شاهه نصيرالدين ۽ ميين شاهه عنات جي چوکنڊي

شاهه نصيرالدين ۽ ميين شاهه عنات جي چوکنڊي

ٽنڊي الهيار ڀرسان ميين شاهه عنات جي مزار

ٽنڊي الهيار ڀرسان ميين شاهه عنات جي مزار

ميين شاهه عنات جي مزار جو منظر

ميين شاهه عنات جي مزار جو منظر

ميين شاهه عنات جو ڪلام قلمي نسخي جي صفحي جو عڪس

ميين شاهه عنات جو ڪلام قلمي نسخي جي صفحي جو عڪس

ميين شاهه عنات جو ڪلام

ميين شاهه عنات جو ڪلام

شاهه عنات رضوي ميون

شاهه عنات رضوي ميون: ميون شاهه عنات رضوي، ڪلهوڙن جي اوائلي دور جو بلند پايي جو شاعر ۽ درويش ٿي گذريو آهي. هو نصرپور ۾ رهندڙ ’رضوي‘ ساداتن جي هڪ برک ۽ بيٺل قبيلي جو فرد هو، ۽ هڪ وڏي اهل عيال وارو هو. ڪافي وڏي عمر پاتائين ۽ پنهنجي اولاد توڙي معتقدن ۽ مريدن جي تربيت ڪيائين. سنڌ جي خصوصاً لاڙ ۽ ٿرپارڪر وارن ڀاڱن [ موجوده حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن] سان سندس گهڻو واسطو رهيو ۽ عام توڙي خاص ماڻهو، سندس برگزيده شخصيت ۽ دلپذير بيتن/ شاعريءَ کان گهڻي قدر متاثر ٿيا. اُن کان سواءِ وقت جي ڪلهوڙن حڪمرانن، سندن نائبن توڙي وقت جي بيٺل ماڻهن وٽ پڻ هن درويش شاعر جي وڏي عزت هئي. سندس مشهور نانءَ نالي سببان سندس اولاد، وڏن جي موروثي نالي ’رضويءَ‘ جي بدران سندس ذاتي نالي پويان ’شاهه پوٽا‘ سڏجڻ لڳو، جن ۾ پڻ ڪيترا شاعر، درويش، نيڪ مرد، عالم ۽ بااثر زميندار پيدا ٿيا.
شاهه عنات رضويءَ جي درويشي ۽ شاعريءَ جون روايتون خاندان ۽ مريدن تائين محدود رهيون هيون، البت عوام ۾ ’شاهه عنات ۽ شاهه ڀٽائيءَ‘ جي چيل هم خيال بيتن جون مقالون مشهور هيون، اُن ڪري سنڌ، ’شاهه عنات‘ جي نالي کان واقف هئي، پر سنڌيءَ جي هن عظيم الشان آڳاٽي شاعر جو اڄ سوڌو ڪو جوڳو قدر نه ٿيو آهي.
سنڌ جو نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون عالم هو، جنهن سڀ کان اڳ هن جليل القدر شاعر جي ڪلام کي وڏيءَ محنت سان سهيڙي، آڪٽوبر 1963ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
سوانح حيات: ميين شاهه عنات جو خاندان، سنڌ جي رضوي ساداتن سان تعلق رکي ٿو، جن ڇهين صدي هجريءَ ۾ اچي بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هتي ٻن ٽن صدين بعد اتان سندن هڪ شاخ لڏي اچي نصرپور کي وسايو، جنهن جي ’مبارڪ پوٽا‘ پاڙي مان شاهه عنات پيدا ٿيو.
شاهه عنات، سيد نصرالدين جو پٽ هو ۽ ٽن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر هو. سندس ولادت جو نالو ’سيد شاهه عنايت الله‘ هو، پر اڳتي هلي ’شاهه عنات‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، جيڪو نالو ’عنات‘ يا ’شاهه عنات‘، شاعريءَ ۾ ڪتب آندائين، ۽ کيس عزت ۽ احترام مان ’ميون شاهه عنات‘ سڏيو ويو.
شاهه عنات جي ولادت بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اندازو آهي ته سندس ولادت، 1035- 1030هه مطابق 1625- 1620ع ڌاري ٿي هوندي. هُو سندس تعليم ۽ تربيت بابت لکي ٿو ته، ”وقت جي دستور موجب شاهه عنات جو مڪتب ۾ ويهڻ ۽ ابتدائي تعليم پرائڻ قرين قياس نظر اچي ٿو، پر غالباً مدرسي جي اعليٰ تعليم حاصل ڪانه ڪيائين، پر نصرپور جي رضوي ساداتن ۾ فارسي تعليم عام هئي. شاهه عنات ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو مس هو، جو غالباً سندس والد شاه نصرالدين وفات ڪئي، جنهنڪري شاهه عنات جي تعليم تي اثر پيو.
