
شاهجهان
شاھجھان: مغل سلطنت جو پنجون فرمان روا شاهجهان، 5 جنوري 1592ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو جھانگير هو. جھانگير کي خسرو، پرويز، خرم ۽ شھريار نالن سان چار پٽ هئا، جن مان خرم شاھجھان جي نالي سان مشھور ٿيو. شاھجھان ٻين شهزادن وانگر شاهي پرورش پاتي. تعليم، سپھہ گيري ۽ مختلف فنن سان لاڳاپيل هر علم حاصل ڪيائين. هن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون، پر محبت مان سندس شادي سن 1612ع ۾ ممتاز محل سان ٿي، جنهن جو اصل نالو ارجمند بانو هو. شاھجھان جو دور جھانگير جي وفات کانپوءِ شروع ٿئي ٿو. تاريخن ۾ سندس تخت نشينيءَ جو سال 1628ع ٻڌايو وڃي ٿو ۽ تخت تان هٽڻ جو سال 1658ع ڄاڻايل آهي، ان حساب سان شاھجھان 30 ورهيہ ۽ 193 ڏينهن تائين حڪومت ڪئي. هن جي وقت ۾ هندستان ۾ ڪافي تبديلي آئي. خاص طور اڪبر واري نظام کي هن گهڻي قدر تبديل ڪري، اسلامي ۽ مذهبي روايتن کي رائج ڪيو.
شاھجھان کي شروع کان وٺي بغاوتن سان منهن ڏيڻو پيو. ليڪن انهن کي ڪاميابيءَ سان مُنهن ڏيندو آيو. البت 1657ع ۾ هن جي تخت تي سندس پٽ اورنگزيب قبضو ڪري پنھنجي پيءُ کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي ڀاءُ دارا شڪوہ کي بلوچستان جي علائقي ڍاڍر مان گرفتار ڪرائي دهليءَ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو.
شاھجھان جو حڪومتي دور مغلن جو ثقافتي دور سڏيو وڃي ٿو. هي مغليه فنِ تعمير جو سونهري زمانو هو، جنهن ۾ شاھجھان گهڻي کان گهڻيون عمارتون ٺهرايون، جيڪي سندس دور جي عمارتسازيءَ جي تاريخ جون اهم عمارتون شمار ٿيڻ لڳيون. هن آگري، دهلي، لاهور، ٺٽي، ڪشمير، ڪابل، احمدپور، اجمير ۽ راجسٿان ۾ شاندار عمارتون جوڙايون. عمارتن کان علاوہ شاھجھان ڪيترائي خوبصورت باغيچا پڻ ٺهرايا، جيڪي پڻ يادگار آهن. دنيا جو عجوبو سڏرائيندڙ ‘تاج محل’ شاھجھان پنھنجي گهر واريءَ ممتاز محل جي ياد ۾تعمير ڪرايو هو. دهليءَ جو ‘لال قلعو’ بہ سندس تعمير ڪرايل شاهڪار آهي. ٺٽي جي ‘شاھجھاني مسجد’ بہ سندس دور ۾ تعمير ٿي. آگري ۾ ‘موتي مسجد’ بہ شاھجھان تعمير ڪراِئي هئي. لاهور ۾ جھانگير جو مقبرو ۽ شالامار باغ بہ هن تعمير ڪرايا، جڏهن تہ لاهور ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جڳهيون پڻ هن ٺهرايون هيون، پر وقت سان گڏوگڏ اڪثر يادگار ختم ٿي ويا آهن. هن ڪشمير ۾ بہ هڪڙو شالامار باغ ٺهرايو هو، جيڪو لاهور واري باغ جهڙو ئي لڳي ٿو. شاهجهان، هندستان جي گاديءَ جو هنڌ آگري کي تبديل ڪري دهليءَ کي مقرر ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. هن دهليءَ جي لڳو لڳ هڪڙو ننڍڙو شھر ‘شاھجھان آباد’ نالي بہ آباد ڪرايو هو. لاهور کي بہ خوبصورت شھر بنائڻ ۾ شاھجھان جو وڏو ڪردار رهيو. هن لاهور کي وڏي اهميت ڏني، ڪيترائي ڀيرا لاهور گهمڻ آيو، ۽ ڪيئي مهينا هتي ترسي پوندو هو. شهنشاھہ اهڙن موقعن تي پنهنجين راڻين، ۽ شهزادين کي بہ اتي ٽڪائيندو هو. هن پنھنجي لاءِ ‘تخت طائوس’ ٺهرايو، جنهن تي ٻيو ڪير بہ نہ وِهندو هو. اهو ئي تخت هو، جنهن کي ايران جو هڪ لٽيرو نادر شاھہ 1739ع ۾ پاڻ سان ايران کڻي ويو هو.
شاھجھان کي سندس پٽ اورنگزيب جڏهن تخت تان لاهي قيد ۾ بند ڪرايو هو تہ عام ماڻهن کي ٻڌايو ويو هو تہ شاھجھان جي صحت خراب هئڻ ڪري تخت اورنگزيب سنڀاليندو. شاھجھان جي بيماريءَ واري بستري تان اٿڻ تائين اهو تخت وقتي طور تي اورنگزيب وٽ هو، پر ڪجهه عرصي بعد اورنگزيب جا ظلم وڌي ويا، هن پنھنجي ڀاءُ دارا شڪوھہ جي سسي قلم ڪرائي هڪ خونچي ۾ بند ڪري قيدي شاھجھان ڏانهن ناشتي ۾ موڪلي ڏني، خونچي ۾ سسي اڃا بند ئي هئي تہ شاھجھان چيو تہ: “خدا جو شڪر آهي، جو ايترن ڏينهن بعد منهنجي پٽ مون کي ياد ڪيو آهي.” ائين چئي خونچي جو ڍڪ مٿي کنيائين تہ دارا شڪوھہ جي وڍيل سِسي ڏسي صدمي ۾ بلڪل جهري پيو ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين. 22 جنوري 1666ع ۾ اسيريءَ دوران آگري جي تاريخي قلعي ۾ وفات ڪيائين. وفات وقت سندس ڄمار 67 ورهيہ هئي. تاج محل ۾ سڀ کان اول راڻي ‘ممتاز محل’ وفات بعد دفن ٿي. شاھجھان کي سندس پياري بيگم جي ڀرسان تاج محل ۾ دفن ڪيو ويو. شاھجھان جي اولاد ۾ جھان آرا، داراشڪوه، روشن آرا، اورنگزيب، مراد بخش ۽ گوهر بيگم شامل هئا.
1592.01.05 عيسوي
مغل سلطنت جو پنجون فرمان روا شاهجهان، 5 جنوري 1592ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو.
1666.01.22 عيسوي
شاهجهان 22 جنوري 1666ع ۾ اسيريءَ دوران آگري جي تاريخي قلعي ۾ وفات ڪيائين. وفات وقت سندس ڄمار 67 ورهيه هئي. تاج محل ۾ سڀ کان اول راڻي ‘ممتاز محل’ وفات بعد دفن ٿي. شاهجهان کي سندس پياري بيگم جي ڀرسان تاج محل ۾ دفن ڪيو ويو.