شاهه محمود جيلانيءَ واري مسجد: ‘تاريخ نصرپور’ ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکي ٿو ته، ”هيءَ مسجد شاهه محمود جيلانيءَ جي درگاهه ۾ تعمير ٿيل آهي، جيڪا ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت جي فن تعمير جو هڪ نادر ۽ شاهڪار نمونو آهي. هن مسجد ۾ استعمال ٿيل پٿر ۽ ڪاشيءَ تي ڪاشڪاريءَ جو نهايت ئي عمدو ۽ نفيس ڪم ٿيل آهي ۽ ڪاشيگريءَ جو اهو دلڪش ڪم نصرپور جي مشهور ماهر ڪاشيگر، اوستي حاجي محمد ولد اوستي خميسي خان جي محنت جو نتيجو آهي. مسجد تمام خوبصورت نموني تعمير ٿيل آهي. مسجد جي محراب جي ساڄي طرف کان سامهون چوٽيءَ تي هڪ پٿر نصب آهي، جنهن تي هي ڪتبو اُڪريل آهي:
شيخ عبدالرحيم ڪرد بنا
مسجد فيض بخش روح افزا،
بهر تاريخ هاتف اين درسنت،
“آيت رحمت الھ” بگ
1095هه/ 1683ع
ڪتبي مان ظاهر آهي ته هيءَ مسجد 1095هه/ 1683ع جي تعمير ٿيل آهي، جيڪو ڪلهوڙن جو نه بلڪه مغل گورنرن جو دؤر حڪومت هو. مستطيل نموني جي هن مسجد جي مهاڙي ۾ اندر وڃڻ لاءِ ڪمانن سان ٽي دروازا ڏنل آهن. وچيون در سڀني کان وڏو آهي، جنهن جي بلاڪ ۾ ڳاڙهيون سرون لڳل آهن. باقي ٻه دروازا پاسن کان آهن، جيڪي به ڪمانن سان آهن ۽ چوڌاري ڪاشيءَ جون ڳاڙهيون سرون لڳل اٿن. وڏي دروازن جي ٻنهي پاسن کان دريون ڏنل آهن. دري مستطيل ڪمان جي آهي، جنهن جي مٿان اڌ گول جي ڄاري ڏنل آهي. درين ۽ پاسن وارن درن جي مٿان مستطيل نموني جا جارا ڇڏي انهن کي به ڄاريون ڏنيون ويون آهن. اهي جارا هوا جي اچڻ وڃڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. مهاڙي ۾ در کان مٿي تاج نموني سيمينٽ جو جنسار رکيل آهي. ان جي ٻنهي پاسي عجابي رنگ سان ڄاريون ڏنل آهن. ڪانس جي ڪنڊن تي چار عدد ميناريون آهن، جن تي ڪلسو ٺهڪايو ويو آهي. تاج جي پاسن کان به الڳ سان ميناريون ٺاهيون ويون آهن.