(شاهه نصرالدين ۽ ميين شاهه عنات جي چوکنڊي)
پيءُ جي وفات کانپوءِ شاهه عنات جي سنڀال وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه ڪئي، پر خانداني روايتن مان گمان نڪري ٿو ته ميون شاهه عنات ننڍي هوندي قدري خود خيال ۽ رسمي پابندين کان آزاد هو. کيس راڳ ٻڌڻ جو شوق هو ۽ هو آزاديءَ سان عام ڪچهرين ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو هو. شروع ۾ وڏي ڀاءُ اُن ڳالهه تان کيس منع ڪئي هئي، پر آخر بيوس ٿي پاڻ پليائين. شاهه عنات جي مقامي لنگهن ۽ راڳين سان اچ وڃ هئي، جيڪا ڳالهه سندس ڀاءُ ۽ عزيزن کي پسند ڪانه هئي. هڪ ڀيري خادمن وڃي ميين احمد شاهه کي ٻڌايو ته شاهه عنات لنگهن جي صحبت ۾ اُٿي ويهي ٿو ۽ ماڻهو پيا ٽوڪينِ ته ”ناناڻا دَل اٿس!“ ميين احمد چيو ته، ”مون وٽ وٺي اچوس“. جڏهن شاهه عنات کي وٺي آيا ته ميين احمد ٽوڪَ مان کيس کيڪاريو ته: ”اچو ميان شاهه لنگها!“ شاهه عنات ٺهه پهه وراڻيو ته: ”اسين آهيون لنگها، اوهين ٿيندؤ کنگهيا.“
ميين احمد شاهه پوءِ لنگهن کي تنبيهه ڪئي ته شاهه عنات کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏين. اُن بعد ساداتن ۾ ڪا شادي ٿي ۽ لنگهن پئي ڳايو، جو شاهه عنات ٻين سيدن سان گڏ ويهڻ جي بدران وڃي لنگهن سان گڏ ويٺو، جن کيس جاءِ ڏئي، عزت سان ويهاريو. انهيءَ تي ميين احمد شاهه رنج ٿي، لنگهن جي خلاف بيت چيو:
لنگهن کي لنگهڻ، هوندو ڏينهن قِيام سينءَ،
هڪ جا لالچ لُچن کي، ٻي طمع ترو تر،
ويندا منجهه قبر، دانهون ڪندا دِل سين!
ساڳئي وقت شاهه عنات کي پڻ تنبيهه ڪيائين ۽ ٽوڪيائين. ڀريل مجلس ۾ موجود ’ڇڇرن‘ ۽ ’شاهوڪن‘ به شاهه عنات تي ٽوڪ ڪئي ۽ کِليا. ڇڇرَ، شاهه نصيرالدين جا ساهرا ۽ ميين احمد شاهه جا ناناڻا هئا. [شاهه نصيرالدين جي پهرين شادي عباس ڇڇر جي نياڻي، بيبي دوسيءَ سان ٿي هئي، جنهن مان ميون احمد شاهه ۽ ٻيون نياڻيون ٿيون هيون.] شاهه عنات به ڀريءَ مجلس ۾ مٿن بيت چيو:
ڇڇرَ ڇِتو راڄُ، رهي مٿي ساڱري،
نڪا ڀُڻڪ ڀُونگن ۾، نڪا پکن ۾ پچار،
ڇڇراڻا ٻارَ، پنندا وڃي پرديسَ ۾.
اهڙيءَ ريت، ‘شاهوڪ’ وري شاهه نصير الدين جا خاصا مريد ۽ معتقد هئا. شاهه عنات، سندن واسطي شاهه نصيرالدين جي نِمُ کي مخاطب ٿي بيت چيو ته:
نِمَ! ڪجئين نياءُ، اسان جو عنات چئي،
جهين توکي پوکيو، آهيان اُن جو وياءُ،
شاهوڪاڻي باهِه، وساڻي ورهين کي.
ان عرصي دوران شاهه عنات عام بيتن واري شاعريءَ جي شروعات ڪئي ڏسجي ٿي.
غالباً جوانيءَ واري دور ۾ قدم رکندي، ميين شاهه عنات پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، وڏي ڀاءُ جي محتاجي نه ڪڍي ۽ ذاتي طور ناتا وڌايا ۽ مريدي خادميءَ جو سلسلو ڌار قائم ڪيو. سندس ناناڻن [جيڪي دل ذات سان واسطو رکندا هئا] ۽ هاليپوٽن سندس هر طرح مدد ڪئي. اُنهن راڄن مان ئي ميين شاهه عنات شاديون ڪيون. هن جوانيءَ ۾ هاليپوٽن مان [طالب هاليپوٽي جي نياڻي بيبي ڌڃاڻيءَ ۽ اسمار هاليپوٽي جي نياڻيءَ بيبي صحت سان] ٻه شاديون ڪيون ۽ ٽين شادي هن ناناڻي پاڙي [ڳوٺ ‘رمضان دل’، ڊگهڙي]مان بيبي هميءَ سان ڪئي.
شاهه عنات رضويءَ جي والد جي گادي ۽ پڳ سندس وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه جي حوالي هئي، اُن ڪري شاهه عنات کي پنهنجي جدا حويليءَ ۽ اوطاقن جو منڊل مچائڻو پيو.
ميين شاهه عنات کي اوائلي جوانيءَ کان وٺي ڀلن وهٽن جو شوق هو، ڀلا گهوڙا ۽ گهوڙيون ڌاريائين، جن جو نسل سندس اولاد وٽ پيڙهي به پيڙهي هلندو آيو. گهوڙن ۽ گهوڙين سان گڏ ميين شاهه عنات وٽ ٻيو مال، مينهون ۽ ڏاچيون به گهڻيون هيون.
ميين شاهه عنات جوانيءَ واري دور ۾ شاديون ڪيون ۽ اولاد وارو ٿيو. پهرئين گهر مان کيس ٻه پٽ ٿيا. ساڻن سندس بي انتها محبت هئي. شاهه عنات جي آسپاس جي بيٺل ماڻهن، ڀاڳين ۽ راڄن سان ڏيٺ ويٺ وڌندي وئي ۽ موقعي به موقعي سندس چيل بيت عوام ۾ مشهور ٿيندا ويا. آخر جوانيءَ ۾، يا جوانيءَ جي موٽ بعد، ميين شاهه عنات جي بزرگن ۽ درويشن سان ويجهڙائپ وڌندي وئي ۽ سندس چاهيندڙن ۽ مريدن جو حلقو به وسيع ٿيندو ويو. هن عرصي ۾ ميان شاهه عنات جو گهڻو وقت درگاهن ۽ درويشن جي زيارتن ۽ مريدن سان صحبت ۽ مسافريءَ ۾ گذريو ۽ غالباً هن ئي دور ۾ ميين شاهه عنات، بزرگن ۽ درويشن جي ساراهه ۾ بيت چيا ۽ سندس حقيقي شاعري، هن عرصي ۾ ئي شروع ٿي. ان وقت سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جو زوال شروع ٿي چڪو هو ۽ ڪلهوڙن جي طاقت ميان نصير محمد جي اڳواڻيءَ هيٺ دادو- لاڙڪاڻي واري ڀاڱي ۾ اُسري هئي.
شاهه عنات جي پنهنجي والد جي مسلڪ جي پيرويءَ ۾ ‘قادري طريقي’ جي مرشد شاهه خيرالدين سان خاص عقيدت ۽ وڏن جي ‘سهروردي طريقي’ موجب غوث بهاءُ الدين زڪريا ۽ شيخ رڪن الدين سان محبت هئي. اُن ڪري سندن روضن جون زيارتون ڪيائين ۽ هِن موٽ جوانيءَ واري دَور جي آخر ۽ پيريءَ جي اوائلي دَور ۾، ملتان جي گاديءَ وارن ۽ ٻين بزرگن خصوصاً ڀاون شاهه، محمد غوث، ضياءُ الدين ۽ محمد باقر سان پاڻ مليو ۽ ‘سرود ڌناسريءَ’ ۾ سندن عقيدت ۾ بيت چيائين:
روضي شاهه رُڪن جي، ڏٺم رات رهي،
پيءُ، پُٽ، پوٽو پاڻ ۾، مٿي سيج سهي،
ڀلي ’ڀاون شاهه‘ کي، پسيم پيرين پئي،
ڪوڙين جي ڪهي، اچن اُت عنات چئي.
-
ڪوٺئو قائم دين، ٿو اواٽا واٽ ڪري،
ٻيٽو ڀاون شاهه جو، اصلائي امين،
جن جو جاءِ يقين، تن اوڏا پيرَ عنات چئي!
-
روضو شاهه رُڪن جو، گوهر مٿس گل،
سماع جا سيد چئي، هاتڪ ڪرين هل.
-
غازي محمد غوث کي، اکيين لال مڻيان،
پرڏيهان پنڌ ڪري، اچن گهوٽ گهڻان،
الله لڳ عنات چئي، تنهنجي واڳ وڻان،
کلئو خاڪ کڻان، روضي رُڪن شاهه جي.
شيخ بهاءُ الدين عرف ڀاون شاهه، ملتان جي بزرگن مان سورهون سجاده نشين هو. شيخ ضياءُ الدين محمد ثاني، اوڻيهون سجاده نشين هو. ميين شاهه عنات جون اُنهن بزرگن سان معتقدانه ملاقاتون مختلف موقعن تي ٿيون. بهرحال سندس ملتان جا پنڌ پنهنجن اڳين بزرگن جي پيرويءَ مطابق هئا، جنهن جي سندس بيتن مان تصديق ٿئي ٿي.
مثلاً:
‘اڳين جو عنات چئي، آهي ايڏاهين گسُ’
-
‘اڳين جو عنات چئي، آهي پاڻ امين’.
سرود ڌناسريءَ’ ۾ بادشاهه پير دستگير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي عقيدت ۾ پڻ شاهه عنات جا بيت ملن ٿا:
پلؤ تنهنجو پير، سهجان وٺتم شيخ جي!
لڳاسون لغام سين، دلئان دستگير،
اوسيئڙو امير، ميران لاهه مريد تان!
شاهه خيرالدين جي درگاهه تي ميون شاه عنات، جوانيءَ کان پيريءَ تائين ويندو رهندو هو ۽ کيس پنهنجو ‘ڪامل پير’ ۽ ‘استاد’ ڪري مڃيندو هو. اها ڳالهه شاهه عنات جي ساڻس ارادت جي ساک ڀري ٿي ۽ اهو سنڌ ۾ تصوف جي سلسلي ۾ هڪ نمايان ۽ اوائلي مثال آهي.
اُن کان سواءِ قلندر شهباز، مشائخ هوٿي، سيد علي شيرازي، شاهه اويس قرني، شيخ ڪرهئي ڀانڊاري، شيخ ڀرئي، درس آري، حيدر شاهه سنائي ۽ ٻين بزرگن سان پڻ شاهه عنات جي عقيدتمندي هئي، جنهن جو جاءِ بجاءِ اظهار ڪيو اٿس.
اُن کان سواءِ غير مسلم طبقي وارن مان توحيد ڏانهن مائل فقيرن، جوڳين، ڪاپڙين، سنياسين ۽ سامين سان به سندس ذاتي صحبتون ٿيون. ان حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته: “ميون شاهه عنات غالباً پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن انهن فقيرن جي ڪن خاص فرقن، جهڙوڪ: سيتپوري، راميسري ۽ مهيسريءَ جا اهڃاڻ ڏنا آهن، گڏوگڏ ‘ويرناٿ’ ۽ ‘گرو گورکناٿ’ جا نالا به کنيا آهن:
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سک جوڳيڪي ڪار،
جي سکين ايءَ ڪار، ته ‘ويرناٿ’ ويجهو ٿئين!
-
‘گورک’ گودڙين، آسڻ ويٺي آئيو!
-
‘سيتپُري’، ‘راميسري’، جن ڏٺو ڪرناٽڪ،
وِڌو اُن عنات چئي، فاني سين فرق...
-
پِنن ڪين پَٽ کڻي، گهُرن ڪينَ گهَرا،
‘مهيسري’ مخلوق جي، اُڀين دورِ درا ...
شاهه عنات ڪلهوڙن حڪمرانن جو وڏو معترف هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي [جنهن شاهه عنات جهوڪ واري کي شهيد ڪرايو هو] جي تعريف ۾ چيل سندس بيت هيٺ ڏجن ٿا:
سرئو نصير، چانڊڪي ۾ چنڊ ٿي،
ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير،
دمامي جي دؤنس سان، ڦري ٿيو فقير،
آهي هي عنات چئي، سندو سنڌ همير،
سي وئا هلي ڍاڍري، کڻي کيريتيون کير،
تن کي گڏيو نه گس تي، نه بدو نه بزگير،
خاصي خدا آباد منجهه، عطر ۽ عنبير،
جان جان ندي نير، تان طبل تنهنجو تجلو!
هي بيت ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وڏي حمايت ۽ تبليغ هو، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ چواڻي اهم تاريخي حيثيت رکي ٿو. ان وقت ڪاڇي [سيوهڻ کان وٺي ميهڙ تعلقي تائين جبل جي ڪنڌي ۽ دامن واري علائقي] تي ميان نصير محمد جو مڪمل قبضو ٿي چڪو هو ۽ لاڙڪاڻي طرف هن هڪ مقبول اڳواڻ ۽ حاڪم جي حيثيت ۾ شهرت حاصل ڪئي.
هن دور ۾ سنڌ جي سياست ۾ تبديلي اچي رهي هئي. دادو ۽ لاڙڪاڻي طرف ميان نصير محمد پوري طاقت سان اڳتي آيو، بلڪ هن ڪلهوڙن جي ايندڙ حڪومت جا بنياد مضبوط ڪيا. سنڌ ۾ سياسي نقطه نگاهه کان هي ميان نصير محمد جو دور هو ۽ شاعريءَ جي لحاظ کان شاهه عنات جو ڪو همسر يا ثاني نه هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي، 1103هه مطابق 1692ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ ميان دين محمد ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙو، ڪلهوڙن جي اُسرندڙ طاقت جا اڳواڻ بنيا.
سندن [دين محمد ۽ يار محمد ڪلهوڙي] جي اوج ۽ عروج بابت به ميين شاهه عنات، دُعا جا بيت چيا هئا.
ڪڇ، انجارڻ، پارڪر، ڀُڄ ڊڄي ڀر ڊاءِ،
ڀيلي بندوقن سين، جڏ جارو جوڙينداءِ،
اوچتو عنات چئي، ڪُڏ ڀيلاڻي پونداءِ.
....
ڀيلاڻي ڀيلي، تُمن سڀ توريا،
آئي سنڌ سلام تي، ڪرنايو ٻيلي،
رءُ وانگي ريلي، اڃا ميلندا اميريءَ ڏي!
ڊاڪٽر بلوچ چواڻي، هن بيت ۾ ڄڻ واڌائي آهي ته هو [ڪلهوڙا] اڃا ‘ميري’ [قلات] پڻ فتح ڪندا. ڊاڪٽر بلوچ جي هيٺئين بيت بابت راءِ آهي ته جڏهن دهليءَ جو شهزادو محمد معزالدين سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ 1111هه/ 1699ع ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي کي نظربند ڪري وٺي ويو.... [تڏهن به] ميان يار محمد جنگ جاري رکي، تڏهن غالباً شاهه عنات، يار محمد [ڪلهوڙي] جي باري ۾ هيٺيون دُعا جو بيت پڙهيو:
دعا ڪريئين ٿو دائما، هردم منجهه هنيان،
مغل موٽي ويا، ايهي ڏس ڏيان،
ميريءَ منجهه ميان، اڃا طبل وڄندا تنهنجا!
اهڙيءَ ريت، ميان يار محمد بابت، شاهه عنات جو هيٺيون بيت به ملي ٿو، جنهن ۾ هن يار محمد ڪلهوڙي جي حمايت ۽ شاهه عنايت جهوڪ واري جي مخالفت ٿيل آهي:
تون طُرو طريلن جو، تنهنجي خانيءَ کاڌا کڳ،
يار محمد يار خدا جا، وهلا! وارج وڳ،
جا ٺڳي ڪئي ٺڳ، سا لاهي آءُ (لک) لانگاهه جي!
ميان يار محمد ڪلهوڙي، ٺٽي جي نواب اعظم جي لشڪر سان گڏ جهوڪ جي لانگاهه بزرگ شاهه عنايت الله صوفيءَ تي چڙهائي ڪئي، جو بالآخر شهيد ٿيو، جنهن جي تصديق شاهه عنات جي پونير شاهه بلال جي بيت مان ٿئي ٿي:
تو ونگو ونگو نائيو، ڪڇ، پارڪر، پٽ،
سوڍا سلامي ٿئا، ڍل ڀريندو ڍٽ،
چڙهي ڪيئه چٽ، جا هئي لِک لانگاهه جي!
بلوچ صاحب تصديق ڪئي آهي ته، “لانگاهه مان مراد شاهه عنايت صوفي آهي.” ڊاڪٽر بلوچ موجب: ‘هي بيت تاريخي اهڃاڻ جي لحاظ سان نهايت اهم آهي... تاريخي تصديق موجب يار محمد ڪلهوڙي، ٺٽي جي نواب اعظم خان جي لشڪر سان گڏ جهوڪ جي لانگاهه بزرگ، شاهه عنايت صوفيءَ تي چڙهائي ڪئي، جو آخرڪار شهيد ٿيو.... صوفي شاهه عنايت تي حملي جو بنيادي ڪارڻ سندس مغليه حڪومت سان مخالفت ۽ بغاوت هو.’
شهادت جي واقعي کان گهڻو اڳ صوفي شاهه عنايت پنهنجن
معتقدن ۽ مريدن جي گروهه کي منظم ڪري، جهوڪ واري پرڳڻي تي ڄڻ هڪ آزاد حڪومت قائم ڪري ڇڏي هئي، ... بلڪ ويندي نصرپور تائين سندس تعلق هو. [نوٽ: هنن بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي بزرگ، زندگيءَ جي آخري دور ۾، ڪلهوڙن جو حامي هئڻ سبب، شاهه عنايت صوفي جهوڪ واري جو مخالف هو، جنهن جا اُهڃاڻ سندس شاعريءَ ۾ ملن ٿا.]
خانداني روايتن موجب ميون شاهه عنات وڏيءَ عمر کي رَسيو ۽ ان حوالي سان سندس پيريءَ جو هي پهريون دور (1090- 1105هه) به همت ۽ حوصلي وارو هو. هن عرصي ۾ ميين شاهه عنات جي شخصيت هڪ شاعر طور مڃي وئي، جنهن جو خود کيس به احساس هو. هن عرصي جي آخر ڌاري جڏهن شاهه عنات 65- 70 سالن جو هو ته شاهه لطيف ڄائو.
ميين شاهه عنات جي وفات، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور ۾، 1130هه مطابق 1718ع ۾ ٿي. کيس پنهنجي والد جي ڀرسان، شيخ موسيٰ جي قبرستان [ٽنڊي الهيار کان پنج ميل اتر طرف موجوده ڳوٺ ڀورل شاهه لڳ] ۾ دفنايو ويو.
ميين شاهه عنات غالباً 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. ميين شاهه عنات کي پنج فرزند: سيد عبدالمعالي، سائينڏنو شاهه، محمد شريف شاهه، مصري شاهه ۽ پير شاهه هئا، جن مان محمد شريف شاهه پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو.
ميين شاهه عنات جو ڪلام: ميين شاهه عنات جو ڪلام سندس زندگيءَ ۾ قلمبند نه ٿيو، بلڪ سندس وفات کان 100 سال پوءِ سندس تڙ پوٽي اميد علي شاهه ولد قطب شاهه سهيڙايو. اُن ابتدائي قلمي نسخي [جنهن ۾ شاهه عنات ۽ سندن پوين جو ڪلام شامل آهي] ۽ ٻين ذريعن مان هٿ آيل ڪلام کي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سهيڙي، ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ عنوان سان، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1963ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ائين شاهه عنات جي ڪلام جي اشاعت، ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب ٿي آئي.
ميين شاهه عنات رضويءَ جو ڪلام، سنڌي شاعريءَ جي مسلسل ارتقائي اوج ۽ عروج جو ساکي آهي، ۽ شاهه جي شعر جي تاريخي پسمنظر جو چٽو آئينو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “شاهه ڪريم وفات ڪئي (1030هه) ته ميون شاهه عنات ڄائو، ۽ ميين شاهه عنات وفات ڪئي (1130هه) ته ڀٽائي صاحب جوان ٿيو. سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جي سلسلي ۾، ميون شاهه عنات ڄڻ شاهه ڪريم [شاهه لطف الله قادري] ۽ شاهه لطيف جي وچ واري عرصي جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو ۽ سنڌي شاعريءَ جي مقدار توڙي اقدار جي لحاظ سان هو اُنهيءَ وچ واري دور جو نامور اڳواڻ ۽ علمبردار شاعر هو.” . . . شاهه عنات، قاضي قادن، شاهه ڪريم [۽ شاهه لطف الله قاريءَ] کان پوءِ پهريون وڏو شاعر آهي، جنهن جا 469 بيت ۽ 32 وايون، سرودن (سُرن) وار ۽ ٻيا موقعي وار بيت دستياب ٿيا آهن.
ميين شاهه عنات کان اڳ، مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان سنڌي شاعري ٻن نمونن جي ٿيندي هئي: هڪڙي چارڻن، ڀٽن، ڀانن ۽ سگهڙن جي شاعري، جنهن ۾ عوامي قصن ۽ داستانن، واقعن ۽ جنگين کي ڳايو ويندو هو ۽ ٻي شاعري، عالمن، سالڪن ۽ صوفي شاعرن جي توحيد ۽ طريقت، اخلاقيات ۽ انساني قدرن جي پرچار واري هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”ميون شاهه عنات پهريون ممتاز شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ هن ٻه درياهيءَ جو پورو سنگم نظر اچي ٿو.”
ميين شاهه عنات کان اڳ ڪن ٿورن شاعرن توحيد ۽ طريقت جي تبليغ لاءِ عوامي عنوانن کي استعمال ڪيو هو، ۽ اها شروعات هئي، مثلاً: شاهه ڪريم ۽ ٻين شاعرن وٽ سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن: مورڙي ۽ مانگر مڇ، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلان ۽ چنيسر، مومل ۽ راڻي، سهڻي ۽ ميهار، کاهوڙين وغيره جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر شاهه عنات پهريون شاعر آهي، جنهن اُنهن قصن سان گڏ ٻين مشهور سنڌي داستانن- راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي، نوريءَ ۽ تماچي، کاري کيڙائن، جوڳين، سامين، ڪاپڙين، مهيسرين، سيتپورين، پوربين ناٿن [گورکناٿ، ويرناٿ، سڌناٿ]، آتڻ ۽ ڪاپائتين، لاکي ۽ ريٻارين، ابڙي ۽ سامن، جکري وغيره جهڙن سخين کي به ڳايو آهي. ائين هن سنڌي شاعريءَ لاءِ نئون ۽ وسيع ميدان هموار ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي شاهه لطيف همه گير ۽ عالمگير بنائي ڇڏيو.
ميين شاهه عنات رضويءَ جو فرزند سيد محمد شريف [ڀاڏاهه وارو]، اُن جو پٽ بلاول شاهه ۽ اُن جو پٽ قطب شاهه، ٽيئي پنهنجي وقت جا نامور درويش ۽ نامور شاعر هئا. شاهه شريف کي والد جي صحبت ۽ تربيت سبب شاعري ورثي ۾ ملي. سندس ڪلام ‘شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو ڪلام/ رسالو’ جي نالي سان ڇپيل آهي.
ميين شاهه عنات جي ڪلام جو مقدار جي حوالي سان جائزو وٺجي ٿو ته قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطف الله قادريءَ کانپوءِ ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جا 469 بيت ۽ 42 وايون [سرودن/ سُر وار] ملن ٿيون. سندس ڪلام ۾ سنڌي شاعريءَ جون ٽي اهم ۽ مکيه هيئتون يا قالب: بيت، مولود ۽ وائي گوناگون خوبين سان چمڪندڙ ملن ٿا. شاهه عنات کان اڳ جي شاعرن جي بيتن ۾ سنڌي دوهي ۽ سورٺي کان وٺي بيت جي ارتقا جون صورتون ۽ بيان جي پختگي ته ملي ٿي، پر شاهه عنات جي بيتن ۾ پهريون ڀيرو لغت جي ڳوڙهائي ۽ بيان جي رنگيني به نظر اچي ٿي. مثال طور:
سائر لهريون، ريج وڻ، جِئن سي پکين پک،
وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪک،
اونهون ڏيهه عظيم جو، پييم تان نه پرک،
تهان مٿي لَکَ، ڀال ڀلي جا ڀانئيان!
-اڇو آب عنات چئي، ڍريو مٿي ڍٽ،
نوڻيون نيلَ اُلٽيون، پاڪ رُهيائين پٽَ،
تيجل ڀريا ٽوڀڙا، پاڻي ٿئو پلٽَ،
وليون چڙهن وڻ سر، موٽڻ سڳنڌي ڇَٽ،
تون سُونهينِ سومرين وَر! ويٺو مٿي کٽ،
جتي ڄُلن ڄٽ، سو آءٌ ڏيهه ڏاڏاڻو گهُران.
(سر مارئي)
اهڙيءَ طرح سنڌي ‘وائي’ به شاهه عنات جي ڪلام ۾ هيئت، مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان اوج تي نظر اچي ٿي. کانئس اڳ وائيءَ جي روايت سنت شاعر دادو ديال وٽ ملي ٿي. شاهه عنات جون 42 وايون، مولود، مدحيه، دعائيه، نصيحت، سر مارئي، سر ليلان، سر مومل راڻي، سُر سسئي، سر سورٺ، سر سارنگ، سر ڪاموڏ [گندري]، هنجن ۽ غنائي مضمونن تي مشتمل ملن ٿيون. اهڙيءَ طرح ‘مولود’ جو لفظ به پهريون ڀيرو شاهه عنات جي وائيءَ ۾ ڪم آيو آهي:
چئو صلواة صدق سين، ايءُ ‘مولود’ مدام
شاهه عنات، راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو، ان ڪري هن پنهنجي ڪلام کي ‘سرودن’ ۾ ورهايو، جيڪا روايت اسان کي پوءِ جي ڪلاسيڪي شاعرن وٽ عام ملي ٿي. شاهه عنات جي ڪلام جا سرود [سُر]، تسليم شده راڳن ۽ راڳڻين مطابق آهن. سندس راڳ جي ڄاڻ جو اندازو هيٺين سٽن مان ٿئي ٿو:
جاجڪ آهين ذات، ته ويلا لهه ‘وهاڳ’ جي!
-چائين جان چارڻ، تان ويلا لهه ‘وهاڳ’ جي!
‘جيتسري’ جو نالو پهريون ڀيرو ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ ملي ٿو ۽ راڳ وديا موجب ‘جيتسري’، پوربي ٺاٺ مان هڪ راڳڻي آهي. سندن ڪن واين جي ٿلهه ۽ مصراعن جي سٽاءَ مان ڳائڻ جي لئه نروار ٿئي ٿي. مثال طور: هيٺين وائي ‘ڳيچ’ جي لئه ۾ رچيل آهي:
ميندي لال لائينديون سهيليون، هٿ ڳل هار گلاب تنين کي،
سيد شهباز ڪامل قلندر، در دولهه سي اينديون،
مينديون لال لائينديون!
اهڙي طرح ‘سرود ڪاموڏ’ جي وائي [ٿي من موهيو ڄام ...] ۽ سُرود ڌناسريءَ جي قلندر شهباز جي مدح ۾ چيل وائي [شهباز لال، گنبذين نور ...] جا ٿلهه ۽ مصرعون پڪي راڳ جي اسٿائي ۽ انترن جو اهڃاڻ ڏين ٿيون. هيٺ ٻنهي واين جا ٿلهه ۽ هڪ هڪ مصرع ڏجي ٿي:
(1) ٿلهه: ٿي من موهئو ڄام، جو سونهن سڀن ۾ وتري گندري،
ٿي من موهئو ڄام...
مصرع: سَمي سُونهاڻي، محبت هاڻي، مهاڻي مها سُوندري گندري،
ٿي من موهئو ڄام ....
(2) شهباز لال، گنبذين نُور جي ٿيو!
هند سنڌ هاڪ هَريل، آواز اصفهاني،
قلندر شاهه ڪمال، گُنبذين نُور جي ٿئو!
معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان ميين شاهه عنات جون 42 وايون ملن ٿيون، جن مان 03 خاص مولود، 14 مدحيه، 02 دعائيه، 01 نصيحت، 03 سُر مارئي، 01 سُر ليلان چنيسر، 02 سُر مومل راڻو، 06 سُر سسئي،
01 سُر سورٺ، 01 سُر سارنگ، 01 سُر ڪاموڏ (گندري)، 02 وايون هَنجن بابت ۽ 05 غنائي آهن.
‘مولود’ جو لفظ ڊاڪٽر بلوچ موجب پهريون ڀيرو شاهه عنات جي وائيءَ ۾ ملي ٿو. مارئي، سسئي ۽ ٻين سُرن جون وايون زبان توڙي بيان جي لحاظ سان برک آهن. غنائي واين ۾ صدق ۽ محبت جا ذاتي احساسَ اظهار ڪيل آهن. سٽاءَ جي لحاظ کان ميين شاهه عنات جي واين ۾ هڪ کان وٺي 16 تائين مصرعون ملن ٿيون.
42 واين جي ٿلهن جي سٽاءَ ٻن قسمن جي آهي، يعني: 33 واين جي ٿلهن ۾ قافيو وچ تي ۽ نون (9) واين جي ٿلهن ۾ قافيا آخر ۾ ڏنل آهن. قافين جي اِن مَٽ سٽ سان وائيءَ جي لئي ۾ نت نئين تبديلي پيدا ٿي آهي.
شاهه عنات، توحيد ۽ طريقت، سلوڪ ۽ نصيحت سان گڏ هر رنگ ۾ رڱيل شاعري ڪئي آهي. هن قصن ۽ داستانن کي دل کولي ڳايو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي عنوانن کي وڏي وسعت ڏني آهي. شاهه عنات، پنهنجي طبعي ذوق سان شاعر ٿيو ۽ شاعريءَ مان پورو حظ حاصل ڪيائين. ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سندس شاعريءَ جي ڏات، سندس عظمت، بزرگيءَ ۽ درويشيءَ جو باعث بڻي.
اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته عام سنڌي داستانن ۾ مشهور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل ۽ سُر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل شاعريءَ جي سنوار ۽ سينگار ۾ شاهه عنات رضويءَ ۽
شاهه لطيف جو شرف سڀني کان مٿانهون آهي. شاهه عنات، شاهه لطيف جو وڏو معاصر هو. ٻنهي سنڌي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جي ارتقا
۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ميين شاهه عنات قالب گهڙيا ته شاهه لطيف اُهي سوڌي سنواري ڀريا. شاهه عنات ديوارن جا بنياد رکيا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن تي شاعريءَ جون عمارتون کڙيون ڪري ڏيکاريون.
شاهه عنات ۽ شاهه ڀٽائي:
ميين شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب جي ملاقاتن ۽ رس رهاڻين بابت ڪيئي حڪايتون ملن ٿيون. ڀٽائي صاحب اڃا ننڍو هو ته ميين شاهه عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو هو ۽ کيس ميين شاهه عنات لاءِ وڏي عزت هئي. چيو وڃي ٿو ته پنهنجي دور جي هنن ٻنهي وڏن شاعرن هڪ ٻئي جي ڀران بيت به چيا هئا.
اهو به چيو وڃي ٿو ته سُر سسئيءَ جا بيتَ، شاهه عناتَ رضويءَ، شاهه لطيف کان متاثر ٿي چيا ۽ سُر مارئي، شاهه لطيف، ميين شاهه عنات رضويءَ کان متاثر ٿي چيو.
مثال طور:
شاهه عنات:
پسي ڏونگر ڏار، جِمَ هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
مجازاڻيون موٽيون، سُڻي پنڌ پچار،
پهرين پائج پرينءَ لئه، حقيقت جو هار،
سگهي لهندءِ سار، آرياڻي عنات چئي.
شاهه لطيف:
پسي ڏونگر ڏاهه، جِم هلڻ ۾ هيڻي وِهين،
لانچي لڪ لطيف چئي، پُٺيءَ ڪيچين ڪاهه،
پُڇي پورج سَسئي، بلوچاڻي باهه،
اِن وڙائتي وَرَ جو، آسر هڏ مَ لاهه،
جو اکنئون اوڏو آهه، سو پرين پرانهون مَ چئو!
شاهه عنات:
وڃي آءٌ وطن ۾، واسيان پنهنجا وار.
شاهه لطيف:
واسي وار نه ويڙهيان، پر چڳون رهن چيڙ.
شاهه عنات:
اُني جي اوطاق، پسان شال عنات چئي.
شاهه لطيف:
ماروءَ جي اوطاق، گهڻو اُڪنڊي آهيان.
شاهه عنات:
پيرون چونڊيان پرينءَ سان، پلئه ۾ پائي.
شاهه لطيف:
ڀُڻي ساڻ ڀتار، پائر پيرون چونڊيان.
بهرحال، باوجود ننڍ وڏائيءَ جي، ٻنهي شاعرن هڪٻئي تي اثر ڇڏيا ۽ ٻنهيءَ جو شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ آهي ته ميون شاهه عنات، ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ ڄڻ ته اڳواڻ بنجي آيو ۽ اچي ميدان سنواريائين، جنهن ۾ ڀٽائي صاحب پوءِ ڪونتل ڪُڏايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو