شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو

مير عبدالحسين سانگيءَ جي قبر ۽ علامه دائود پوٽي جي قبر

مير عبدالحسين سانگيءَ جي قبر ۽ علامه دائود پوٽي جي قبر

شاهه جي روضي سان گڏ مسجد

شاهه جي روضي سان گڏ مسجد

ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ اُن جي

ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ اُن جي

مسجد جو مک دروازو ۽ مسجد جو اندريون ڏيک

مسجد جو مک دروازو ۽ مسجد جو اندريون ڏيک

مسافر خانو

مسافر خانو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو:
سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو، حيدرآباد کان 32 ميلن [57 ڪلوميٽرن] جي فاصلي تي، ڀٽ شاهه ۾ واقع آهي. هي خوبصورت مقبرو، سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هو، جيڪو 1167هه/ 1754ع ۾ جُڙي راس ٿيو هو. مقبري جي تعمير ۾ گهڻي قدر ڪاشيءَ جي سرن جو استعمال ڪيو ويو آهي. مقبرو ان وقت جي نامياري رازي عيدن تعمير ڪيو هو.
شاهه سائينءَ جو هي مقبرو ڪلهوڙن جي دور جي عمارتسازيءَ جي فن جو نادر نمونو آهي. مقبري جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنج محراب نما در آهن، جن جون ڪمانون اندران ۽ ٻاهران ڪاشيءَ جي رنگين ۽ گلڪاري ٿيل سرن سان ٺهيل آهن. احاطي ۾ سفيد سنگ مرمر جا ٿنڀ ٺهيل آهن، جن تي پڻ ساڳئي نموني جا نقش چٽيل آهن. مقبري جي اندرينءَ ڇت ۾ قنديل [شمع دان] لڳل آهن ۽ احاطي جي فرش ۾ سنگ مرمر ڪتب آندو ويو آهي.
مقبري جي ٻنهي پاسي گهڙيال لڳل آهن. مقبري جو دروازو صندل جي ڪاٺ جو ٺهيل آهي، جنهن تي چانديءَ جي چادر چڙهيل آهي. هي دروازو سنڌ جي آخري حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر ٺهرايو هو. دروازي جي مٿان ڪلمو پاڪ، هڪ پاسي ‘آية الڪرسي’ ۽ ٻئي پاسي ‘سورة اخلاص’ تحرير ٿيل آهن. ان کان سواءِ چانئٺ تي رنگين نقش ۽ گلڪاري به ٿيل آهي.
مقبري جي وچ تي شاهه سائينءَ جي مزار موجود آهي. جنهن جي چـوڌاري ڪـاٺ جـو ڪٽـهـڙو [چـوکـنـڊي] ڏنـل آهـي، جنـهـن ۾ ڪيـترا عـقـيـدتـمـند بـاسـون باسـڻ وقـت سـڳا، ڌاڳا ٽنـگيـندا آهن. ان ڪٽهڙي
۾ خوبصـورتـيءَ لاءِ ڪٿـي ڪٿـي رنگـين شيشا به استعمال ڪيا ويا آهن.
ڪٽهڙي جي مٿان مخمل جو ڪپڙو ڏنل آهي، جنهن جي وچ ۾ سنهري چنڊ ۽ چئن پاسن کان سنهري تارا ٺهيل آهن. مزار جي سيرانديءَ مٿان تاج رکيل آهي. شاهه سائينءَ جي مزار جي ساڄي پاسي سندس سؤٽ سيد جمال شاهه رکيل آهي. مقبري جو ٻيو دروازو اتر پاسي آهي، جنهن ذريعي احاطي جي اولهه واري حصي ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. شاهه سائينءَ جي مزار کان اُتر طرف ٿوري پنڌ تي سندس والد سيد شاهه حبيب رح جو مقبرو آهي، جنهن ۾ گادي نشينن جون مزارون آهن. شاهه لطيف جي روضي جي گرد ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي سجاده نشين سيد علي بخش شاهه عرف علڻ سائين، ۽ سيد لطيف علي شاهه جون مزارون آهن.
لطيف سائينءَ جي روضي جي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ هڪ وڏو قبرستان موجود آهي. اولهه طرف ٻين ڪيترين مزارن سان گڏ مير عبدالحسين سانگيءَ جي مزار آهي، ڏکڻ طرف ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ اُن دور جا عالم ۽ صوفي فقير مدفون آهن. هن قبرستان جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي تمر فقير جو تڪيو آهي. تمر فقير کي شاهه سائينءَ جي فقيرن مان وڏو رتبو حاصل هو. هن شاهه لطيف جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي هئي.
درگاهه جي اوڀر ڏکڻ طرف ڪاشيءَ جي سرن سان هڪ عاليشان مسجد تعمير ٿيل آهي، جيڪا 1835ع ۾ ٽالپر حاڪم مير محمد نصير خان جي جوڙايل آهي. مسجد جي ڪشادي اڱڻ ۾ وضوءَ لاءِ بي شمار نلڪا لڳل آهن. مسجد جي صدر دروزاي جي ٻنهي پاسن تي نيري رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون نصب ٿيل آهن. احاطي جي اولهه طرف سائي رنگ جا ڄاري دار دروازا آهن. جڏهن ته اتر پاسي واري ڀت تي چٽسالي ٿيل آهي.
شاهه جي روضي سان گڏ مسجد
مسجد جي اندرين ديوارن تي شيشي جو ڪم ٿيل آهي. مسجد جي اتر ۽ ڏکڻ طرف ٻه بلند مينار آهن، جن جا ستون [ٿنڀ] سائي ۽ پيلي رنگ جي ڄارين سان ٺهيل آهن. جڏهن ته گنبذن جو رنگ سائو آهي. هن مسجد ۾ هڪ وقت ۾ هڪ هزار نمازي نماز ادا ڪري سگهن ٿا.
ان کان سواءِ درگاهه جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ هڪ لنگرخانو [مسافرخانو] ۽ سبيل قائم آهن. درگاهه جي اوڀر واري پاسي نوبت خانو آهي، جنهن ۾ مختلف وقتن تي عقيدتمندن ۽ سنڌ جي حڪمرانن طرفان مليل وڏا وڏا نغارا رکيل آهن. هي نغارا هر سال عرس جي موقعي تي وڄايا وڃن ٿا.
شاهه لطيف جي درگاهه جي اڱڻ تي ‘شاهه جا فقير’ تنبوري جي تند تي سندس بيت ۽ وايون، رات کان صبح تائين ڳائين ٿا، جن کي ٻڌي پانڌيئڙا روحاني ۽ قلبي سڪون حاصل ڪن ٿا. شاهه لطيف جو عرس هر سال چوڏهين صفر کان [ٽي ڏينهن لاڳيتو] نهايت عقيدت سان ملهايو ويندو آهي. وڌيڪ ڏسو: شاهه لطيف جي درگاهه جا سجاده نشين گادي نشين


هن صفحي کي شيئر ڪريو