شاھہ بيگ ارغون

شاھہ بيگ ارغون: شاھہ بيگ بن امير ذوالنون بن مير حسن بصري. هي پنھنجي پيءُ جي قتل کانپوءِ قنڌار جو حاڪم بنيو. امير ذوالنون توڙي شاھہ بيگ، هرات جي والي مرزا حسين بايقرا جي نائب طور قنڌار ۾ ڪم ڪيو. حسين بايقرا 911ھہ/ 1505ع ۾ فوت ٿيو. تڏهن مرزا شاھہ بيگ آزاد حاڪم ٿي ويو. ابتدا ۾ ارغونن کي محمد خان شيبانيءَ بہ تنگ ڪيو، پر ان جي مارجڻ کانپوءِ هنن سک جو ساھہ کنيو. مرزا حسين بايقرا جي دور ۾ ارغونن، قنڌار کان اچي شال تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ ڄام نندي جي حاڪميت ۾ رهندڙ ’سبي‘ شھر تي بہ حاوي ٿي ويا. ڄام جي حڪم تي سن 895ھہ/ 1495ع ۾، دريا خانسبي‘ تي حملو ڪيو. خونريز جنگ ۾ شاھہ بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو ۽ هي شھر وري ڄام جي حاڪميت ۾ اچي ويو. جيسين ڄام نندو زندھہ هو، تيسين ارغونن وري سبيءَ تي حملو نہ ڪيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 113- 144). ڄام نندو 914ھہ/ 1508ع ۾ فوت ٿيو تہ سنڌ جو سلطان ڄام فيروز بنجي ويو. هن جي دور ۾ ملڪ جون حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿيون ۽ ظاهر ۾ ڪمزوريءَ جا آثار پيدا ٿيا. ان دور ۾ مرڪزي ايشيا ۾ ٻہ مضبوط طاقتون اڀريون. هڪ طرف 907ھہ/ 1501ع ۾ شاھہ اسماعيل صفوي ايران ۾ خانداني بادشاهت قائم ڪري، طاقتور بادشاھہ ٿي اڀريو. ٻئي طرف بابر 918ھہ/ 1512ع ۾ ازبڪن هٿان آخري ڀيرو شڪست کائي، اچي ڪابل تي مستقل قبضو ڪيو (تاريخ ايران، جلد دوم، ص 320). ان پس منظر ۾ شاھہ بيگ ارغون سخت پريشان ٿيو. ٻنهي طاقتن جي خوف کان هن سوچ ويچار ڪري، سنڌ کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ان مقصد لاءِ ارغونن سنڌ بابت معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ياد رهي تہ پريشانيءَ جو وڏو سبب هي بہ هو ته، بابر بادشاھہ ۽ ايران جي اسماعيل صفويءَ ۾، اٿندي ئي سٺا تعلقات ٿي ويا. شاھہ بيگ ارغون کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ، ڄام فيروز جي ماءُ بہ قنڌار وڃي دعوت ڏني. هي واقعو 922ھہ/ 1516ع ۾ پيش آيو. ان بعد ارغونن تجربي طور ڪوٽ ماڇي، چانڊڪا پرڳڻي ۽ ڪجهہ ٻين علائقن تي حملا ڪيا. ارغونن باغبان جي علائقي جي ’ڳاها‘ نالي ڳوٺ کي بہ حملي هيٺ آندو. هن حملي ۾ وڏي ڦرلٽ ڪيائون ۽ هڪ هزار اُٺ بہ ڪاهي ويا، جيڪي رات جي وقت، باغن جي نارن ۾ وهندا هئا. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 150- 152)
سن 926ھہ/ 1520ع جي عرصي ۾، شاھہ بيگ ارغون سنڌ تي باقاعدي حملو ڪيو. پاڻ شال، فتح پور، گنجابي ۽ سبيءَ جو بندوبست ڪري، چونڊ بھادر ساٿي وٺي سنڌ طرف وڌيو. هو جڏهن باغبان کان ٽَپيو، تڏهن دريا خان جي پُٽن مقابلي جي تياري ڪئي. پر ارغونن مقابلي کان ٽارو ڪندي ٺٽي پهچڻ کي اهميت ڏني. لڪي جبلن جو پاسو وٺندي، نيٺ حملي آور ٺٽي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڄام فيروز حملي جو ٻڌي ڪنارہ ڪش ٿي ويو. سنڌ جو سورهيه سپاهي درياخان، زبردست لشڪر سان ارغونن جي مقابلي لاءِ نڪتو. هي معرڪو 11 محرم 927ھہ/ 22 ڊسمبر 1520ع تي ٺٽي جي ٻاهران ٿيو. سڄو ڏينهن سخت جنگ هلندي رهي. مير معصوم لکيو آهي ته، نيٺ امير شاھہ بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياھہ ٽپي ڀڄي ويو. دريا خان هڪڙي تنگر بردي قبتاش نالي ارغون جي هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. ارغونن جي فوج 20 محرم تائين ٺٽي جي شھر کي ڦريندي، لٽيندي ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندي رهي (معصومي، ص 154). دريا خان جي شهادت بابت هڪ ٻيءَ راءِ موجب: ارغونن پنھنجي سوڀ نہ ڏسي، صلح جي بهاني دريا خان کي گهرائي قيد ڪيو ۽ پوءِ کيس قتل (شھيد) ڪري ڇڏيو (مڪلي نامه، ص 90). ان طرح ارغون سنڌ کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڄام فيروز ٺٽو ڇڏي وڃي پير پٺي وٽ پناھہ گزين ٿيو. بعد ۾ وڪيلن جي معرفت جان جي امان طلبي، شاھہ بيگ ارغون وٽ پيش ٿيو. ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو. ملڪ کي تقسيم ڪيو ويو. سيوهڻ کان سمنڊ تائين ملڪ ڄام فيروز کي مليو. اتر سنڌ (سيوهڻ) کان سبيءَ وارو علائقو ارغونن پنھنجي هٿ ۾ رکيو.
هاڻي شاھہ بيگ سيوهڻ پهتو. اتي مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي مقرر ڪيائين. سلطان محمود کي بکر جي نظامت ملي. سيوهڻ جا سهتا، سوڍا ۽ سمان ارغونن جي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا. مخدوم بلال ارغون مخالف تحريڪ جو سرواڻ هو. قاضي قادن کين صلح جو مشورو ڏنو، پر هن کي ڪاميابي نہ ٿي. دريا خان جي پٽن: ميان محمود، موٽڻ خان ۽ ڄام سارنگ ويڙھہ لاءِ تياري ڪئي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ٽلٽيءَ ۾ جنگ ٿي. ارغونن ظلم جي حد ڪئي ۽ مخالفن کي بي درديءَ سان ڪچليو. سنڌي لشڪر وڏي تعداد ۾ مارجي ويو. جيڪي بچيا اهي مختلف طرفن ڏي ڀڄي نڪتا. ارغون ٽي ڏينهن ٽلٽي ۽ آسپاس ۾ جنگي ڪاررواين ۾ مصروف رهيا. مؤرخن اهل سنڌ پاران هن مقابلي جي هن ريت تعريف ڪئي آهي: “انهيءَ جنگ ۾ سوڍن عجيب لڙائي ڪئي، ۽ مقابلي جي ميدان ۾ ڏاڍي مڙسي ڏيکاري، ۽ بيهڪ ڪري، انهن مان گهڻا جوڌي سوڍي جي ڀاءُ رنمل سان گڏ ڪُسي ويا.”
شاھہ بيگ جيترو بہ وقت ملڪ جو (اڌ سنڌ) حاڪم رهيو، تمام پريشانيءَ جي حالت ۾ رهيو. هڪ طرف سنڌي ماڻهن کي ماري مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ٻئي طرف بابر جي قنڌار ۾ موجودگي بہ هن لاءِ تمام ڏکي صورتحال کي جنم ڏنو. ٽلٽيءَ جي معرڪي کان پوءِ پاڻ سبي ۽ شال طرف هليو ويو. ان وقت گجرات مان ڄام صلاح الدين ٺٽي هٿ ڪرڻ لاءِ لاڙ جي علائقي ۾ ظاهر ٿيو. اهڙو اطلاع شاھہ بيگ کي مليو تہ هو واپس ورڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. البت پنھنجي پٽ شاھہ حسن ارغون کي حڪم ڏنائين تہ ڄام فيروز جي مدد لاءِ اڳتي وڌيو. جوڻ جي شھر وٽ مقابلو ٿيو. ڄام صلاح الدين جي مقابلي لاءِ ڄام فيروز ۽ شاھہ حسن ارغون گڏ هئا. جنگ ۾ صلاح الدين ۽ سندس پٽ هيبت خان مقابلو ڪندي مارجي ويا. ارغونن معرڪو کٽيو ۽ ڄام فيروز تختگاھہ ٺٽي موٽي آيو. ان دوران شاھہ بيگ ارغون شال مان موٽي باغبان پهتو، جتي شاھہ حسن بہ هن سان مليو. هن علائقي ۾ ماڇين بغاوت ڪئي تہ ارغونن انهن خلاف سخت قدم کنيا. شاھہ بيگ باغبان، ٽلٽي ۽ سيوهڻ ۾ ڪجهہ وقت رهڻ کانپوءِ، بکر ڏانهن روانو ٿي ويو. بکر جي علائقي ۾ مختلف قبيلن، ارغونن سان معرڪن جي تياري ڪئي. ان ڏس ۾ ڏهر، ڌاريجا ۽ مھر قبيلا ويڙھہ لاءِ منظم ٿي رهيا هئا. سلطان محمود ۽ هن جو والد مير فاضل ڪوڪلتاش، سنڌي مار مھم ۾ سڀ کان اڳتي هئا. قاضي قادن بہ حملي آورن جو خاص صلاحڪار ۽ مددگار رهيو. جنگ ۽ سرڪشيءَ جو هڪ واقعو هن ريت بيان ڪيو ويو آهي. ڌاريجن هڪ مرحلي تي قلعي ۾ گهڙي سلطان محمود کي قابو ڪري مارڻ جو فيصلو ڪيو، مگر رٿا ظاهر ٿيڻ ڪري ناڪام رهيا. تڏهن مير فاضل ستيتاليھہ ڌاريجا سردار گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي آيو. ستاويهن کي موقعي تي سزا ڪرايائين. باقي بچيلن جو معاملو شاھہ بيگ جي آڏو پيش ڪيو ويو. قاضي قادن جي مشوري تي انهن کي رات جو قتل ڪري، بکر جي قلعي کان درياھہ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. اهو برج جتان کين درياھہ ۾ اڇليو ويو، سو پوءِ ‘خوني برج’ جي نالي سان مشھور ٿي ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 161- 162)
شاھہ بيگ ارغون هڪ سال بکر ۾ رهيو. قلعي جي نئين سر اڏاوت لاءِ، قديم اروڙ جي قلعي کي ڊهرائي، اتان سرون ڪڍڻ جو حڪم ڏنائين. ان ڪري اروڙ جي مقامي ماڻهن کي گهڻي تڪليف آئي. بکر جو نئون قلعو تعمير ٿيو تہ مختلف جايون پنهنجن خاص ماڻهن ۾ تقسيم ڪري، اصل مالڪن کي ڪوٽ مان نڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ان دور ۾ کيس بلوچي ڳوٺن ۾ بغاوت جا اطلاع مليا. تڏهن حملو ڪري ٻائيتاليھہ ڳوٺ ويران ڪري بي شمار ماڻهو قتل ڪرايائين. ان وقت بابر قنڌار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هو. آخرڪار ارغونن شوال 928ھہ/ سيپٽمبر 1522ع ۾، قنڌار جو قبضو بابر کي ڏنو. بابر ڪابل ۽ قنڌار حاصل ڪرڻ کانپوءِ، مرڪزي ايشيا سان واسطا ختم ڪري، هندستان تي حملي جي تياري شروع ڪري ڏني. تڏهن شاھہ بيگ ارغون اميرن کي چيو ته، بابر هندستان وٺڻ کان پوءِ اسان کان سنڌ جو ملڪ بہ ڦري وٺندو. ان ڪري بهتر آهي تہ پاڻ متبادل طور گجرات ملڪ کي فتح ڪريون، تہ جيئن ڏکي گهڙي اچڻ وقت سنڌ کي ڇڏي اتي (گجرات) هلي پناھہ وٺون. نيٺ گجرات جي مھم جي تياري ڪري نڪتا. بکر ڇڏي اڳتي وڌيا تہ مير فاضل بيمار ٿي پيو. کيس بکر وڃڻ جي اجازت ملي، پر تمام جلد سندس موت جو اطلاع آيو. شاھہ بيگ بکر واپس پهچي سلطان محمود سان عذرخواهي ڪئي. ان بعد بکر کان گجرات جي فتح لاءِ نڪتو. رستي ۾ هئا تہ پڪو اطلاع مليو تہ بابر بادشاھہ، هندستان جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. شاھہ بيگ بکر کان ايندي منزلون ڪندو، هڪ موقعي تي اچي ‘اگهم ڪوٽ’ جي ڀرسان ديرو ڪيو. رات جي وقت کيس ڇاتيءَ ۾ تڪليف ٿي، جنهنڪري هو اچانڪ فوت ٿي ويو. مير معصوم موجب هو 22 شعبان سن 928ھہ/ 27 جولاءِ 1522ع ۾ فوت ٿيو ۽ ‘شھر شعبان’ شاھہ بيگ جي وفات جي تاريخ آهي (معصومي، سنڌي، ص 167). جڏهن تہ نئين تحقيق موجب هي واقعو 22 شعبان 930ھہ/ 26 جون 1524ع ۾ ٿي گذريو (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 490). تعزيتي رسمن کانپوءِ شاھہ بيگ جو لاش بکر موڪليو ويو، جتي کيس امانت طور رکيو ويو. ٽن سالن کانپوءِ هن جو لاش ڪڍي صندوق ۾ وجهي، مڪي شريف کڻي وڃي هميشہ لاءِ دفن ڪيائون. شاھہ بيگ ارغون سنڌ کي فتح ڪيو تہ ان کي برو شگون سمجهندي، مير قانع واقعي کي ‘خرابي سند’ سان تعبير ڪيو. سندس دور اهل سنڌ لاءِ تڪليفن ۽ مصيبتن وارو گذريو. هزارن جي تعداد ۾ سنڌي ماڻهو قتل ۽ دربدر ٿيا. سنڌ جو ملڪ ٻن صدين لاءِ غلام ٿي ويو. البت مرڪزي ايشيا جي ٻين حاڪمن وانگر، شاھہ بيگ ارغون بہ علم پرور ۽ علم دوست بادشاھہ هو. هن جي درٻار عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان ڀريل هوندي هئي. خود بہ شعر چوندو هو. اهڙو احوال ڪتاب ‘روضة السلاطين’ ۾ ملي ٿو، جو سيد حسام الدين راشديءَ شايع ڪيو آهي.


لفظ شاھہ بيگ ارغونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1522.07.27  عيسوي

شاهه بيگ بکر کان ايندي منزلون ڪندو، هڪ موقعي تي اچي ‘اگهم ڪوٽ’ جي ڀرسان ديرو ڪيو. رات جي وقت کيس ڇاتيءَ ۾ تڪليف ٿي، جنهنڪري هو اچانڪ فوت ٿي ويو. مير معصوم موجب هو 22 شعبان سن 928هه/ 27 جولاءِ 1522ع ۾ فوت ٿيو ۽ ‘شهر شعبان’ شاهه بيگ جي وفات جي تاريخ آهي (معصومي، سنڌي، ص 167).



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳوانداس ميرچنداڻي
شيوڪرام عطارد ٺٽوي
پيرزادو عبدالمجيب
ٻڍل بيگ ميرزا
رجب علي سومرو
جانڻ چن
پرمانند ڏيپچند هندوجا
احمد خان ملڪاڻي
شعيب لاکيار عرف لاخيال بودلو مخدوم
خورشيد احمد شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون