنڊن مان آيل سندس نياڻيءَ وصول ڪئي.
 محمد بخش ‘واصف’ [1892-1952]: محمد بخش ‘واصف’ سنڌي زبان جو اهم شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو محمد عثمان پٺاڻ هو. هن جو جنم ڳوٺ راضي جتوئي، لڳ قاضي احمد، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه ۾، 3 ڊسمبر 1892ع ۾ ٿيو. هو ننڍي هوندي کان هوشيار هوندو هو. کيس علم حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. قرآن شريف پڙهڻ کانپوءِ ابتدائي سنڌي تعليم، حيدرآباد جي قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول مان ورتائين. ان کانپوءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ته سندس والد 1911ع ۾ وفات ڪري ويو. ان ڪري [ست درجا پڙهي] تعليم ڇڏي، ذريعه معاش لاءِ سرگردان رهيو. آخر سرڪاري ملازمت ڪيائين. فارسي، اردو، سنڌي، انگريزي، عربي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جو ماهر هو. هن سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون.
هو اسلامي ۽ ديني علمن جو ڄاڻو، تاريخ، نسب نامن، لغت جو وڏو محقق هو. کيس علم تصوف، ويدانت ۽ يوناني فلسفي جي ڪافي ڄاڻ هئي. اعليٰ درجي جو خوشخط ۽ ڪاتب هو، خاص ڪري سنڌي- عربي خط ۾ بينظير هو.
محمد بخش ‘واصف’ کي ننڍي هوندي کان شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ هو. پندرهن ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ جي شروعات ڪيائين. سندس شاعري جديد ۽ قديم جو سنگم هو. هو ڪهنه مشق شاعر هو. جمعية الشعراء سنڌ جو ميمبر هو، جنهن کيس ‘فخر الشعراء’ جو لقب ڏنو.
محمد بخش ‘واصف’ اعليٰ درجي جو نثر نويس، نقاد، صحافي هو. مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جڏهن ‘طيراً ابابيلاخبار ڪڍي ته واصف سندس مددگار رهيو. هن غلام حسين ڪاشفيءَ جي مشهور فارسي ڪتاب ‘انوار سهيلي’ جو ترجمو ‘گلزار چنبيلي’ عنوان سان ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي لغت اسڪيم جو ميمبر هو ۽ سنڌي لغت جي پهرين چئن اکرن ۾ محمد بخش واصف جي محنت به شامل آهي.
محمد بخش واصف، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي بنيادي ميمبرن مان هو ۽ ان جي اشاعتي سلسلي ۾ گهڻو حصو ورتائين. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي ڪتابي سلسلي جي شروعات، 1931ع ۾ سندس ڪتاب ‘رسول صه'>اسان جو پيارو رسول صه’ سان ٿي.
محمد بخش واصف شاهه لطيف جو به وڏو ڄاڻو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل ‘شاهه جي رسالي’ تي تنقيد ڪندڙ اديبن مان واصف به هڪ هو، انهيءَ ڏس ۾ ‘شرح لطيفي’ نالي هڪ ڪتاب ڇپايو هئائين. غلام محمد شاهواڻيءَ، واصف جي تعاون سان ‘شاهه جو رسالو’ (1950) ترتيب ڏئي ڇپايو هو، جيڪو ڪافي معياري رسالو آهي.
محمد بخش واصف جي ڪتابن ۾، مٿي ذڪر ٿيل ڪتابن کان سواءِ سچو مذهب، اسلامي شريعت، انسان ڪامل، صداقت القرآن، تذڪرة الشعراء، ديوان واصف، اسرار خودي (ترجمو)، رموز خودي (ترجمو)، قرآن ۽ ويدڪ جهاد، ڏهن سوالن جا جواب، قاتلان حسين، ميزان الانصاف ۽ ٻيا ڪيترا هئا. هن جا ٻه علمي ۽ ادبي شهڪار: (1) ‘خزينة العلوم’ (5 جلد: سنڌيءَ ۾ پهريون اسلامي انسائيڪلوپيڊيا) ۽ ‘ڪليات واصف’ (قلمي) آهن. هي ٻئي ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن.
هن 14 آڪٽوبر 1952ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ دفن آهي.
 مولانا دين محمد وفائي (1894-1950): نامور عالم، اديب ۽ محقق، مولانا دين محمد ولد حڪيم گل محمد، 27 رمضان المبارڪ 1311هه مطابق 4 اپريل 1894ع تي ڳوٺ کٽي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتائين. ان بعد فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد عالم کان ۽ عربيءَ جي تعليم مولانا غلام سوني جتوئيءَ واري کان وٺي 1913ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. علم جي تحصيل کانپوءِ مولانا دين محمد ڪجهه وقت لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهيو. ان بعد 1914ع کان 1916ع تائين راڻيپور ۾ جيلاني پيرن جي اولاد کي تعليم ڏنائين، تنهن کانپوءِ ٺلاهه ۾ وڃي امام الدين شاهه راشديءَ جي فرزندن کي پڙهائڻ لڳو. مولانا دين محمد وفائي 1920ع ۾ الوحيد اخبار جي اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو، ٽن سالن کانپوءِ 1923ع ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار رسالو ’توحيدجاري ڪيائين. 1926ع ۾ ’سنجوگي‘ شيخن جي تحريڪ شروع ٿي ته هڪ سال لاءِ اتر سنڌ ۾ وڃي تبليغ ڪيائين ۽ 1927ع ۾ ‘اخبار الحرب’ جاري ڪيائين. 1930ع ۾ الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ 1934ع ۾ ڪراچيءَ مان ٻيهر ’توحيد‘ رسالو ڪڍيائين. ان کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ ‘اخبار آزاد ’ جو به ايڊيٽر ٿي رهيو. 1940ع ۾ ’سنڌي ساهت جو صلاحڪار بورڊ‘ قائم ٿيو ته کيس ان جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. ان کانسواءِ ساڳئي دؤر ۾ ‘سنڌي لغت ڪاميٽيءَ’ تي به ميمبر طور کنيو ويو. اهڙيءَ طرح ورهاڱي کانپوءِ 1949ع ۾ سنڌي درسي ڪتابن کي نئين سر تيار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي ته کيس به ميمبر چونڊيو ويو.
مولانا دين محمد وفائي ناميارو عالم، بيباڪ صحافي، نامور اديب ۽ لطيف شناس هو. شعر و شاعريءَ سان به شغف رکندو هو، جنهنڪري ‘وفائي’ تخلص اختيار ڪيائين.
سندس سياسي ۽ علمي تربيت مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ ٿي. 1920ع ۾ جميعت العلماءِ سنڌ جو ناظم مقرر ٿيو. خلافت تحريڪ دوران هن سنڌ کان هند تائين سمورين ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ملڪي سطح تي سنڌ جي سري کان وٺي لاڙ تائين اهم جلسن جو انعقاد ڪيائين. هيءُ صف اول جي تحريڪي مبلغن مان هو. خلافت تحريڪ ۾ سرگرم هئڻ دوران ڪيترا ڀيرا جيل ويو. هو نه رڳو ‘سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، پر جماعت لاءِ چندو ڏيڻ، گڏ ڪرڻ ۽ امن سڀائي عالمن کي جواب ڏيڻ ۾ به باقي عالم سياستدانن کان اڳرو رهندو آيو. هن ‘سنڌ محمدن ايسوسيئيشن’ ۾ به شموليت اختيار ڪئي. سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ کانپوءِ مولانا ‘سنڌ اتحاد پارٽي’ سان همدرديون قائم رکيون، پر جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي 1939ع ۾ جلاوطنيءَ کانپوءِ واپس وطن وريو ۽ ‘جمنا، نربدا سنڌ ساگر پارٽي’ ٺاهيائين ته سندس ٻانهن ٻيلي ٿي سياست ۾ حصو ورتائين. مولانا دين محمد وفائيءَ کي تاريخ جي مضمون ۾ گهري دلچسپي هئي.
هن مجموعي طـور 60 ڪـتاب لکـيـا، جـن مـان ‘لـطـف اللـطيـف’ شاهه لطيف بابت آهي. سندس ڪتاب ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ (ٽي جلد) سنڌ جي عالمن ۽ مشاهيرن بابت مستند ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن تاريخ ساز شخصيتن تي ڀرپور لکيو آهي. سندس طبيعت نهايت سادي ۽ فقيراڻي هئي. هو وسيع ذهن ۽ قلب رکندڙ عالم هو. شاهه جي بيتن تي وڏو ملڪو رکندو هو، ’لطف اللطيف’ ان جو اهم مثال آهي.
مولانا دين محمد وفائيءَ، 22 جـمـادي الآخر 1369هه بمطابق
10 اپريل 1950ع تي پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.
 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو (1896-1958): سنڌ جي نامور تعليمدان ۽ اسڪالر، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، 25 مارچ 1896ع تي محمد خان دائودپوٽي جي گهر، ٽلٽي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. سندس والد هڪ غريب ۽ مسڪين انسان هو. ڇهن سالن جي عمر ۾ کيس ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. ستت ئي پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڪرمپور جي اسڪول ۾ داخل ٿيو.
دائودپوٽو صاحب 1914ع ۾ لاڙڪاڻي مدرسي اسڪول ۾ پڙهڻ ويو، جتان ٻئي سال نوشهري فيروز مدرسي ۾ پڙهڻ ويو. هو غريب والدين جو ٻار هئڻ ڪري اسڪـولـي تعلـيم دوران کٽون واڻي پڙهائيءَ جو خرچ به ڪڍندو هو ۽ ڪجهه رقم گهر به ڏيندو هو. دائودپوٽي، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان شاندار اعزاز سان پاس ڪيو. ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ مان 1921ع ۾ بي. اي (فارسي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي فارسي ۽ عربيءَ ۾ فـرسـٽ ڊويـزن ۾ پاس ڪـري پهريون نمبر حاصل ڪيائين، جنهن تي کيس چانسلر ميڊل مليو. 1924ع ۾ کيس گورنمينٽ اسڪـالـرشـپ ملي ۽ ڪئمبرج يونيورسٽي لنڊن جي ايمبونيل ڪاليج ۾ داخلا وٺي، اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين ۽ 1927ع ۾ ‘عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر’ جي عنوان هيٺ انگريزيءَ ۾ مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 21 سيپٽمبر 1927ع تي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ پرنسپال جي چارج ورتائين، جتي 1927ع کان 1930ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1928ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان فيلوشپ لاءِ نامزد ٿيو. 1930ع کان 10 مارچ 1939ع تائين ڊاڪٽر صاحب اسماعيل ڪاليج انڌيري، بمبئيءَ ۾ عربيءَ جو پروفيسر رهيو. ان عرصي ۾ ڊاڪٽر صاحب ‘تاريخ معصومي ’ ، ‘چچ نامي’ ۽ ‘بيان العارفين’ جي ترجمن ۽ ‘ابيات سنڌي’ جي شرح تي مشتمل ڪتاب لکيا.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو 1950ع کان 1955ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهيو. 1956ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1957ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي کي سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ‘مهراڻ’ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر دائودپوٽو فواد يونيورسٽيءَ جو مراسل، پاڪستان ايران ثقافتي انجمن جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جو باني ميمبر به رهيو. ونيونٽ واري دؤر ۾ هڪ سال لاءِ مغربي پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به رهيو.
ڊاڪٽر دائودپوٽو اعليٰ پايي جو اديب، محقق، عالم، تعليمدان ۽ شاهه جو وڏو شارح هو. شاهه لطيف هن جي نظر ۾ صوفي شاعر واري حيثيت رکندڙ هو ۽ هن شاهه جي شخصيت جي مختلف پهلوئن کي انهيءَ نقطه نگاهه سان ڪافي لکيو آهي. هن شاهه لطيف تي مختلف رخن کان ڪيترا مقالا لکيا، جيڪي ‘مقالا’ عنوان هيٺ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز شايع ڪيا آهن.
ڊاڪٽر دائودپوٽي ‘شاهه جي رسالي’ تيار ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جِي، خاص ڪري شاهه جي رسالي ۾ موجود عربي لفظن، اصطلاحن، قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ جي سلسلي ۾ مدد ڪئي هئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، دائودپوٽي صاحب جو استاد هو ۽ هن شاهه جي رسالي ۾ مدد ڪرڻ تي سندس شڪر گذاري به ڪئي آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪلام، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام/ ملفوظات ‘بيان العارفين’ تي جديد قسم جي تحقيق ڪئي. هن ‘ابيات سنڌي’ (ڪلام مخدوم محمد زمان لنواري) جي عربيءَ ۾ شرح لکي. ان کان سواءِ هن ‘شاهه جو رسالو’ به ترتيب ڏنو، جنهن جي 13 سرن تائين ڪم ڪري سگهيو، جنهن کي اڳتي هلي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ نظر مان ڪڍيو.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، 22 نومبر 1958ع تي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس سندس وصيت موجب ڀٽ شاهه ۾ درگاهه شاهه لطيف جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو. ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران حيدرآباد ۾ سندس نالي تي ‘شمس العلماء دائودپوٽا لائبرري’ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا حيدرآباد جي سڀ کان وڏي پبلڪ لائبرري آهي.
عثمان علي انصاري (1901-1962): نامور اديب، تعليم دان، عالم ۽ لطيف شناس، عثمان علي انصاريءَ جـا وڏا سهـارنپـور جا رهاڪو هئا. سندس والد ميان هدايت علي انصاري نوڪريءَ سانگي سنڌ ۾ آيو. 1901ع ۾ هن سيوهڻ ۾ پوليس انسپيڪٽر جي حيثيت ۾ وفات ڪئي. هن جي مستقل رهائش شڪارپور ۾ هئي. عثمان علي انصاري سندس ٻيو نمبر فرزند هو، جنهن 21 آڪٽوبر 1901ع ۾ شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن 1918ع ۾ شڪارپور مان مئٽرڪ ڪئي، 1921ع ۾ عليڳڙهه ڪاليج مان انٽر ڪيائين.
ابتدا ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ ماستري ڪيائين. بعد ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ بڙودا ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي پاس ڪرڻ بعد جرنلزم (صحافت) ۾ ڊپلوما ڪري وطن وريو. موٽڻ کان پوءِ ‘بامبي ڪرانيڪل’ اخبار ۾ ڪم ڪيائين. هو ميرپورخاص مدرسي اسڪول جو هيڊماستر ۽ نوشهري فيروز مدرسي هاءِ اسڪول جو پرنسپال به رهيو. 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، بعد ۾ ايس. ٽي. ڪاليج ڪراچيءَ جو پرنسپال ۽ 1950ع ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر مقرر ٿيڻ تي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، جتان 1957ع ۾ پينشن تي لٿو.
جڏهن جي ايم سيد کي 10 آڪٽوبر 1958ع کان جنوري 1960ع تائين ڪراچي سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ نظربند هو، ان عرصي ۾ عثمان علي انصاري بورڊ جي هڪ سرڪرده ميمبر جي حيثيت ۾، ۽ محمد ابراهيم جويو سيڪريٽري طور بورڊ جو ڪاروبار هلائيندا رهيا. انصاري صاحب بورڊ جي ٺهڻ وقت به اُن جو سيڪريٽري هو، ۽ مارشل لا جي قيام کان پوءِ، جڏهن سرڪار محمد ابراهيم جويي صاحب کي تعليم کاتي ۾ واپس موڪليو، تڏهن انصاري صاحب وري به ڪجهه عرصي لاءِ بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿي رهيو.
عثمان علي انصاريءَ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا، پر سندس اهم تحقيقي ڪم: سچل سرمست جي سنڌي ڪلام جي ترتيب (رسالو سچل سرمست: سنڌي ڪلام) ۽ شاهه جي رسالي جي ترتيب ‘شاهه جو رسالو’ (اشاعت: 1997ع) آهي.
سچل سرمست جي رسالي جو ڪم عثمان علي انصاريءَ کي 1952ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان سونپيو ويو هو. هن سچل سرمست جا ڇپيل سمورا نسخا هٿ ڪري ۽ قلمي نسخن مان مواد کڻي، رسالو ترتيب ڏنو. ان کان سواءِ هن تصوف جو وسيع مطالعو ڪيو. ابن عربيءَ جي ڪتاب ‘فصوص الحڪم’ جو اڀياس ڪيائين. سچل جي هن رسالي جا سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۽ 1982ع ۾ ٻه ڇاپا، اشاعت هيٺ آندا ويا ۽ ‘نظريه توحيد’، ‘مڪتوبات امام رباني’، ‘تصوف اسلام’، ‘فلسفه فقراء’، ‘تصوف '>علم تصوف ’ ، ‘ڪلمة الحق’ وغيره ڪتاب پڙهيائين ۽ سچل جي رسالي تي تفصيلي مقدمو لکيائين.
سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد ‘شاهه، سچل ۽ سامي’ جي رسالن جي گڏيل اشاعت ۾ عثمان علي انصاريءَ جي سچل سرمست وارو رسالو به شامل آهي.
عثمان علي انصاريءَ جو شاهه لطيف سان دلي لڳاءُ ۽ عشق هو. هو خود لکي ٿو ته “فبروري 1947ع تائين منهنجو ڀلاري ڀٽائيءَ جو مطالعو يا ته ڪن خاص موقعن تي تقريرون تيار ڪرڻ وقت ٿيندو هو يا پنهنجي ذهني عياشيءَ جي ٻاڙ پوري ڪرڻ لاءِ. ٻنهي حالتن ۾ يا ته عوام جي ضيافت جو خيال رکندي، سندن پسنديءَ جا خاص سُر پڙهي، تقريرون تيار ڪندو هئس، ۽ يا پنهنجي پسند جا ڪي مٺا سُر چونڊي، تفريحاً ويهي پڙهندو هوس. فيبروري 1947ع ۾ مون کي (هڪ حادثي دوران) ڌڪ لڳا ۽ ڦٽجي اچي حيدرآباد جي اسپتال ۾ پيس. ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڪين هيم. تنهنڪري دوستن کي عرض ڪيم ته ڪي ڳائڻ وارا هٿ ڪري ڏيوم، جي سنڌي ڪافيون ويهي ٻڌائينم ته جيئن ڦٽ به جلد مڙنم ۽ وندر به ٿئي. نيازمنديءَ جو رستو گهڻن ئي صاحبن سان هو، تن مان ڪيترن ئي وٽ اهو عرض اگهاڻو ۽ حيدرآباد جي اسپتال ۾ روزانو چڱو موچارو هانڊو شروع ٿي ويو...
اُتي گواليار (گهراڻي) جو هڪ نوجوان پروفيسر به مجلس کي زينت بخشيندو هو... سنڌيءَ ۾ جڏهن ڀاڳيسريءَ مان ڀٽائيءَ جي هيءَ ڪافي آلاپيندو هو: “ننڊ نه ڪر تون نماڻي، وڃئي ٿي ويل وهاڻي” ته آءٌ ائين سمجهندو هئس ته ڄٽ سرجن جي سموري جراحيءَ کان هيءُ وڌيڪ منهنجي ڦٽن کي ڇٽائيندو ويندو هو!”
ائين انصاري صاحب، آگسٽ 1947ع ۾ اسپتال مان گهر موٽي آيو. حيدرآباد جي هانڊن کان ته محروم ٿي ويو هو، پر هنڌ تي ليٽئي ‘شاهه جو رسالو’ کڻي پيو پڙهندو هو. اتي کيس خيال آيو ته شاهه جي ڪجهه قلمي ۽ ڇاپيل نسخن کي ڀيٽي، صحيح رسالو ترتيب ڏجي.
ان وقت وٽس ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان مليل ٻه قلمي نسخا موجود هئا، جن کي آڏو رکي، سڀني ڇپيل رسالن جي بيتن جي ڀيٽ شروع ڪيائين. جڏهن ڊسمبر 1947ع ۾ وري اچي نوڪريءَ تي چڙهيو ته ڪاليج جي ملازمت دوران کيس فرصت نصيب ٿي ۽ هن شاهه جي رسالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ان وقت وٽس هيٺيان نسخا موجود هئا:
(1) بلڙيءَ وارو نسخو، (2) ڀٽ وارو نسخو، (3) سيوهڻ وارو نسخو،
(4) ٺٽي وارو نسخو، (5) درٻيلي جي مخدومن جو نسخو، (6) بمبئيءَ وارو رسالو، (7) ڊاڪٽر ٽرمپ وارو رسالو، (8) مرزا قليچ بيگ وارو رسالو،
(9) ديوان تاراچند شوقيرام وارو رسالو ۽ (10) ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو رسالو وغيره. ان کان سواءِ (11) محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو،
(12) شاهواڻيءَ وارو رسالو، ۽ (13) بشير احمد وارو نسخو، اهي نسخا هٿ ڪري ڪم ۾ جنبي ويو. اهڙيءَ ريت ٻن سالن ۾ رسالو مڪمل ڪري ورتائين ۽ ڪوشش ڪري رسالي جي بيتن جون معياري ۽ عقلي پڙهڻيون قائم رکيائين.
مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته، شاهه جي رسالي جي ترتيب متعلق انصاري صاحب جي جستجو ۽ تحقيق نهايت محققانه ۽ عالمانه آهي... شاهه جي بيتن جي تلاش، پرک ۽ پيشڪش جي نقطه نظر سان انصاري صاحب ڪافي عرق ريزي ڪئي. سندس چوڻ هو ته، هن شاهه کي ايڊٽ ڪيو آهي، پر جيستائين علامه دائودپوٽي جو رسالو شايع نه ٿيو آهي، تيستائين مان پنهنجو رسالو نه ڪڍندس!
عثمان علي انصاري، 02 سيپٽمبر 1962ع تي ڪراچيءَ ۾،
65 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي گڏيل سهڪار سان ‘شاهه جو رسالو’ 1997ع ۾ شايع ٿيو.
رسول بخش ڏيرو [1982-1901]: شاهه جو پارکو رسول بخش ڏيرو، فريدآباد، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ فبروري 1901ع ۾ ڄائو. هو اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد علي نواز خان ڏيرو وفات ڪري ويو ۽ هن جي پرورش والده ڪئي، جيڪا ديندار، نيڪ ۽ سگهڙ عورت هئي.
رسول بخش ڏيري، پرائمري اسڪول فريدآباد مان حاصل ڪئي. ڪجهه عرصو مولانا عبدالڪريم ڏيري جي صحبت ۾ علم حاصل ڪيائين. هن سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي تعليم ورتي ۽ پوءِ زمينداري سنڀالڻ لڳو. رسول بخش ڏيري جي والده پڙهيل لکيل ۽ شاهه لطيف جي ڪلام سان گهڻي محبت رکندي هئي، ان ڪري پاڻ به ‘شاهه جي رسالي’ جو مطالعو گهڻي ذوق ۽ شوق سان ڪندو هو. هن آخري عمر ۾ شاهه جي رسالي جي شرح لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو، ڪجهه سُرن - سُر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سر آسا ۽ سر سامونڊيءَ جي شرح لکيائين. ان سلسلي ۾ سندس هيٺيان ٻه ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) ‘نئين شرح لطيف: سُر يمن ڪلياڻ’ (ٻه فصل) 1965ع، ٻيو ڇاپو 1995ع ۾ شايع ٿيو.
(2) ‘نئين شرح لطيف: سُر ڪلياڻ’ (مڪمل) 1974ع، جنهن جو ٻيو ڇاپو 1995ع ۾ شايع ٿيو.
(3) ‘شاهه جو شان’، 1980ع
(4) ‘نئين شرح لطيف: سُر آسا’، 1995ع
ان کان سواءِ سندس هيٺيون قلمي مواد ڇپجي نه سگهيو آهي:
(1) ‘سر سامونڊيءَ جي هڪ بيت جي شرح (40 صفحا)
(2) ‘قرآن مجيد ۽ ڀٽائي گهوٽ جا بيت
پويون ڪتاب مشهور اديب ۽ عالم جوهر بروهي ترتيب ڏئي رهيو آهي.
رسول بخش ڏيرو زراعت جو ماهر هو ۽ کيس مندن ۽ فصلن جي وڏي ڄاڻ هئي. هن فريدآباد ۾ مدرسه عربيه محمديه جو بنياد وڌو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. رسول بخش ڏيري جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ سان دوستي هئي. انهن ٻنهي سندس ڪتاب ‘نئين شرح لطيف’ جي مقدمي ۾ سندس صلاحيتن جي تعريف ڪئي آهي.
رسول بخش ڏيري، 4 شوال 1402 هه مطابق 27 جولاءِ 1982ع تي وفات ڪئي، کيس مدينه جامع مسجد فريدآباد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
جي ايم سيد (1904- 1995): سـنڌ جـي محـب وطـن قومي اڳواڻ، عالم ۽ اديب، جي ايم سيد جو شمار ويهين صديءَ جي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي اهم قومي سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي ذڪر کان سواءِ جديد سنڌ جي تاريخ ڪنهن به صورت ۾ مڪمل نٿي ٿي سگهي. هن سڄي ڄمار پنهنجي تحريرن، عمل ۽ جدوجهد جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي ذهني رهبري ۽ قومي اڳواڻي ڪئي.
جي ايم سيد جو پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد محمد شاهه آهي. سندس والد بزرگوار انگريز دور جو هڪ ارڏو شخص ۽ زميندار ٿي گذريو هو، جنهن تي سڄي عمر انگريزن جي ڪَڙي نظر رهي ۽ شهر ۾ هُن جي چرپر تي نظرداريءَ لاءِ چَٽِي پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. سندس خاندان، ڪاظمي سيدن جي قبيلي مان، سنڌ جي مشهور مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي جي سنائي شاخ سان تعلق رکندڙ آهي.
مٽياري سيدن منجهان ٽن شخصيتن جا سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي وڏا اثر رهيا آهن: هڪ سيد حيدر شاهه سنائي، جنهن سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول جي رهبريءَ هيٺ ميران محمد جونپوريءَ سان درياهي جنگ ڪري، کيس ڪابل ڀَڄڻ تي مجبور ڪيو هو. ٻيو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ٽيون بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو، جيڪو سنڌ جي صدين جي ساڃاهه جو اهڃاڻ، سنڌ جي جديد قومي تشڪيل جي علامت ۽ سنڌ جو قومي شاعر آهي.
جي. ايم. سيد، سيد حيدر شاهه سنائيءَ جو چوڏهون نمبر سجاده نشين هو. سندس جنم دادو ضلعي (هاڻوڪي ڄامشوري ضلعي) جي شهر سن ۾، 17 جنوري 1904ع ۾ ٿيو. هي پنهنجي والد سيد محمد شاهه جو ٻيو نمبر فرزند هو، اڃا 16 مهينن جو مس ٿيو، ته سندس والد، خانداني جهيڙي جي ڪري، 1 نومبر 1905ع تي شهيد ٿيو، سندس وڏي ڀاءُ سيد احمد شاهه 11 مهينن کان پوءِ 29 نومبر 1906ع تي وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ هن ننڍڙي سيد کان سواءِ سڄي ڪُٽنب ۾ ڪو به مرد ماڻهو نه بچيو هو، جيڪو سندس سنڀال ڪري. اُن ڪري هن جي سنڀال سندس ٽن پُڦين، ٻن مائرن ۽ ڏاڏيءَ ڪئي. خاندان ۾ ملڪيت جي سنڀال لاءِ ڪو به مرد نه هئڻ ڪري، سندس سڄي ملڪيت اُن وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان ‘ڪورٽ آف وارڊس’ جي سنڀال هيٺ، 1905ع کان 1921ع تائين رهي، جتان گذرمعاش لاءِ معمولي رقم ملڻ سبب اڪثر، ڪاراوا ڪمدار ۽ نوڪر (پگهار نه ملڻ ڪري) ڪم ڇڏي ويا.
جي. ايم. سيد کي 01 جولاءِ 1910ع تي پرائمري اسڪول سن ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي ٻاراڻو پڙهيو. ان کان پوءِ سن جي ملا مڪتب ۾ قاضي فقير محمد وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، پر ٿوري وقت بعد جنوري 1913ع ۾ ٻيهر سنڌي اسڪول سن ۾ ماستر ڌرمداس ڀاڳو مل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان بعد ماستر ريواچند وٽ پڙهيو، جتان چار درجا پاس ڪرڻ بعد هيڊماستر وسڻ مل ٻالچند وٽ پنج درجا پاس ڪري ڇهين ۾ آيو. شهر ۾ وڌيڪ تعليم جو انتظام نه هئڻ ڪري آخوند ميان سمن ولد محبوب ميمڻ وٽ قرآن شريف ناظره پڙهڻ ويٺو. ان سان گڏ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي محمد هاشم احمد ميمڻ سن واري وٽ ورتائين. ان دوران ميان حامد علي ميمڻ هالاڻيءَ واري وٽ سن ۾ ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو ۽ ڪجهه وقت ماستر نارائڻ داس وٽ به انگريزي پڙهيو. ان بعد مولوي الهه بخش دادوءَ واري کي گهرائي، وٽس وڌيڪ عربي تعليم حاصل ڪيائين. ان ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي جي. ايم. سيد ڳوٺ ۾ عربي فارسي مدرسي جو بنياد وجهرايو ته جيئن سندس ساٿي به ساڻس گڏجي پڙهي سگهن. مدرسي ۾ مولوي محمد سيال دادوءَ واري وٽ پڙهيو ۽ پوءِ ڪوشش ڪري سن ۾ ٽي درجا انگريزي پڙهائڻ جو به انتظام ڪرايائين.
جي ايم سيد 15 سالن جي عمر ۾، 1919ع کان پنهنجي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. سڀ کان اڳ هن سن شهر ۾ هڪ سماجي انجمن ‘المسلمين’ نالي قائم ڪري، ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ سماجي سُڌارن جا ڪم شروع ڪيا.
هن 18 ڊسمبر 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت ۾ مرحوم نور محمد لاکير، سيد ميران محمد شاهه، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ ٻين جي مدد سان، سنڌ ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي.
1 جون 1925ع تي جي. ايم. سيد تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ 4 جون 1925ع تي ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي 26 آڪٽوبر 1925ع تي ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ 29 نومبر تي تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو پريزيڊنٽ به چونڊيو. هن خانبهادر ولي محمد حسن علي آفنديءَ کي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن ۽ شيخ عبدالحق کي جيڪب آباد مان گهرائي، ضلعي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو ائڊمنسٽريٽوِ آفيسر ڪري رکايو ۽ ضلعي جي تعليم کي وڌايو. سن ۾ انگريزيءَ جا اي. وِي ڪلاس، ڇوڪرين جو اسڪول، نائيٽ اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرايائين ۽ اسٽيشن کان ڳوٺ تائين پڪو رستو ٺهرايائين.
اهڙيءَ طرح ضلعي لوڪلبورڊ ۾ رهي، ٺٽي ۾ به تعليمي ۽ سماجي ڪم ڪرايائين. جي. ايم. سيد ڪراچي ضلعي (ان وقت ٺٽو ۽ دادو ضلعا اڃا نه ٺهيا هئا) جي آبادگار ۽ زميندار طبقي جي سُڌاري لاءِ ڪراچي ضلعي جي زميندار ۽ آبادگار ايسوسئيشن ٺهرائي. 1927ع کان هن سن شهر ۾ شاهه حيدر سنائيءَ جي سالياني ميلي تي عام ماڻهن جي تعليم ۽ سماجي سُڌاري لاءِ ڪانفرنسن سڏائڻ جو رواج وڌو، جيڪو سلسلو 1929ع تائين هليو. ميران محمد شاهه، ڄيٺمل پرسرام ۽ پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي تي 1932ع کان ادبي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ ۽ صوفي سماگم ليڪچر ڪرائڻ جي شروعات ڪرايائين.
1928ع ۾ جي ايم سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن چونڊيو. هن ضلعي ۾ ڳوٺ سڌار پروگرام تيار ڪري، ماڻهن جي سڌاري ۽ حالتن جي جائزي لاءِ گشت ڪيو. ڪراچي ڳوٺ سڌار هلچل جو بنياد رکي، ڪراچيءَ جي ڳوٺن جي سروي ڪرايائين. ان سان گڏ اڇوتن جي ڀلائيءَ لاءِ به ڪم ڪيائين. ان وچ ۾ 1928ع کان سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته سيد صاحب ان ۾ وڏيءَ سرگرميءَ سان حصو ورتو. ان ڏس ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون: (1) ڪراچيءَ ۾ شـيـخ عـبدالمجـيـد سـنڌيءَ جـي صـدارت هـيـٺ، (2) حيدرآباد ۾ علامه يوسف علويءَ جي صدارت هيٺ، ۽ (3) ڪراچيءَ ۾ سر غلام حسين جي صدارت ۾ ٿيون، جن ۾ نه رڳو حصو ورتائين، پر سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي به ڪم ڪيائين. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۾ به ڪم ڪندو آيو.
جي ايم سيد ڪمشنر گبسن جي سخت مخالفت جي باوجود ضلعي لوڪلبورڊ جي بلڊنگ ٺهرائي، جنهن ۾ اڳتي هلي، ريڊيو پاڪستان ڪراچي قائم ٿيو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين رستو قائم ڪرايائين، ڪليڪٽر گبسن سندس سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان تنگ ٿي، تعلقي ڪوٽڙيءَ کي 1 آڪٽوبر 1931ع تي ڪراچيءَ کان جدا ڪرائي، نئين ٺهرايل دادو ضلعي ۾ شامل ڪرايو، جنهن ۾ ڪوٽڙي تعلقو، محال مانجهندن جي ايراضي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان ميهڙ ڊويزن جا تعلقا، ميهڙ، ڪڪڙ، جوهي، دادو ۽ سيوهڻ ملايا ويا. پر نين چونڊن ۾ نه رڳو جي ايم سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر چونڊجي آيو، پر ضلعي دادوءَ جو به ميمبر چونڊجي آيو، جتي هن وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو.
1932ع ۾ جي. ايم. سيد سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڪانفرنس ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. سيپٽمبر ۾ سيد ميران محمد شاهه، سر شاهنواز خان ڀُٽي، جي. ايم. سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ گڏيل خط ذريعي سنڌين کي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڏينهن ملهائڻ لاءِ اپيل ڪئي.
1936ع ۾ جي ايم سيد، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، ‘اتحاد پارٽي’ قائم ڪئي، جنهن ۾ سر غلام حسين، سر شاهنواز ڀٽي، حاجي عبدالله هارون ۽ ان جي ساٿين شرڪت ڪئي. پر جيئن ته وائيس پريزيڊنٽ ميران محمد شاهه چونڊجي ويو، ان ڪري سر غلام حسين پنهنجي ٽولي سميت ڌار ٿي، نئين جماعت ‘مسلم پوليٽيڪل پارٽي’ ٺاهي.
اپريل 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي. 1937ع ۾ جڏهن 1935ع جي ائڪٽ هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون، ته جي. ايم. سيد اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ پاڻ ۽ سندس پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا.
1938ع واري اجلاس کان پوءِ الهه بخش سومري، وزيراعظم سنڌ کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٺاهه نه ٿي سگهيو. ان کان پوءِ جي ايم سيد مسلم ليگ جي پارٽي ليڊر خانبهادر کهڙي کي ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر کي چـونڊايو ۽ اسيـمبليءَ کان ٻاهر مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. ان وچ ۾ سکر مسجد منزل گاهه جو واقعو پيش آيو. هندو مسلم فساد ٿيا.
الهه بخش وزارت اقليت جو بچاءُ ڪري نه سگهي، ان ڪري هندو ميمبرن، مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش سومري جي وزارت کي ڊاهي، نئين وزارت مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ ٺاهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ۽ خانبهادر کهڙو وزير ٿيا.
جي ايم سيد کي تعليم، انڊسٽري، ليبر ۽ ٻيلي کاتي جا کاتا مليا.
اٺن مهينن جي وزارت دوران جي ايم سيد هيٺيان ڪم ڪرايا:
(1) سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ سيد ميران محمد شاهه، علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻين ميمبرن تي مشتمل ڪميشن ٺهرائي،
(2) سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪرايو (جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ بنيو)، (3) سيڪنڊري تعليم کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪرائي (جنهن اڳتي هلي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي صورت اختيار ڪئي)، (4) سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي مضمون پڙهائڻ جو حڪم جاري ڪرايائين، (5) راڳ ۽ ڳوٺاڻي رقص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪرايائين، (6) سنڌي ڊڪشنري تيار ڪرڻ لاءِ عالمن جي هڪ ڪميٽي ٺاهرايائين، جن الف. ب جي بتدائي ٽن اکرن تي ڪم ڪيو، (7) ڪراچي ريڊيو اسٽيشن قـائـم ڪــرڻ لاءِ ڪـوشـش ڪـيائيـن،
(8) ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين پڪو رستو ٺهرايائين، (9) ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين (جنهن اڳتي هلي قيام پاڪستان بعد پيرزادي عبدالستار جي دور ۾ عملي روپ ورتو)،
(10) سنڌ مدرسي ڪراچيءَ کي ڪاليج جي حيثيت ڏياريائين وغيره.
قيام پاڪستان کان پوءِ 1948ع ۾ ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي. جنهن جي خلاف جي ايم سيد جدوجهد ڪئي. 1954ع جي آخر ۾ ونيونٽ ٺهرائي وئي، جنهن جي جي ايم سيد سخت مخالفت ڪئي. 1956ع جي اسيمبليءَ ۾ 7 ميمبرن سان گڏجي مرڪزي اسيمبليءَ جي پارٽين سان مختلف معاهدا ڪري ونيونٽ ٽوڙائڻ جو فيصلو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳرائي، ونيونٽ کي تحفظ ڏئي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪيو ويو. ونيونٽ دور ۾ 1966ع تائين جي ايم سيد نظربند ٿيو، نظربند مان آزاديءَ بعد ‘بزم صوفياء سنڌ’ ٺهرائي، سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي 9 ڪانفرنسون ڪوٺايون، نتيجي طور جي ايم سيد کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، ۽ ونيونٽ جي خاتمي، 1 جولاءِ 1969ع کان ٿورو اڳ آزاد ڪيو ويو. ونيونٽ ختم ٿيڻ بعد عوامي ليگ جو ساٿ ڏيڻ، 1970ع جي اليڪشن ۾ بيهڻ، چونڊن ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ شيخ مجيب الرحمان کي حڪومت ڏيڻ جي حمايت ڪرڻ سبب کيس وري نظربند ڪيو ويو. بنگلاديش جي آزاديءَ کانپوءِ، جي ايم سيد 18 جون 1972ع تي همخيال سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي حيدر منزل تي گهرائي، پارليامينٽري سياست کان بيزار ٿي، ‘جيئي سنڌ محاذ’ نالي نئين پارٽي قائم ڪئي. ان دوران جولاءِ 1972ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بنائڻ جو بل پاس ڪرايو، جنهن تي اردودانن جي هڪ طبقي گوڙ ڪيو ۽ سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا فساد شروع ٿي ويا، جنهن ۾ ڪيترا ماڻهو قتل ٿيا. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت تي دٻاءَ وجهي، هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻنهي زبانن کي سنڌ جون سرڪاري زبانون قرار ڏنو. ان صورتحال ۾ جي ايم سيد، 1 جولاءِ 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ هڪ اجلاس ڪوٺائي، سنڌ جي گشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1 آگسٽ 1972ع تي پريس ڪانفرنس ڪري، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ ۽ سنڌ کي خوداختياري ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جا مطالبا کڻي، ٺٽي ضلعي کان دورو شروع ڪيائين. 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد واري جلسي ۾ شرپسندن مٿس بم اڇلايو، جنهن ۾ جي ايم سيد خدا جي مهربانيءَ سان بچي ويو، پر سندس هڪ ساٿي دوست محمد پراچا شهيد ٿي ويو. نامور مصور گل محمد کتري ۽ قومي ڪارڪن عمر شوري سميت 18 ڪارڪن سخت زخمي ٿيا. جي ايم سيد گشت ڪري جيئن ئي سن واپس پهتو ته 8 آگسٽ 1972ع تي سنڌ حڪومت کيس گهر ۾ نظربند ڪيو. اهڙيءَ طرح جي ايم سيد سواءِ ٿورن وقفن جي وڏو عرصو نظربند رهيو. ان وچ ۾ سندس پوئلڳن سندس رهبريءَ ۾ 1977ع ۾ ‘جيئي سنڌ محاذ’ ۽ اڳتي هلي ڪجهه شاگردن ‘جيئي سنڌ تحريڪ’ نالي پارٽيون ٺاهي، قومي جدوجهد شروع ڪئي. 17 جنوري 1986ع تي جي. ايم. سيد پنهنجي سالگرهه تي خان عبدالغفار خان کي سن ۾ گهرائي ‘آزاد سنڌ’ بابت ويچار ونڊيا. خان عبدالغفار خان جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد جڏهن کيس دهليءَ علاج لاءِ موڪليو ويو ته جي ايم سيد سرڪار جي اجازت سان، 2 جولاءِ 1987ع تي پنهنجي ساٿيءَ جي مزاج پرستيءَ لاءِ هندستان ويو. اتان واپس موٽڻ بعد جي ايم سيد پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو ڊسمبر 1987ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو. 12 ڊسمبر 1987ع تي کيس ميرپور ڀُٽي مان ممتاز علي خان ڀُٽي جي بنگلي تان گـرفتـار ڪري نظربند ڪيو ويو، جتان آگسٽ 1988ع ۾ آزاد ڪيو ويـو. 1 مئي 1988ع تي نظربنديءَ دوران جي ايم سيد، سن ۾ ‘سنڌ قومي اتحاد’ جوڙايو. ٽيون ڀيرو جي ايم سيد آڪٽوبر 1989ع تي سنڌ جي
5 ضلعن جي دوري تي نڪتو ۽ کيس 10 ڊسمبر 1989ع تي جيڪب آباد کان اڳـتي بلـوچـسـتان بـارڊر وٽ گـرفتـار ڪـيو ويـو، ۽ پوءِ 1990ع ۾ آزاد ٿيو.
17 جنوري 1992ع تي جي. ايم. سيد نشترپارڪ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي 89هين سالگرهه جي موقعي تي نيو ورلڊ آرڊر جي روشنيءَ ۾ اقوام متحده کي دنيا جي ملڪن جي نئين سر جوڙجڪ جو مشورو ڏنو ۽ ان ۾ سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس پيش ڪيو. 19 جنوري 1992ع تي کيس نظربند ڪيو ويو، جيڪا نظربندي سندس زندگيءَ جي آخري لمحن تائين قائم رهي. 17 مارچ 1995ع کان پوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي.
18 مارچ کان وٺي جناح اسپتال ۾ نظربنديءَ دوران زير علاج رهيو ۽ 25 اپريل 1995ع تي جي ايم سيد پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. لکين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ کيس سن جي آبائي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
جي ايم سيد زندگيءَ جي آخري لمحي تائين قلم سان رشتو نه ڇنو. هن سياسي مفڪر سٺ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. هو شاهه لطيف جو وڏو شارح هو ۽ هن شاهه لطيف جي حوالي سان هيٺيان ڪتاب لکيا:
(1) پيغام لطيف: جنهن ۾ شاهه لطيف کي سنڌ جو قومي شاعر قرار ڏئي، ان دور جو سياسي، سماجي، اقتصادي جائزو ورتائين. هيءُ پهريون ڪتاب هو، جنهن ذريعي شاهه لطيف تان عقيدت جا غلاف لاهي، اُن جي قومي ڪردار کي واضح ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جا اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمن جا ڪيترا ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
(2) شاهه لطيف جون وايون ۽ ڪافيون: هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ شاهه جي رسالن کان وڌيڪ شاهه جون وايون
۽ ڪافيون شامل آهن، جيڪي مختلف فنڪارن، مختلف ماخذن ۽ عالمن کان حاصل ڪري جمع ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇاپيون ويون آهن. ان حوالي سان جي ايم سيد، شاهه لطيف جو جديد شارح رهيو آهي.
ان کان سواءِ جي ايم سيد جون ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي قيام لاءِ ڪوششون وساري نه ٿيون سگهجن.
 محمد يعقوب آغا (1904-1957): محمد يعقوب آغا، شڪارپور جي محلي ڪِڙي عطا محمد ۾، پهرين جولاءِ 1904ع ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ شڪارپور مان بمبئي يونيورسٽيءَ جو امتحان ڏئي پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ورتائين. نوڪريءَ جو آغاز جولاءِ 1926ع کان ڪيائين. جيڪب آباد ۽ ٺٽي جو ڪليڪٽر رهيو. صحت، تعليم ۽ ايس. اين. جي. ڊي جو صوبائي سيڪريٽري ٿي رهيو. روينيو آفيسس ڪوٽڙي بئراج تي هارين کي ڳولي ڳولي ۽ سڏي زمينون ڏنائين. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ٿيو ته جي. او. آر ڪالونيءَ ۾ بنگلا سنڌي آفيسرن کي معمولي رقم تي الاٽ ڪري ڏنائين. قانون جو ڄاڻو، ديانتدار، سنڌ دوست، اديب، خوددار ۽ بهادر آفيسر هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو، غلام محمد شاهواڻيءَ جي ترتيب ڏنل ‘شاهه جي رسالي’ کي سامهون رکي، ڪوئيٽا جي سخت سردين ۾، 1971ع ۾ شروع ڪيائين ۽ ان کي 1975ع ۾ مڪمل ڪري ورتائين. ان کان پوءِ هن قرآن شريف جو انگريزي ترجمو 1982ع ۾ پورو ڪيو، جنهن کان پوءِ هن شاهه جي رسالي جي ترجمي جي، پنهنجي قرآني مطالعي جي روشنيءَ ۾ نظرثاني ڪئي. هن شاهه جي ڪلام جو قرآن شريف، احاديث نبوي، مولانا روم ۽ علامه اقبال جي شاعريءَ سان تقابلي موازنو ڪيو. ان حوالي سان سندس شاهه جي رسالي جو ترجمو لطيفيات جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. 1985ع ۾ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت، حڪومت سنڌ ۽ سيڪريٽري ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي ڀٽ شاهه، عبدالحميد آخوند، آغا صاحب جو هي ترجمو ٽن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، بعد ۾ ثقافت کاتي انهن ٽنهي جلدن کي 2004ع ۾ به ڇپايو. ان بعد هن رسالي جي ٽنهي جلدن کي ڌار ڌار 2006ع، 2007ع ۽ 2008ع ۾ ڇپايو ويو، جڏهن شاهه جي رسالي جي هن انگريزي ترجمي کي هڪ ئي جلد ۾ گڏائي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
محمد يعقوب آغا صاحب، شاهه جي رسالي جي اٽڪل 6000 ڏکين لفظن ۽ انهن جي متبادل انگريزي لفظن (ترجمي) جي لغت پڻ ٺاهي هئي، پر خبر نه آهي ته اهو اهم لفظي ذخيرو (لغت) سندس پونيرن وٽ سلامت آهي يا نه؟
آغا محمد يعقوب 1987ع ۾ وفات ڪئي.
 پروفيسر جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي (جنم 1905): سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ ۽ لطيف شناس، جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي، 1905ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. هن تعليم به هتي حاصل ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي وڪالت شروع ڪيائين. 1954ع ۾ سندس ٻه مشهور ڪتاب ‘ڇند سڳنڌ’ ۽ ‘عطر عروض’ ڇپيا. ‘عطر عروض’ سنڌي شاعريءَ ۾ علم عروض جي استعمال بابت آهي، جڏهن ته ‘ڇند سڳنڌ’ سنڌي شاعريءَ جي ڇند تي لکيل جدا جدا صنفن: دوهي، سورٺي وغيره جي وزن ۽ فن تي لکيل ڪتاب آهي. 1974ع ۾ جهمٽ مل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ‘پنج گنج ’ ڇپيو. سندس لکيل ڪتاب ‘ڍولا مارو’ 1956ع ۾ ڇپيو، جيڪو ڍولا ماروءَ جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي آڌاريل آهي. 1977ع ۾ سندس ٻن ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ‘خون کستوري’ ڇپيو، جنهن ۾ هڪ ڪهاڻي حيدرآباد ۾ پنجاهه سال اڳ ٿيل خون جي واقعي تي ۽ ٻي ڪهاڻي ساڳئي دور ۾ ‘ڊگهڙيءَ’ ۾ قتل جي واقعي تي لکيل آهي. جهمٽ مل خوبچند هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ هڪ بهترين وڪيل به هو.
هو شاهه لطيف جو وڏو ڄاڻو هو. ان سلسلي ۾ سندس ٻه اهم تصنيفون آهن:
(1) ‘ڪامل جو ڪلام’ (شاهه جو رسالو- ترتيب وار سوڌيل): هن ڪتاب ۾ شاهه جو چونڊ ڪلام، نئين نموني موضوع وار ورهائي درج ڪيو ويو آهي. ڪتاب پنجن بابن ۾ ورهايل آهي: داستان پهريون: ‘ڌڻيءَ جو دور’، داستان ٻيو: ‘دنيا جو دور’، داستان ٽيون: ‘درد جو دور’، داستان چوٿون: ‘دل جو دور’، ۽ داستان پنجون: ‘سونيون سٽون’. ليکڪ هر دور جي مناسبت سان شاهه جي شاعريءَ مان مثال ڏئي بحث ڪيو آهي. سونين سٽن ۾ الف ب وار 500 سٽون رسالي مان ڏنيون ويون آهن، جن ۾ جذبي جي جڙت بيان ڪيل آهي. هي ڪتاب نومبر 1954ع ۾ هندستان ساهتيه مالا پاران ڇپايل آهي.
(2) آيتن جي اوٽ: هي جمهٽ مل خوبچند ڀاوناڻيءَ جو لطيفيات جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي.
تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي (1906- 1971): ديوان تيرٿداس هوتچند واڌواڻي، سنڌ جو سچو سڄڻ ۽ پرستار هو. هن حيدرآباد، سنڌ ۾ 4 جون 1906ع ۾ جنم ورتو. سنڌ سرڪار جي روينيو کاتي ۾، مختيارڪاريءَ جي عهدي تان 1953ع ۾ رٽائر ڪرڻ کانپوءِ وڪالت ڪيائين. فوجداري قانون جو ماهر وڪيل هو. سنڌ جي علم ۽ ادب جو عاشق هو. سنڌ جي صوفي شاعرن، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست سان سندس والهانه عشق هو. تصوف ۽ ويدانت جي اصطلاحن ۽ مختلف نظرين جو وڏو ڄاڻو هو. آخري عمر تائين سنڌ جي بزرگن ۽ صوفي شاعرن جي ڪلام ۽ پيغام تي ڪم ڪندو رهيو. تصوف جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ تصوف کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هڪ مسلمان درويش ڏاڙهون فقير جو مريد ٿيو ۽ ان فقير جي صحبت مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين.
تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ سندس ڪيئي علمي مقالا، سنڌي رسالن ۾ ٿيندا رهيا. سرڳواسيءَ جي اها تمنا هئي ته ڪيئن به ڪري سنڌ جي صوفي شاعرن: شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جو ڪلام ترجمو ڪري يورپ تائين پهچائجي، ۽ ان سان گڏ ٻين جديد شاعرن جي فن کان به يورپ کي روشناس ڪجي. ان سلسلي ۾ ڪيترن (صوفي) شاعرن جو ڪلام انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، جرمنيءَ ۾ پروفيسر گرڊليوپڪي جي معرفت جرمن زبان ۾ شايع ڪرايائين.
هن لطيف شناسيءَ تي انگريزيءَ ۾ چار ڪتاب لکيا ۽ پهريون ڀيرو شاهه جي شاعريءَ جي سنگيت جي خيال کان نوٽيشن ڪئي. سندس ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
1. The Song of Keenjhar Lake
2. Shah Latif- An Introduction to His seven singing stories
3. The Song of Necklace
4. The Song of Songs
ديوان تيرٿداس، نامور تعليمدان دادي ليلاوتي هرچنداڻيءَ جو ڀاءُ هو ۽ زندگيءَ جي آخري دم تائين لطيف شناسيءَ تي علمي تحقيق جاري رکيائين. سرڳواسي رلڻو ملڻو، دل جو صاف، دوستن جو همدرد ۽ يار ويس هو. سندس سٻاجهي ۽ نماڻي شخصيت ڏاڍي پياري ۽ وڻندڙ هئي.
هن 1 آگسٽ 1971ع ۾ وفات ڪئي.
 محمد عثمان ڏيپلائي (1908- 1981): سنڌ جو ناميارو عالم، صحافي، مزاحمتي اديب، ناول نگار، مضمون نويس، نقاد ۽ پبلشر محمد عثمان ڏيپلائي، 13 جون 1908ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ڏيپلي ۾ هڪ ننڍڙي واپاري حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو. ستن ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ هجڻ سندس تعليم توڙي خانداني ذميوارين تي وڏو اثر وڌو.
سندس تعليم ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ ڏيپلي جي پرائمري اسڪول کان شروع ٿي. ڪلاس ۾ سندس شمار هوشيار شاگردن ۾ ٿيندو هو ۽ گهڻو ڪري پهريون نمبر کڻندو هو. ڏيپلي ۾ پرائمريءَ کان وڌيڪ تعليم جو بندوبست نه هئڻ ڪري اُن دور ۾ باقاعدي وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. سنڌي فائنل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جي عمر جي پابندي هئي، تنهنڪري ٻه ٽي سال گهر ۾ ئي هِتان هُتان ڪتاب هٿ ڪري پڙهندو رهيو. ان واندڪائيءَ واري دور ۾ هڪ مولويءَ کان ’زليخا‘ تائين فارسي سکيو ۽ ٻئي طرف هندي، گُرمکي (لپي)، اردو، عربي ۽ ڪجهه قدر انگريزي پڻ سکي ورتائين. نجوم ۽ رمل جي ڄاڻ به حاصل ڪيائين. توڙي جو انهن علمن ۾ سندس ويساهه بلڪل نه هو. اڳتي هلي، گهڻو گهڻو پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اديب فاضل ۽ 60 ورهين جي ڄمار ۾ 1968ع ۾ حيدرآباد سيڪنڊري بورڊ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.
ڏيپلائي صاحب جو پهريون ڪتاب ‘قرآني دعائون’ 1934ع ۾ شايع ٿيو. ڏيپلائي صاحب جي اسلامي ناولن جي باقاعدي شروعات آڪٽوبر 1938ع ۾ ‘سنگدل شهزادي’ سان ٿي. اهو دور ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت ٿو رکي.
ڏيپلائي صاحب جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 150 کان مٿي آهي ۽ اهو سمورو مواد جيڪو مختلف رسالن، خاص ڪري هفتيوار ‘انسان’ وغيره ۾ ڇپيل افسانن، ايڊيٽوريلن، ڪالمن ۽ مضمونن وغيره کي شامل ڪيو وڃي ته ان تعداد ۾ ڪافي اضافو ٿي سگهي ٿو. سندس قلمي پورهيو ويهين صديءَ ۾ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ وڏي ۾ وڏو قلمي پورهيو سمجهيو ويو آهي. مرزا صاحب هر موضوع تي سنڌيءَ ۾ مواد پيش ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي بي بها خدمت ڪئي، جڏهن ته ڏيپلائي صاحب معاشري جي اصلاح لاءِ مزاحمتي ۽ مقصدي ادب تخليق ڪيو. ان کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ڏهاڪو کن درسي ڪتابن ۾ به مواد ڏنو. سڀ کان وڏي خصوصيت، جنهن ڏيپلائيءَ کي امتياز ۽ فوقيت بخشي، سا آهي سندس اوهام پرستيءَ ۽ شرڪ خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد. سندس طبيعت ۾ اها بغاوت مشهور موحد مبلغن مولانا عبدالرحيم پڇمي ۽ مولانا حاجي احمد ملاح وغيره جي تعليمات سان پيدا ٿي. انهيءَ موضوع تي هن بيشمار افسانا، مضمون ۽ ناول لکي قلمبند ڪيا.
ڏيپلائي صاحب 1941ع کان پنهنجي وفات تائين چاليهه سال عملي طرح صحافت سان وابسته رهيو. سندس صحافت هميشه مجاهدانه رهي. هن سنڌي سماج جي سمورن استحصالي طبقن، بدعتن، جاهلانه ريتن رسمن خلاف مسلسل احتجاج جاري رکيو ۽ عوام جي ذهني تربيت ڪئي. ماهوار عبرت جو اجراءِ اپريل 1941ع ۾ ٿيو. آگسٽ 1944ع ۾ عبرت کي هفتيوار ڪيائين ۽ 1955ع کان اها روزانه اخبار ٿي، جيڪا آگسٽ 1957ع ۾ قاضي برادران جي حوالي ٿي ۽ هن وقت به انهيءَ جو شمار پاڪستان جي اهم سنڌي اخبارن ۾ ٿئي ٿو. ڏيپلائي صاحب 1953ع ۾ ماهوار ‘انسانجاري ڪيو، مئي 1959ع ۾ ‘هفتيوار انسان’ جي شروعات ڪيائين. هي رسالو ڏيپلائي صاحب جي ترقي پسندانه قوم پرستيءَ واري سوچ جو ترجمان ٿي اُڀريو. سماجي اوڻاين ۽ ڏاڍاين جي تذڪرن سان گڏ رسالي ۾ سنڌي عوام جي ذهني تربيت لاءِ انساني ارتقا بابت سائنسي نظريي جي آسان زبان ۾ تشريح، شرڪ خلاف مضمون ۽ افسانا، سنڌي تهذيب ۽ زبان تي ٿيندڙن اڳراين خلاف جهاد، جديد ادبي نظرين کان آگاهي، ٻارن جا صفحا، عورتن لاءِ صفحا، فلمي صفحا، دنيا جهان جون خبرون، انهن تي تنقيد ۽ تبصرا، مطلب ته هر لحاظ کان هي هڪ جامع رسالو هو. اهم موضوعن تي انسان جا خصوصي نمبر پڻ نڪتا، جن ۾ ابراهام لنڪن، لوممبا، ٽالسٽاءِ، سچل سرمست، ڀٽائي، عيد ميلاد، سنڌ مدرسه نمبر وغيره شامل هئا. هن رسالي تي فيبروري 1961ع ۾ گورنمينٽ طرفان بندش وڌي وئي. 1957ع ۾ ڏيپلائي صاحب ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي
سه ماهي مخزن مهراڻ جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو. 1970ع ۾ هن روزنامه ‘سنڌ ٽائيمزجاري ڪئي، جيڪا سندس وفات تائين هلندي رهي. هن سيپٽمبر 1978ع کان ماهوار ‘ساڻيهه ڊائجيسٽ’ شروع ڪيو، جيڪو سندس وفات تائين جاري رهيو. ڏيپلائي صاحب جي دوستن، اديبن ۽ عالمن سان خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. هفتيوار ۽ ماهوار عبرت ۾ علمي، ديني ۽ سياسي سوالن جا جواب به ڏيندو هو.
اسلامي تعليم ۽ تشريح تي ڏيپلائي صاحب کي وڏو عبور هو. ان ڏس ۾ هن قرآن شريف جو بامحاوره ۽ سليس ترجمو ترتيب ڏئي جديد طريقي سان 1949ع ڌاري ڇپايو هو. ان کان سواءِ هن ڪيترائي ديني ڪتاب لکي ۽ لکرائي شايع ڪرايا، جن ۾ مشهور شاعر مولانا حاجي احمد ملاح جا توحيدي شاعريءَ وارا مجموعا، سندس نظم ۾ قرآن شريف جي شروعاتي پاره الم ۽ پاره سبقول جا ترجما، انتخاب صحيح بخاري، سنڌي ترجمي سان (علامه وفائيءَ سان گڏ)، قرآني دعائون، قرآني خزانو، صداقت القران، مطالب القران، ارشاد القران وغيره شامل آهن.
ڏيپلائي صاحب لطيفيات جي موضوع تي به گهڻو ڪم ڪيو. 1945ع ڌاري کيس شاهه ڏانهن منسوب ڪلام ۾ ڪافي بيت اسلامي تعليمات جي خلاف نظر ۾ آيا، جيڪي سندس خيال ۾ ڪن ٻين جا هئا، جيڪي ڀٽائي صاحب جي نالي منسوب هئا. اهڙا بيت هن هفتيوار عبرت ۾ ڏيڻ شروع ڪيا، جيڪي پوءِ ‘ککر ۾ کڙو’ جي نالي سان ڪتاب ۾ گڏ ڪري ڇپايا ويا. اڳتي هلي 1950ع ڌاري شاهه جي ڪلام جو هڪ جامع نسخو ‘شاهه جو رسالو’ ڇپايائين، جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻا بيت ۽ سُر شامل هئا. سندس خيال هو ته شاهه جي ڪلام ۾ ڌارين ڪلام جو هجڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پر اهو ڪلام ضايع به نه ڪرڻ گهـرجـي. هـن ‘اداره انـسانيـت’ حيدرآباد پاران ساڳئي سال
جي ايم سيد جو ڪتاب ‘پيغام لطيف’ ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڏيپلائي صاحب 1963ع ۾ شاهه جي رسالي جو پاڪيٽ سائيز ايڊيشن پڻ ڇپرايو. جنهن جو نئون ايڊيشن تازو ئي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. هن هفتيوار ‘انسان’ جو هڪ خاص نمبر ‘ڀٽائي ’ سان منسوب پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو. نفسيات جي موضوع تي ڏيپلائي صاحب ٽي ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪيا. اردودانن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ‘سنڌي استاد’ ۽ سنڌين کي اردو سيکارڻ لاءِ ‘اردو استاد’ ڪتاب به لکيائين.
ان کان سواءِ جي ايم سيد، ٽالسٽاءِ، ابراهام لنڪن ۽ لوممبا جي حياتيءَ تي مضمون ۽ پنهنجي ابتدائي آتم ڪٿا ‘ننڍڙو ماڻهو، ننڍڙيون ڳالهيون’ پڻ لکيائين. انقلابي ۽ قومپرستيءَ واري سوچ ۽ استحصالي قوتن سان مسلسل مزاحمت واري پاليسيءَ جي ڪري مالي نقصانن کان سواءِ ڏيپلائي صاحب کي ٽي ڀيرا جيل ياترا ڪرائي وئي. پهريون ڀيرو 1958ع ۾ حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏ حيدرآباد
۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ (جتي سندس ملاقات فيض احمد فيض،
دادا هميش گل ۽ ٻين انقلابي سوچ رکندڙن سان ٿي)، ٻيو ڀيرو سن 1961ع ۽ ٽيون ڀيرو 1976ع ۾ وقت جي وزيراعليٰ جي مرشدن خلاف ڪتاب ‘شيخ المشائخ’ لکڻ تي حيدرآباد ۽ سکر جيل ۾ ٿي. ڏيپلائي صاحب تي جتي سرڪاري عتاب نازل ٿيندا رهيا، اُتي سندس عزت افزائي ۽ قدرداني به ٿيندي رهي. سندس پهرئين ڪتاب ‘قرآني دعائون’ کي سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ طرفان 1934ع ۾ انعام ڏنو ويو. 1942ع ۾ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ طرفان ‘امـڙ’ (ناول: ترجمو) تي، 1963ع ۾ پاڪستان رائيٽرز گِلڊ طرفان ‘سانگهڙ’ (ناول) تي ۽ 1980ع ۾ ‘انقلاب ايران’ کي بهترين سنڌي ناول جو اعزاز مليو.
ڏيپلائي صاحب، 7 فبروري 1981ع تي وفات ڪئي. سندس قبر مڪي شاهه مقام، حيدرآباد ۾ آهي.
 پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي (1911-1992): پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي مشهور عالم، اديب ۽ لطيف شناس ٿي گذريو آهي. هن 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو ۽ بمبئي م وڃي رھيو. ھن جي تحقيق جو موضوع سنڌي زبان جا ٽي باڪمال شاعر شاھه، سچل ۽ سامي رھيا. ورھاڱي کان اڳ سندس مقالا ۽ مضمون مخزن: ‘ڦليلي’، رسالي ‘سنڌ’ ۽ ‘لطيف ٻاري’ ۾ شايع ٿيا. ورھاڱي کان پوءِ سندس ٽي مشھور ڪتاب ڇپيا. جن ۾ ‘شاھه’ (1951ع)، ‘سامي’ (1953ع) ۽ ‘سچل’ (1954ع) شامل آھن. ھنن ڪتابن ۾ شاھه، سچل ۽ ساميءَ جي شعرن جو ڳوڙھو تنقيدي اڀياس ڏنو ويو آھي. 1958ع ۾ ‘شاھه جو رسالو’ مرتب ڪيائين، جنھن ۾ ھر بيت جي معنيٰ ۽ سمجھاڻي ان بيت جي سامھون ڏنائين، جنھنڪري ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ شاھه جي رسالي جي سولي سمجھاڻي ڏنل نه ھئي ۽ ڪن رسالن ۾ ته مک لفظن جي معنيٰ به ڏنل ڪا نه ھئي. ھن رسالي تي کيس سنڌي ساھت منڊل بمبئيءَ طرفان 1958ع ۾ گولڊ ميڊل مليو. ان کان پوءِ ڪلياڻ آڏواڻي شاھه جو رسالو مڪمل صورت ۾ مرتب ڪري 1966ع ۾ ڇپايو. ان رسالي تي کيس 1967ع ۾ سنڌي سميلن بئنگلور طرفان گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سچل جي ڪلام جي سلسلي ۾ ڪتاب ‘سچل’ کان سواءِ ٻيو ڪتاب ‘سچل جو چونڊ ڪلام’ به لکيائين، جيڪو ساھتيه اڪادمي نئين دھلي 1979ع ۾ ڇپيو. مذڪوره اوارڊن ۽ انعامن کان سواءِ 1968ع ۾ ساھتيه اڪادمي نئين دھليءَ طرفان ‘شاھه جو رسالو’ تي کيس انعام مليو.
ڪاليداس جي ڪتاب ‘شڪنتلا’ جو ترجمو ڪيائين. حضرت دستگير بادشاھه جو فارسي ديوان ترجمو ڪري ڇپايائين. ان کان سواءِ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘راز و نياز’ (1960ع) ۽ ‘روحاني مشـاھـدا’ (1979ع) ڪتاب به ڇپيل آهن. ڪلياڻ آڏواڻيءَ ڪيترن ڪتابن جا مقدما ۽ مھاڳ به لکيا ۽ تنقيدي نوعيت جا مضمون تحرير ڪيا.
تشريحي تنقيد ۾ سندس مضمون ‘شاھه جو رسالي جون تشبيھون’ (سنڌو/ فبيروري 1944ع)، ‘ساميءَ جي سلوڪن جون تشبيھون’ (سنڌو/ مئي 1944ع ۽ ‘شاھه جو عاشقانه ڪلام’: سنڌو/ سيپٽمبر 1946ع) ڇپيل آهن. ڪلياڻ آڏواڻي 17 مارچ 1994ع ۾ ديهانت ڪري ويو.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ترتيب ڏنل ‘شاهه جي رسالي’ (منتخب ۽ مفصل) جا سنڌ ۾ ڪاٺياواڙ ڪتاب گهر، برهان ڪتاب گهر، روشني پبلڪيشن، سنڌي ساهت گهر، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪويتا پبليڪيشن وغـيـره ڪـيترائـي ايـڊيـشن ڇـپايا آهن ۽ سـنڌ ۾ سندس ترتيب ڏنل
‘شاهه جي رسالي’ ڇاپي ۽ وڪري ۾ سڀني رسالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي.
شاهواڻي '>غلام محمد شاهواڻي (1912-1950): ناميارو عالم، شاهه جو پارکو ۽ تعليمي ماهر غلام محمد شاهواڻي حيدرآباد جي شاهواڻي گهٽيءَ ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد حڪيم محمد ابراهيم شـاهـواڻـي انگـريزن جي دؤر ۾ حيدرآباد جي ميونسپل جو صدر رهيو ۽ شهر جي خدمت ڪيائين. هو حڪمت کان علاوه سماجي اڳواڻ، عالم ۽ سياسي ماڻهو هو.
غــلام مـحـمـد شـاهـواڻــي، حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۽ بـمبئـي يـونيـورسـٽيءَ مـان پـڙهـي
ايـم. اي جـي ڊگـري حـاصل ڪـري، تعليم واري شعبي سان وابسته ٿيو. عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور رکندو هو. هو جڏهن نور محمد هاءِ اسڪول جو هيڊماستر مقرر ٿيو ته گهڻي کان گهڻو وقت پنهنجي اداري کي ڏيندو هو. نور محمد هاءِ اسڪول انهيءَ وقت تمام وڏو تعليمي ادارو هو، جنهن مان لاتعداد عالم، فاضل، سياسي مدبر ۽ زندگيءَ جي اهم شعبن ۾ ڪامياب شخصيتن تعليم حاصل ڪئي. غلام محمد شاهواڻي هيڊماستريءَ واري دور ۾ اسڪول جي معيار کي اعليٰ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. 1950ع ۾ هو مشهور تعليمي اداري گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جو هيڊماستر مقرر ٿيو. سندس دلچسپيءَ جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن اباڻو گهر ڇڏي، اسڪول جي آڏو نئون گهر اچي آباد ڪيو. هن ‘مسلم ايجوڪيشن فائونڊيشن’ نالي تعليمي ادارن جي ڀلائيءَ لاءِ تنظيم پڻ قائم ڪئي. انهيءَ اداري جي ذريعي مسلم هاءِ اسڪول، مسلم لا ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم ڪيائين، جيڪي سنڌي مسلمانن لاءِ مشعل بڻجي ڪم آيا. هن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پڻ قائم ڪئي، جيڪا ادبي واڌويجهه لاءِ هڪ پليٽ فارم بڻي، جتان ڪيترائي علمي، ادبي ۽ اشاعتي سلسلا پنهنجي منزل تي هلي پهتا.
غلام محمد شاهواڻي، بهترين نثر نويس، نقاد ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جو پارکو هو. سندس ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ رومي جي گلستان سعديءَ جو ترجمو اهم آهي. سندس شاهه لطيف جي حوالي سان اهم ڪم آهي. اُن ڏس ۾ سر سارنگ، سر سامونڊي ۽ سر سسئي آبريءَ تي سندس شرحون شايع ٿيون.
غلام محمد شاهواڻيءَ جو اهم ڪارنامو ‘شاهه جو رسالو’ آهي. سندس مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته هي پهريون شاهه جو رسالو آهي، جيڪو هڪڙي ئي جلد ۾ معنائن سان گڏ آيو. ٽيهن سُرن تي ٻڌل هي رسالو، موجوده سنڌي رسم الخط ۾ آهي. شاهواڻي صاحب ڪوشش ڪري قديم ٻوليءَ کي موجوده صورتخطيءَ ۾ قائم رکيو آهي. ان ڪري پڙهندڙن پاران غلام محمد شاهواڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي کي وڌيڪ سولو سمجهيو وڃي ٿو.
غلام محمد شاهواڻي 14 ڊسمبر 1950ع ۾ وفات ڪئي.
ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ‘خادم’ (1992-1913): سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ شاعر، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ‘خادم’ شهدادپور، ضلعي سانگھڙ جو هو. هن ابتدائي تعليم شهدادپور ۾ ۽ باقي تعليم سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ اسماعيل ڪاليج، انڌيري (بمبئيءَ) ۾ ورتي. هرو مل سدارنگاڻي سنڌ ۾ ‘سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ’ جي ادبي رسالي ‘مهراڻ’ جو پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو.
ورهاڱي کانپوءِ هرو مل سدارنگاڻي ڀارت هليو ويو، جتي دهلي يونيورسٽيءَ ۾ فارسي شعبي سان وابسته رهيو ۽ تهران يـونيـورسٽيءَ ۾ وڌيڪ تـعـليم ورتائين. اُتي هن ‘پارسي گويان سنڌ’ (Persian Poets of Sindh) جي عنوان سان تحقيقي مـقالـو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جنهن ۾ شاهه صاحب جو به ذڪر آهي. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ ڪيترا تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، پر هن جو اهم ڪم لطيفيات بابت آهي، جنهن ڏس ۾ هن جا هيٺيان اهم ڪتاب آهن:
(1) پارسي گويان سندهه (Persian Poets in Sindh)، (2) شاهه جو چونڊ شعر، (3) ڪنول پاڙون پاتار ۾.
پهرئين ڪتاب ۾ هن شاهه لطيف جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، ٻئي ڪتاب ۾ هن شاهه جي رسالي مان مختلف موضوعن تي شاهه لطيف جا بيت چونڊي پيش ڪيا آهن، ته جيئن پڙهندڙ شاهه صاحب جو اڀياس، مختلف رخن سان ڪري سگهن. ٽئين ڪتاب ‘ڪنول پاڙون پاتال ’ (1984) ۾ هن تفصيل سان شاهه جي اُمي (اڻپڙهيل) هئڻ کي رد ڪري، کيس فارسي ۽ عربيءَ جو عالم ڄاڻايو. ان کان سواءِ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي عربي (قرآن، حديث، نهج البلاغه)، فارسي، پنجابي، هندي ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي اثر تي روشني وڌي آهي.
 محمد ابراهيم جويو (جنم: 1915ع): ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو، اڳوڻي ضلعي دادو (هاڻي ڄامشوري ضلعي) جي ڳوٺ ‘آباد’ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمريءَ جا چار درجا ڳـوٺ ۾ پـڙهـي، 1927ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخلا ورتي، جتي ٽي درجا انگريزي پڙهڻ بعد 1930ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو. هن 1934ع ۾ مئٽرڪ سنڌ مدرسة السلام مان ڏئي، 20 رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪئي ۽ سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1940ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان 1941ع ۾ موٽي سنڌ مدرسي ۾ ‘اسسٽنٽ ماسٽر’ مقرر ٿيو.
جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻـن مـفـڪـرن جـي ايـم سـيد ۽ ايم. اين. راءِ کان گهڻو متاثر هو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سـنـڌ دوسـتـيءَ جـي راهـه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. 1947ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ‘سنڌ بچايو- کنڊ بچايو’Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists
لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ پاران سندس ملازمت ختم ڪئي وئي. ان کانپوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊماستر، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن حيدرآباد ۾ استاد، 1951ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ‘هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر’ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1954ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ‘سنڌي ادبي بورڊ’ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي 1961ع تائين سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (56-1955) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ‘مهراڻ’ جو ايڊيٽر رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ‘مهراڻ’ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ان بعد آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري رهيو.
ونيونٽ جي مخالفت ۽ سنڌي زبان جي حمايت ڪرڻ تي سرڪار کيس پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊماستر، بعد ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال مقرر ڪيو. ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن، سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ 12 آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ 56-1954 واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ‘نئين جاڳرتا ’ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو.
‘سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت’ نالي اداري جي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ‘سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ’ جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو. 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ مختلف وقتن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. 1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته ان جو چيئرمئن مقرر ٿيو ۽ فائونڊيشن طرفان شيخ اياز بابت ڪيترا ڪتاب ڇپايائين.
سندس ڇپيل ڪجهه اهم ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
(1) اسلام جو تاريخي ڪارنامو (ايم. اين. راءِ: ترجمو: 1945)
(2) ايميلي عرف تعليم (جي. جي. روسو: ترجمو: 1950)
(3) ٻارن جي تعليم (پليوٽارچ: ترجمو: 1972)
(4) وحشي جيوت جا نشان (ترجمو: 1977)
(5) گليلو (برٽالٽ بريخت جو ناٽڪ: ترجمو: 1977)
(6) فڪر جي آزادي (اسٽيفن زويگ: ترجمو: 1977)
(7) شاهه، سچل، سامي: هڪ مطالعو: 1978)
(8) ٻارن جو مسيح (اينڊ بلائٽن: ترجمو: 1980)
(9) ماڻهوءَ جو ڀاڳ (آکاڻيون، ڪالم: 1980)
(10) فلسفي جو ابتدائي ڪورس (ترجمو:1983)
(11) عورتازاد (1983)
(12) محڪريءَ جا مضمون (ترجمو: 1985)
(13) علم تدريس مظلمون لاءِ (پائلو فراري: ترجمو: 1990)
(14) فرينچ انقلاب (جلد پهريون: ترجمو: 1990)
(15) اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم (1996)
(16) هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (1995)
(17) مٺ مٺ موتين جي (ترتيب: 1996)
(18) ڳالهيون ڪتابن جون (مهاڳ: جلد 1، 2000)
(19) ڳالهيون ڪتابن جون (مهاڳ، جلد 2، 2001)
(20) خط ٻن اديبن جا (م.ا. ج، عبدالقادر جوڻيجو: 2001)
(21) خط ٻن استادن جا (م.ا.ج ۽ غلام علي چنه: 2002)
(22) سڏ پڙاڏو (جي ايم سيد ۽ جويي جا خط: 2003)
(23) پيار، نبار ۽ اٿاهه (ع. ق. شيخ ۽ جويي جا خط: 2007)
(24) سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي (2007)
(25) سنڌ منهنجي خوابن جي (مضمون: 2008)
(26) Save Sindh Save the Continent (1947: هن جو سنڌي ترجمو به ڇپيو آهي: 2014)
(27) Betrayal: Sindh- Bides the day for freedom (Vol: I, 2007)
(28) Betrayal: Sindh- Bides the day for freedom (Vol: II, 2007)
(29) Shah Sachal Sami (2008)
2015ع ۾ جويي صاحب جي 100 سالگرهه جي موقعي تي سندس سمورا ڪتاب مختلف جلدن ۾ مختلف ادارن ڇپائي پڌرا ڪيا.
جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي 21 جامع جُلدن جي سربراهي ڪيائين. هن چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، ايڊٽ ۽ ترجمو ڪيا آهن.
هن شـاهه لطيف جي فڪر ۽ پيغام بابت جديد نقطه نظر سان ڪيترائي مضمون لکيا آهن، پر ان ڏس ۾ سندس ڪتاب ‘شاهه، سچل، سامي’ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪي شاعرن جي هن ٽمورتيءَ تي ۽ خاص ڪري شاهه جي شاعريءَ جي اهميت تي هن عالمي سطح
جو ڪم ڪيو آهي. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو سليم نور حسين ساڳئي نالي سان ڪيو آهي.
 هري دلگير (1916-2004): سنڌ هند جي پهرين صف جو ناميارو جديد شاعر هري دلگير درياڻي، 15 جون 1916ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هري دلگير شروعاتي ٽي سال پرائمري تعليم لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جي سنڌي اسڪول مان حاصل ڪئي، جتي هوشيار هئڻ ڪري ڊبل پروموشن ورتائين. بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ پليگ جي بيماري پوڻ ڪري والد ۽ والده سان گڏ روهڙيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي سندس والد فرسٽ ڪلاس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو. اتي ٽيون ۽ چوٿون درجو انگريزي پڙهڻ کان پوءِ باقي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ورتائين، جتان 1934ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ ۾ پرڀو وفا (مشهور شاعر) سندس هم ڪلاسي هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هري دلگير، بي. ايس. سي(B.Sc) ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ بي. اِي (سول)N.E.D انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان 1941ع ۾ (بمبئي يونيورسٽيءَ مان) پاس ڪئي. 1942ع ۾ سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو. پهرين اوورسيئر ٿيو، پوءِ سب انجنيئر ۽ آخر ۾ ايگزيڪيوٽوِ انجنيئر رهيو. هن لاڙڪاڻي، دادو، حيدرآباد وغيره ۾ ملازمت ڪئي ۽ فرض شناسيءَ، محنت ۽ ايمانداريءَ ۾ پنهنجو نالو ڪڍايو.
هري دلگير کي ادبي ماحول گهر ۾ ئي مليو. سندس پيءُ گرڏنو مل شاعر هجڻ سان گڏ اخبارن ۾ مضمون پڻ لکندو هو، جنهنڪري هن جي گهر ۾ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود هوندو هو. چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهڻ دوران هري دلگير، ڪشنچند بيوس جو ڪلام ‘شعر '>شيرين شعر ’ پڙهي، ان کان بيحد متاثر ٿيو ۽ هن ۾ به شاعري ڪرڻ جو جذبو جاڳيو.
هري دلگير پهريون شعر 10، 11 سالن جي عمر ۾ لکيو هو.
هري دلگير جي دوستي هوندراج دُکايل سان ٿي، جيڪو هن کان ڇهه ست سال وڏو هو ۽ قومي هلچل جو سرگرم اڳواڻ ۽ جوشيلو شاعر هوندو هو. ان کان سواءِ ان ئي وقت ۾ هري دلگير جي ڪشنچند بيوس سان پڻ صحبت ٿي. ائين هن کي شاعري ڪرڻ جو وڌيڪ اُتساهه مليو. هري دلگير جي همعصرن ۾ پرڀو وفا، رام پنجواڻي ۽ ٻيا شامل هئا. 1930ع ۾ هري دلگير جو پهريون شعر، شڪارپور مان بولچند راجپال جي ادارت هيٺ نڪرندڙ مشهور سنڌي رسالي ‘سنڌوءَ’ ۾ ڇپيو. ساڳئي سال سندس هڪ شعر لاڙڪاڻي جي هڪ هفتيوار اخبار ۾ ڇپيو، جيڪو ان وقت جي مشهور شاعر نواز علي ‘نياز’ جعفريءَ جي نظرن مان گذريو، جنهن هري دلگير جي دل کولي همت افزائي ڪئي ۽ کيس علم عروض جي ڄاڻ ۽ شاعريءَ جي سکيا ڏني. هري دلگير هڪ هنڌ لکيو آهي ته، “استاد نواز علي ‘نياز’ کان مون شعري فن سکيو ۽ بيوس سائين (ڪشنچند) کان ڪويتا جي پرک پرايم.” اهڙي هڪ مشاعري ۾ هري دلگير پنهنجو شعر پڙهيو. ان وقت سندس عمر 14 سال هئي. شعر تي کيس تمام گهڻو داد مليو. NED ڪاليج ۽ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران هري دلگير جي شاعري خوب پروان چڙهي، هن خوب لکيو ۽ نالو ڪڍيو. 1941ع ۾ ‘سنڌو’ رسالي جي ايڊيٽر بولچند وسو مل راجپال، هري دلگير کي رسالي جي شاعريءَ واري ڀاڱي جو انچارج مقرر ڪيو، جيڪا ذميواري هن اڍائي سالن تائين نڀائي. 1941ع ۾ مشهور ڪهاڻيڪار امر لعل هنگوراڻيءَ سان گڏجي هن ‘ساهتي’ رسالو ڪڍيو. ان رسالي جون ان وقت ڇهه هزار ڪاپيون نڪرنديون هيون. فتح چند واسواڻي، جيڪو حيدرآباد مان ‘سنڌي ساهتيه’ رسالو ڪڍندو هو، اُن هري دلگير جو پهريون طبعزاد شعري مجموعو ‘ڪوڏ’ 1941ع ۾ ڇپايو. هري دلگير جو ٻيو شعري ڪتاب ‘هرشچندر جيون ڪوتا’ 1942ع ۾ ڇپيو، جن ٻنهي ڪتابن تي کيس سنڌ سرڪار جي قائم ڪيل ‘سنڌي ساهتيه لاءِ صلاحڪار بورڊ’ پاران انعام ڏنو ويو. هري دلگير 1946ع ۾ ٻارن جي رسالي ‘گل ڦل’ ۽ ‘گلستان’ جي شاعريءَ جي ڀاڱي جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
1955ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندستان مان هجرت ڪري آيل پناهگير مسلمانن فساد ڪرايا، ان موقعي تي ڪن دوستن هري دلگير کي سنڌ ڇڏڻ جي صلاح ڏني، پر هن مادر وطن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 5 ڊسمبر 1955ع تي هري دلگير جي والد وفات ڪئي، پوءِ به هن سنڌ نه ڇڏي. 1957ع ۾ سندس امڙ به لاڏاڻو ڪري وئي. ماءُ جي وفات کان پوءِ هڪ ڀيرو ڀارت جو چڪر هڻي آيو، جتي دوستن کيس هند اچڻ لاءِ چيو، پر پوءِ به هن سنڌ نه ڇڏي. اتان واپس سنڌ موٽي اچڻ بعد ماءُ ۽ پيءُ جي عدم موجودگيءَ ۾ اداس گذارڻ لڳو. ان وچ ۾ پاڪستان جون حالتون سچن ۽ محب وطن ماڻهن لاءِ ڪجهه ڏکيون ٿي ويون. نيٺ هڪ ڏينهن هن دوستن جي زور ڀرڻ تي ڀڳيءَ دل سان سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ائين هري دلگير 1958ع جي آخر ۾ سنڌ سان الوداع ڪري، جنوري 1959ع ۾ آديپور (ڪڇ) ۾ وڃي مستقل طور رهيو. ڀائي پرتاب مشن پاران مٿس نون ڪاليجن کولڻ جو ڪم رکيو ويو. گانڌيڌام ۾ ڪجهه اسڪول سندس دوست هوندراج دکايل جي قائم ڪيل مئتري منڊل پاران هندي ميڊيم ۾ اڳ ئي هلندا هئا. هري دلگير هن اداري جو ٽرسٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ هوندراج دکايل ٽرسٽ جو مکيه ميمبر هو. اهڙيءَ ريت هري دلگير پهرين اتان جي تولاڻي انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ جو باني پرنسپال ٿيو. بعد ۾ 1961ع ڌاري آديپور ۾ پوليٽيڪنڪ ڪاليج قائم ڪيو. تولاڻي خاندان جي هنن تعليمي ادارن جي سار سنڀال سان گڏ هري دلگير 1961ع کان 1973ع تائين گانڌيڌام ڪوآپريٽوِ بئنڪ جو چيئرمئن پڻ رهيو. 1968ع ۾ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي گانڌيڌام ميونسپل جو صدر به چونڊيو، پر راجنيتي رمزن مان بيزار ٿي ميمبريءَ جي مُدي پوري ٿيڻ کان ٽي سال اڳ ئي استعيفا ڏئي ڇڏيائين. هي گانـڌيـڌام روٽـري ڪـلـب جـو صـدر، گانـڌيڌام ميونسپالٽيءَ جو صدر (1965ع) به رهيو. سندس واسطو ‘ساهتيه اڪاڊمي’ ۽ هند سرڪار جي سنڌي صلاحڪار بورڊ، نيشنل بوڪ ٽرسٽ، گجرات ساهتيه اڪاڊمي، بمبئيءَ ۽ گجرات جـي يـونيـورسٽيـن جي سـنڌي بورڊن سان زندگـيءَ جي آخـرين گهـڙين تائيـن بـرقـرار رهيـو. هـري دلگيـر سنڌي ساهتيه اڪادمي گـجـرات جو 1994ع کان 1999ع تائين چيئرمئن به رهيو.
هري دلگير درياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ڪــوڏ (1941ع)،
(2) هرشچندر جيون ڪوتا (1942ع)، (3) موجي گيت (ڪشنچند بيوس سـان گـڏ: 1942ع)، (4) مـاڪ ڦُـڙا (نارائـڻ شـيام سـان گـڏ: 1953ع)،
(5) موج ڪئي مهراڻ (1966ع)، (6) ڪهاڻي ڪرم يوگيءَ جي (1975ع)، (7) پـل پـل جو پڙلاءُ (1977ع)، (8) امر گيت (1981ع)، (9) مزيدار گيت (ٻـارن لاءِ: 1983ع)، (10) رولـو آواز (1984ع)، (11) گـيـت گلابـي (ٻارن لاءِ: 1987ع)، (12) چـولـو منهنجي چڪـ ۾ (آتم ڪٿا: 1987ع)، (13) جهـنـگلـي گُـل (1988ع)، (14) پـرولـيـون (ٻـارن لاءِ: 1991ع)،
(15) جــپ صــاحــب (1991ع)، (16) لـهـرن لــک لــبــاس (1993ع)، (17) اڪيلو چنڊ (1998ع)، (18) صبح جو سهاڳ (2001ع)، (19) گند منهنجي گـوڏ ۾ (آتـم ڪـٿـا: ڀاڱـو ٻيـو: 2003ع)، (20) جـيءَ، جـيءَ جـيءَ ڙي جــيءَ (2003ع)، (21) گاهه کليا گس گس (ترائيل: 2004ع) وغيره شامل آهن.
هري دلگير ويدانت، تصوف ۽ لطيفيات جو ڄاڻو هو. هن رامائڻ جو منظوم سنڌي ترجمو ‘گيت ۽ رامائڻ’ جي عنوان سان ڪيو، پر هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ‘شاهه جي رسالي’ جو منتخب انگريزي ترجمو آهي، جيڪو هن نامور ليکڪا ‘انجُو ماکيجا’ سان گڏجي Shah Abdul Latif: Seeking the beloved جي عنوان سان ‘ڪٿا’ (KATHA) نالي اداري، دهليءَ (ڀارت) مان 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي شاهه جو انگريزي ترجمو، شاهه جي آسان ترجمن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو ۽ ڀارت ۾ شاهه جي ڪلام جو پهريون انگريزي ترجمو آهي.
هري دلگير درياڻيءَ 12 اپريل 2004ع تي گانڌيڌام ۾ وفات ڪئي.
 مولانا غلام مصطفي قاسمي [1916- 2009]: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، 24 جون 1916ع ۾ ڳوٺ رئيس ڀنڀي خان چانڊيي، تعلقي ميرو خان، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر شهدادڪوٽ) ۾ حافظ محمود چانڊيي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن مدرسه ‘تحفيظ القرآن’، ڳوٺ رئيس ڀنڀي خان ۾ مولانا فتح محمد سيرانيءَ وٽ ناظره قرآن مجيد، ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتي، ميرو خان مدرسي ۾ مولانا خوش محمد تُنيي وٽ عربي گرامر ‘ارشاد الصرف’ کان ‘هدايت النحو’ تائين، ۽ فارسيءَ جو نصاب ‘زُليخان جامي’ ۽ ‘سڪندر نامو’ مڪمل ڪيائين. ‘دارالفيض ڪُور سليمان’ ۾ علامه عبدالڪريم ڪُورائيءَ وٽ ‘درس نظاميءَ’ جي تڪميل ڪري 11 سالن جي عمر ۾ دستار بند [مولوي فاضل] بڻيو. دارلعلوم ديوبند دهليءَ مان اعليٰ تعليم [فاضل ديوبند] جي سند حاصل ڪيائين، اتي مولانا سيد حسين احمد مدنيءَ کان ‘صحاح سته’ ۽ تفسير پڙهڻ سان گڏ طريقهء تصوف ۾ ‘جيشيه’ ۽ ‘صابريه’ ۾ دست بيعت ٿيو. اورنٽيئل ڪاليج فتح پور دهليءَ مان ‘حڪيم الحڪامءُ’ [فاضل طب] جي سند حاصل ڪيائين. مولانا غلام محمد دينپوريءَ کان تصوف جي قادري طريقي ۾ دست بيعت ٿيو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان ‘معارف القرآن’ ۽ ‘شاهه ولي الله جو فلسفو’ سکيو، ۽ شاهه ولي الله جا ڪتاب ‘حجت البالغه’، ‘سطعات’، ‘اُلبدور البازغه’،
‘خير الڪسير’، ‘ترجمة القرآن’ وغيره پڙهيو. پنجاب يونيورسٽيءَ مان عربيءَ جو اعليٰ امتحان پاس ڪيائين. هاءِ اسڪول ميرو خان ۾ خانگي طرح انگريزي پڙهيو، ۽ دهليءَ ۾ پڙهڻ دوران انگريزيءَ جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. مولانا غلام مصطفيٰ، مشهور ديوبندي عالم قاسم نانوتويءَ کان متاثر ٿي، پاڻ کي ‘قاسمي’ سڏايو.
تحصيل علم کان پوءِ مولانا صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميروخان ۾ عربيءَ جو استاد، مدرسه دارالسعادت گوري پهوڙ (شڪارپور) ۾ مدرس، دهليءَ جي هڪ مسجد ۾ مختصر عرصي لاءِ مفتي رهيو. مدرسه مظهر العلوم، کڏي، ڪراچيءَ ۾ 1949ع کان 1951ع تائين
شيخ الحديث’ رهيو. سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ عربيءَ جو استاد رهيو. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ 1958ع کان 1963ع تائين اسلاميات جو ليڪچرار رهيو. شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جو 1964ع کان 15 فبروري 2002ع تائين ڊائريڪٽر رهيو. ان عرصي ۾ رسالي ‘الرحيم’ (اردو) ۽ الرحيم (سنڌيءَ) جو ايڊيٽر رهيو. ان سان گڏ رسالي ‘الولي’ جو پڻ ايڊيٽر رهيو.
سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ هڪ وڏي عرصي تائين اعزازي پروفيسر ۽ مختلف مضمونن- سنڌي، اردو، عربي، فارسي، مسلم هسٽري، اسلامڪ ڪلچر ۽ تقابلِ اديان وغيره ۾ پي. ايڇ. ڊي جو گائيڊ رهيو. سندس رهبريءَ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر سيد صالح محمد شاهه، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر نور افروز خواجه ۽ ٻين 25 اديبن ۽ استادن، سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ 11 ڄڻن ايم. فِل ڪئي. مولانا صاحب وٽ اسلامي ڪلچر، تقابل اديان ۾ 27 ڄڻن
پي. ايڇ. ڊي ۽ 10 ڄڻن ايم. فل ڪئي. مسلم هسٽريءَ ۾ ٻن (2)، عربيءَ ۾ ٽن (3)، فارسيءَ ۾ ٽن (3) ۽ اردوءَ ۾ ٻن (2) ۽ اهڙيءَ ريت جملي
61 اديبن، استادن ۽ عالمن پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ مختلف سبجيڪٽن ۾
20 کان مٿي اديبن، ۽ استادن ايم. فل ڪئي.
قاسمي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جو 1977ع کان 1989ع تائين چيئرمئن رهيو. ان کان سواءِ انفرميشن آفيسر، سنڌ اطلاعات کاتو، ميمبر جامع عربيه اسڪول بورڊ حيدرآباد، ميمبر سنڊيڪيٽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، ميمبر بورڊ آف اسٽڊي سنڌي، اسلامڪ ڪلچر، عربي ۽ ڪمپئرينو رليجنس شعبا، ميمبر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ميمبر سنڊيڪيٽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، ميمبر سنڌ ميوزيم حيدرآباد، ميمبر ڊاڪٽر دائودپوٽه لائبريري حيدرآباد، ميمبر مهراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد، ميمبر ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ميمبر مجلس شوريٰ سنڌ، ميمبر زڪوات ڪميٽي سنڌ، ميمبر سيرت ڪميٽي اسلام آباد، چيئرمئن مرڪزي رويت هلال ڪميٽي پاڪستان، ميمبر اقبال ڪميٽي لاهور، صلاحڪار پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن ڪراچي ۽ صلاحڪار پاڪستان اڪادمي اسلام آباد وغيره رهيو.
مولانا صاحب جي سياست سان به وابستگي هئي. هو جميعت الطباء اسلام (سنڌي شاخ) جو باني، صدر ڪانگريس تعلقو قمبر (ضلعو لاڙڪاڻو)، نائب صدر ڪانگريس ضلعو لاڙڪاڻو ۽ ميمبر جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي (1939ع) پڻ رهيو.
مولانا صاحب جي علمي حيثيت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ دارالعلوم ديوبند ۾ شاگرديءَ دوران هڪ ڪتاب ‘مفيد الطلباء في شرخ تعريف الشياء’ لکيائين. سندس تصنيف، ترتيب، ترجمن ۽ مقدمن ۽ حواشين تي مشتمل ڪتابن جو تفصيل تمام وڏو آهي. سندس ترتيب، ترجمن ۽ مقدمن ۽ حواشين تي مشتمل ڪتابن جو مختصر تفصيل هن ريت آهي:
(1) تمدن عرب (تفسير سورة سبا): افادات مولانا عبيدالله سنڌي (ترتيب ۽ ترجمو)
(2) الانصاف في بيان سبب الاختلاف: الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي (سنڌي ترجمو)
(3) غنية البشرفي المداخل الجفرالجعفريه الاثنيٰ عشر (عربي): تاليف مخدوم ابراهيم ابن المخدوم عبداللطيف ابن المخدوم هاشم التتوي السنڌي (تصحيح ۽ تشريح)
(4) مختصر القدوري (عربي): تاليف: ابي الحسين احمد بن محمد البغدادي الحنفي المعروف بالقدوري
(5) المتانة في مرمة الخزانة (عربي): تاليف: علامه مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، تحقيق، ايڊيٽنگ ۽ مقدمو
(6) سطحات: شاهه ولي الله (فارسي): الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي، تصحيح و تحشيه، سنڌي ترجمو
(7) وسيلة الغريب الي جناب الحبيب صلي الله عليه وسلم (فضائل و تاريخ اهلبيت)، تاليف: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (اردو ترجمو)
(8) التفهيمات الالهية (اجزء الاول و اجزء الثاني): تاليف: الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي، تصحيح ۽ تحشيه
(9) الهام الرحمان في تفسير القران (الجزة الاول، الجزة الثاني ۽ تفسير سورة الفاتحه)، از: مولانا عبيدالله سنڌي (مقدمو)
(10) التمهيد التعريف ائمة التحديد (عربي): مولانا عبيدالله سنڌي (مقدمو، حواشي ۽ ترتيب)
(11) الخير الڪثير: مولانا عبيالله سنڌي (اردو ترجمو، تحقيق ۽ مقدمو)
(12) تاويل الاحاديث في رموز قصص الانبياء (عربي): الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي (اردو ترجمو، قصص انبياء ڪي رموز اور ان ڪي حڪمتين)
(13) همعات (فارسي): تاليف الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي (تصحيح و حواشيه)
(14) لمعات (عربي): تاليف الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي (تحقيق و مقدمه)
(15) ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول (درود شريف): تاليف: مخدوم محمد هاشم تتوي (مقدمو)
(16) رساله في مصطلع الحديث و شرح بغض عبارات النخبة و افادات (عربي): مولانا عبيدالله سنڌي، مقدمو وحواشيه
(17) امعان النظر شرح نخبة الفڪر: تاليف، قاضي محمد اڪرم نصرپوري: مقدمو، تصحيح و حواشيه
(18) ڪچڪول نامه (فارسي)، تاليف: مخدوم ابوالحسن داهري نقشبندي (تحقيق ۽ مقدمو)
(19) تاويل الاحاديث (عربي): الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي (تحقيق ۽ ترجمو)
(20) بهجة النظر شرح عليٰ شرح نخبة الفڪر (عربي)، تاليف: ابي الحسن الصغير ابن محمد صادق السنڌي المدني (تحقيق ۽ حواشيه)
(21) وسيلة الغريب اليٰ جناب الحبيب، تاليف: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (سنڌي ترجمو)
(22) تفسير خلاصة القرآن: از مولانا عبيدالله سنڌي (حاشيو ۽ تحقيق)
(23) فرائض الاسلام، تاليف: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: تصحيح، حواشيه ۽ مقدمو
(24) ترجمة القرآن (فارسي): از: مخدوم نوح سرور هالائي سنڌي: تصحيح، ايڊيٽنگ ۽ مقدمو
(25) البدور البازغه (عربي): تاليف، الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي، حواشي و مقدمه
(26) فتح الرحمان (فارسي)، تاليف: الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي، مقدمي جو سنڌي ترجمو
(27) فتح الفضل (عربي)، ملفوظات حضرت سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان: سنڌي ترجمو
(28) اَنباءُ الانباءُ في حيواة الانبياءِ (عربي): تاقليف ابوالحسن صغير السندي المدني، حواشيه، مقدمو
(29) سنڌي تفسير (سورة فاتحه ۽ سورة البقرة: جلد 1)، سورة آل عمران، النساءِ ۽ المائده (جلد ٻيو)، سورة الانعام کان سورة يوسف تائين: مولانا عبيدالله سنڌي: ترجمو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
(30) غنية البشر (عربي): مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي: ڪتابت، تصحيح ۽ ترتيب.
ان کان سواءِ ان ڏس ۾ سندن ٻيو به ڪافي تحقيقي ڪم ڪيل آهي. مولانا قاسمي صاحب تصنيفن (ترجمن) جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير (تصنيف)
(2) سماجي انصاف اور اجتماعيت، شاهه ولي الله ڪي نظر مين
(3) مٺو مُرسل
(4) سنڌي زبان جي بنيادي لغت (ٻين سان گڏ)
(5) جامع سنڌي لغات (جلد 2، 3، 4: تصحيح ۽ نظرثاني، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو)
(6) ديني ڪتابن جو ڪئٽلاگ (معاون: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي)
(7) قرآن حڪيم جون خصوصيتون (مولانا ڪوثر نيازيءَ جو اردو ڪتاب ‘بصيرت’ جو سنڌي ترجمو)
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جيد عالم، محقق، مترجم هئڻ سان گڏ سنڌ جو اُهو اڪيلو عام ٿي گذريو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت اسلامي علمن جي سمورن موضوعن- قرآن، فقھ، سيرت، اسلاميات، صرف و نحو، علم الڪلام وغيره سان گڏ تاريخ، جاگرافي، رياضي، علم الانساب، سوانح، ڪتابيات، لغت نويسي، فلسفي، منطق، سماجي علمن، سياست، تنقيد، شاعري ۽ راڳ تي ڀرپور ڄاڻ رکندو هو. هو سنڌ ۾ الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي، شيخ الهند محمود الحسن ديوندي، مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر ۽ علم جو تسلسل هو. ساڳئي وقت مخدوم بلاول، مخدوم معين ٺٽويءَ ۽ شاهه لطيف کان وٺي جي ايم سيد تائين حب الوطني ۽ وطن دوستيءَ جي روايت جو امين ۽ سرچشمو هو.
قاسمي صاحب شاهه لطيف جو به وڏو پارکو ۽ شارح هو. سندس شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعريءَ تي ڪيترائي مضمون لکيل آهن، جن مان هيٺيان وڏي اهميت رکن ٿا:
(1) شاهه لطيف جو فلسفه الاهيات (1951)
(2) شاهه لطيف جي رسالي ۾ قرآني تاميحون (1952)
(3) عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا (1960)
(4) شاهه ڀٽائي ۽ فارض (1965)
(5) شاهه جو پيغام هر دور لاءِ (1971)
(6) شاهه جي شاعريءَ جا سرچشما (1977)
(7) شاهه جي رسالي جو تهذيبي رخ (1984)
(8) عوامي شاعر شاهه عبداللطيف (1985)
مولانا قاسمي صاحب کي علامه دائودپوٽي جو شاهه جي رسالي تي ڪيل ڪم نظرثانيءَ ۽ ترتيب لاءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڏنو ويو، جيڪو پاڻ محنت ڪري ترتيب ڏئي، شاهه جي 13 سُرن تي مشتمل مواد سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين ڇپجي نه سگهيو آهي.
ان کان سواءِ قاسمي صاحب خود به شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو هو، جنهن ۾ 36 سُر ڏنل آهن. هي رسالو معنيٰ سان ٻن جلدن ۾ ڌار ڌار بشير احمد اينڊ سنز ڪراچيءَ، 1951ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. هن رسالي جي مقدمي ۾ قاسمي صاحب: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مختصر سوانح، پيدائش، شاهه جي تعليم ۽ تربيت، سلسله طريقت، شاهه جي شادي، شاهه صاحب جي وفات، شاهه جو رسالو (ان جي ترتيب، ٽرمپ، سنڌ سرڪار، مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالن جي اشاعت جو تذڪرو) عنوان شامل آهن.
رسالي جي اشاعت ۽ تربيت تي قاسمي صاحب راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ‘ٽرمپ’ صاحب رسالي جي ٻن عمدن نسخن کي آڏو رکي جرمنيءَ جي شهر مان ڇپايو. ٽرمپ جون رسالي جي صحت بابت جيڪي تجويزون هيون، انهن کي عملي جامو ان ڪري پارائي نه سگهيو، جو کيس رسالي لاءِ جيڪو خرچ مليو هو، سو کپي ويو. ان کان هڪ سال پوءِ قاضي عبدالڪريم پلبندريءَ جي خرچ سان بمبئيءَ مان هڪ نسخو ڇپيو، جنهن کي صحيح نسخو سڏيو وڃي ٿو. 1900ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي طرفان ديوان تاراچند آڏواڻي حيدرآباديءَ جي جفاڪشي ۽ محنت سان ڀٽ جي نسخي تان نقل ڪري هي نسخو بمبئيءَ مان خوبصورت سنڌي ٽائيپ ۾ ڇپايو ويو. ان کان پوءِ مرزا قليچ بيگ، سرڪاري ڇاپي ۾ ڪي بيت ۽ وايون اضافو ڪري (1913ع ۾) هڪ ڇاپو پڌرو ڪيو. سن 1923ع م ڊاڪٽر هوتچند، اسان جي فاضل دوست علامه دائودپوٽي جي مدد سان وڏا ڪشالا ڪڍي رسالي جا سڀ نسخا (موجود)، مير عبدالحسين سانگيءَ جي اڻلڀ نسخي تائين هٿ ڪري (شاهه جو رسالو) ٽن جلدن ۾ پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب سڀني نسخن کي آڏو رکي ڪيترن بيتن ۽ واين ۽ سرن کي، پنهنجي تحقيق ۽ مذاق موجب ڌاريو ڪلام ڄاڻي ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ ڳالهه تي ٻين اديبن کي مٺيان لڳي. ڊاڪٽر جي خلاف اخبارن ۾ مقالا ۽ مضمون پڌرا ٿيا، پر ڊاڪٽر پنهنجي خيال تان نه لٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻي بيشڪ سنڌي ادب جي بي انتها خدمت ڪئي، مگر کيس گهربو هو ته اهو ڌاريو ڪلام ضميمي طور ڇپائي ها ته شايد مخالفت کان بچي وڃي ها.
ان بعد قاسمي صاحب لکي ٿو ته، مشهور پبلشر بشير احمد (بشير اينڊ سنز ڪراچي) شاهه جي رسالي کي معياري ۽ اعليٰ پيماني تي ڇپائڻ ۽ رسالي جي ڏکين اکرن جي معنيٰ لکڻ لاءِ مون کي چيو ۽ رکپاليءَ کان سواءِ ٿي نه ٿو سگهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه جو رسالو هڪ ادبي شاهڪار آهي.
قاسمي صاحب شاهه جي لغت لکڻ لاءِ سرڪاري نسخي کي آڏو رکيو ۽ هن شاهه جي ترتيب ڏنل رسالي جي حاشيي ۾ ڏکين لفظن جون معنائون ڏنيون ته جيئن پڙهندڙ بيت يا وائيءَ جو مفهوم اتي جو اتي پرکي سگهي. ان کان سواءِ جيئن ته سرڪري رسالي جو تلفظ عام فهم هو، ته قاسمي صاحب به تلفظ ساڳيو قائم رکيو ۽ رسالي ۾ جيڪو ڌاريو ڪلام هو، اُن بابت اُتي جو اُتي حاشيي ۾ نوٽ هنيو ويو آهي.
ان حوالي سان قاسمي صاحب جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جي منفرد اهميت آهي. هي رسالو پهريون ڀيرو 1951ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي ٻي اشاعت، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 1999ع ۾ ڪئي آهي. هن رسالي ۾ سر بيراڳ هندي، سر شينھ ڪيڏارو، سر هير رانجهو، سر ڍول مارئي، سر ڌناسري ۽ سر بسنت بهار به شامل آهن، جيڪي ٻين اڪثر رسالن ۾ نه آهن.
مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ، 9 ڊسمبر 2009ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه ڪلهوڙا ڪالوني حيدرآباد ۾ آهي.(هلندڙ)
وڌيڪ ڏسو : شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم 2


هن صفحي کي شيئر ڪريو