
غريب اللغات

شاهه جو چونڊ شعر

نئين شرح لطيف

شاهه جو شان (ڪتاب)

لطيفي رهاڻ (ڪتاب)

الف بي وار شاهه جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي (ڪتاب)

مناجات شاهه (ڪتاب)

شاهه لطيف تي ببليوگرافي

ڪشف الابيات

Illustrated Verses of Shah Abdul Latif Bhittai

لغات لطيفي

شاهه لطيف جي شرح (فقيراڻي انداز ۾)

ببليوگرافي (شاهه تي لکيل ڪتابن جي)

Shah Abdul Lateef: Poet of Love and Humanity

روشني (شاهه جي رسالي جي لغت)

لطيفي انسائيڪلوپيڊيا

شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت (جلد پهريون)

شاهه جي رسالي جي سُڄاڻي (جلد پهريون)

شاهه جي رسالي جي سڄاڻي (جلد ٻيون)

ٻارڙن جو شاهه (ڪتاب)

شاهه لطيف جا بيت: تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (ڪتاب)
شاھہ جي لغت، سُرن جي شرح، سمجهاڻي ۽ ڏسڻيون:
غريب اللغات: سنڌ جي مشھور اديب ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جي تيار ڪيل شاھہ جي ٽن سُرن- سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر کنڀات تي مشتمل هيءَ ڪرائون سائيز جي لغت، سال 1925ع ۾ ڇپي.
شرح لطيفي (ڀاڱو: پهريون): هي ڪتاب محمد بخش ‘واصف’ جو لکيل آهي، جنهن ۾ شاھہ جي ڪيترن شعرن جي سمجهاڻي ‘وحدت الوجود’ ۽ ‘وحدت الشهود’ جي نظرين کي آڏو رکي ڏني وئي آهي. گڏوگڏ ڪيترن صوفين جا قول ۽ شعر بہ ڏنا ويا آهن. ان سان گڏ وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي فلسفن کي سمجهايو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ خود ليکڪ لکيو آهي. هي ڪتاب 88 صفحن تي مشتمل آهي. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، سيد حافظ محمد حيات شاھہ ‘حافظ’، جارج پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان، 1925ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 12 آنا آهي.
شاھہ جو چونڊ شعر (ڪتاب): ‘شاھہ جو رسالو’ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو املھہ ۽ اکٽ خزانو آهي. ان مان ڪجهہ عمدا بيت (شعر) چونڊي، نامياري اسڪالر ۽ اديب ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ ‘شاھہ جو چونڊ شعر’ نالي ڪتاب ترتيب ڏئي، ان ۾ ڏنا آهن. هن ڪتاب ۾ مختلف سرن مان بيت گڏ ڪري، 92 مختلف موضوعن تي شاھہ جي ويچارن ۽ اُمنگن جي جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. شاھہ جي زماني جي ٻوليءَ ۽ اُچارن کي ڌيان ۾ رکي، زبرون، زيرون پڻ ڏنيون ويون آهن.
ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو، ساهتيہ اڪاديمي، نئين دهليءَ، پهريون ڇاپو 1962ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 15 روپيا آهي.
نئين شرح لطيف (ڪتاب): هن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ رسول بخش ڏيرو آهي. هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ٻن سُرن يعني سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ جي تشريح تي مشتمل آهي. ابتدا ۾ سر ڪلياڻ جي ٽن فصلن (داستانن) ۾ موجود 86 بيتن ۽ 5 واين مان
هر هڪ بيت ۽ وائيءَ جي تفصيلي شرح ڪئي وئي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سُر يمن ڪلياڻ ۾ موجود 43 بيتن ۽ ٻن واين جي بہ تفصيلي سمجهاڻي ڏنـي وئـي آهـي. ڪـتـاب جـي شــروعـات ۾ الـحـاج پـروفـيـسـر سـيـد غلام مصطفيٰ شاھہ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي، سيد محمد صالح شاھہ بخاري، مولانا در محمد ‘خاڪ’ ۽ مولوي در محمد پنهور جهڙن وڏن عالمن جا رايا پڻ موجود آهن. ڊيمي سائيز جي 250 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، لطيف پبليڪيشن دادوءَ، 1973ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 24 روپيا آهي.
شرح سُر يمن ڪلياڻ: هي ڪتاب ناليواري عالم، محقق ۽ لطيف شناس، رسول بخش ڏيري جو آهي، جنهن ۾ هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سر يمن ڪلياڻ جون بيتن سان گڏ سمجهاڻيون ڏنيون آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ بيتن جي معنيٰ سمجهائيندي قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون ڏيڻ سان گڏ بزرگن جا قول، مثال طور ۽ مشھور علمي ۽ ديني ڪتابن جا اقتباس حوالي طور ڪتب آندا آهن. هن ڪتاب ۾ پنھنجي پاران نوٽ قمر ميمڻ جو لکيل آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، لطيف پبليڪيشن فريدآباد، 1976ع ۾ ڇپيو هو. ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران 1995ع ۽ ڊسمبر 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب جي ٽئين ڇاپي جي قيمت 80 روپيا آهي.
شرح سُر ڪلياڻ (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سُر ڪلياڻ جي بيتن جي سمجهاڻين تي مشتمل هي ڪتاب نامور اديب رسول بخش ڏيري جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ بيتن جي معنيٰ سمجهائيندي قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون پڻ ڏنيون آهن. ان کانسواءِ بزرگن جا قول مثال طور ڏنا آهن ۽ مشھور علمي ۽ ديني ڪتابن مان اقتباسات حوالي طور ڪتب آندا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ برک اديب ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو آهي. جڏهن تہ الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي، سيد صالح شاھہ بخاري، مولانا در محمد خاڪ، مولوي در محمد پنهور، ۽ اداري پاران قمر ميمڻ جا رايا شامل آهن. سُر ڪلياڻ ۾ شامل ٽنهي فصلن کي جدا جدا ورهائي، سمجهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، لطيف پبليڪيشن، فريدآباد 1976ع ۾ پڌرو ڪيو هو، جڏهن تہ ٻيو ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 1995ع ۾ آندو ۽ ٽيون ڇاپو ڊسمبر 2005ع ۾ شايع ٿيو. 389 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي ٽئين ڇاپي جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاھہ جو شان (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور اديب رسول بخش ڏيرو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف رُخن تي روشني وجهڻ سان گڏ سـُر مومل راڻي جي شرح پڻ لکي آهي. هن ڪتاب ۾ فقير امداد سرائي، محمد خان مجيدي ۽ غلام مصطفى مشتاق جا تعارفي رايا پڻ شامل آهن. 151 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي لطيف پبليڪيشن فريدآباد 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 10 روپيا آهي.
ٻاروچي ٻولي (جلد پهريون): شاھہ لطيف جي ڪلام جي لفظي معنيٰ کي سمجهڻ ۽ الف-ب جي ترتيب موجب ڪنهن بہ بيت، وائي يا ڪنهن بہ وچ واري سٽ کي ڳولڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون تحقيقي ڪم نامياري محقق ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي ’ڪمتر‘ نقويءَ ڪيو آهي، جنهن کي لطيف سائين جي ڪلام جي فهرست، ڪُنجي يا ڪليد (Concovdance) سڏي سگهجي ٿو. هن پهرئين جلد ۾ فقط ‘آ’ ۽ ‘الف’ تي مشتمل لفظ ڏنا ويا آهن. 433 صفحن جي ڊيمي سائيز کان ڪجهہ وڏي هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري، 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ سؤ رپيا آهي. [هن ‘ڪليد’ جا ٻيا قلمي ڀاڱا، ڪمتر نقويءَ جي پونيرن وٽ موجود آهن.]
لطيفي رهاڻ (ڪتاب): هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي امر ڪوتا (شاعريءَ) تي رهاڻ، نامياري ليکڪ موتيرام ايس. رامواڻيءَ جي قلم جو ڪارنامو آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ، شاھہ جي سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ تي آڌارت رهاڻ ۾ لکيو آهي ته، “شاھہ جي امر ڪوتا ۾، ويدانت، تصوف ۽ آتم واد جا راز ۽ ڳجهہ سمايل آهن. اُن ۾ روحانيت جون رمزون ۽ ڳجهہ ڳجهاندر ڳالهيون ڏيکاريل ۽ ٻڌايل آهن.” ڪتاب جو مهاڳ، شاھہ جي پارکو ۽ شارح پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، “موتيرام رامواڻيءَ .. پنهجي فھم ۽ ادراڪ موجب، شاھہ جي ڪلام جي وصفن کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي... سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ مان ڪي اهم مصراعون پيش ڪري، انهن ۾ سمايل روحاني معنيٰ کي بخوبي واضح ڪيو آهي. هن ابتدا سھڻي نموني ڪئي آهي، ڇو تہ ڀارت جي ڀڳتي مارڳ وارن سنتن جي مهما سان ئي، پنھنجي پستڪ (ڪتاب) جو آرنڀ (شروعات) ڪيو اٿس.” رامواڻيءَ، لطيفي رهاڻ کي شاھہ جي ٻن ابتدائي سُرن جي ڳوڙهي اڀياس ۽ سھڻي تفسير سان سينگاريو آهي. ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، شاردا پبليڪيشن بمبئي، 1988ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي.
الف بي وار شاھہ جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي الف ب وار ڏسڻيءَ موجب ترتيب ڏيندڙ برک ليکڪ ۽ اديب عبدالغفار گوهر دائودپوٽو آهي. شاھہ لطيف جي ڪلام کي الف ب وار ڪري پڙهندڙ لاءِ نهايت آساني ڪئي وئي آهي. بيت جي شروعات واري اکر سان ئي پڙهندڙ کي شاھہ سائينءَ جو ڪلام آسانيءَ سان ملي سگهي ٿو. هن رسالي ۾ شاھہ سائينءَ جي بيتن ۽ واين کي ڳولڻ لاءِ ساڍن تيرهن هزار اسمن، صفتن ۽ ظرفن جي ڏسڻي شامل آهي. شروعات ۾ پبلشر پاران نوٽ، اداري جي چيئرمئن نور احمد ميمڻ لکيو آهي. جڏهن تہ ‘مرتب پاران’ سري هيٺ مرتب جا ويچار ڏنا ويا آهن. هن رسالي ۾ بيتن کي الف ب وار ترتيب ۽ بيتن جي ڏسڻي، پوءِ واين جي الف ب وار ترتيب ۽ ڏسڻي ڏنل آهي. دائودپوٽي، شاھہ جو هيءُ الف. ب وار رسالو علامہ آءِ آءِ قاضي ۽ غلام محمد شاهواڻيءَ وارن رسالن تان ڀيٽي تيار ڪيو آهي، جنهن رسالي ۾ مرتب هر بيت جي هيٺان سر جو نالو ۽ صفحو پڻ ڏنو آهي. تحقيق ڪندڙن لاءِ هي ڏسڻيءَ تي مشتمل رسالو نهايت لاڀائتو آهي ۽ شاھہ لطيف جو هي پهريون الف ب وار مڪمل رسالو آهي. 411 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ، پهريون ڇاپو 1994ع، ٻيو ڇاپو 2001 ۽ ٽيون ڇاپو 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ٽئين ڇاپي جي قيمت 250 روپيا آهي.
مناجات شاھہ (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ ڪلام تي مشتمل هيءُ ڪتاب فتح چند منگترام جو ورهاڱي کان اڳ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ شاھہ سائينءَ جي ﷲ پاڪ جي شان ۾ چيل مناجاتن ۽ انهن جي سمجهاڻي ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ لکيو آهي، جڏهن تہ ٻئي ڇاپي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ ۽ پبلشر گل شير بلوچ جو نوٽ پڻ شامل آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ شاھہ سائينءَ جي بيتن جي سمجهاڻي نهايت ئي سلوڻي نموني ڏني آهي. جيئن پڙهندڙن کي ڪا ڏکيائي نہ ٿئي. ان کان سواءِ هر بيت جي هيٺان ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏنل آهي. 72 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتابڙي جي قيمت 15 روپيا آهي، جنهن کي گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، ٻيو ڀيرو 1994ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
ڪشف الابيات: هي ناياب تصنيف، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي آهي، جيڪا شاھہ صاحب جي بيتن ۽ واين جي ڏسڻيءَ تي مشتمل آهي. ’ڪشف الابيات‘ شاھہ جي بيتن جي ڏسڻي ۽ اهڙي ڪنجي آهي، جنهن جي مدد سان شاھہ صاحب جي يارهن رسالن مان گهربل بيت آسانيءَ سان ڳولي سگهجن ٿا، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو رسالو (1866ع)، (2) قاضي محمد ابراهيم وارو رسالو (بمبئي ڇاپو: 1867ع)، (3) سرڪاري ڇاپي وارو رسالو (1900ع)، (4) مرزا قليچ بيگ وارو رسالو (1913ع)، (5) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ وارو رسالو (ٽي جلد: 1923، 1924 ۽ 1931ع)، (6) غلام محمد شاهواڻيءَ وارو رسالو (1950ع)، (7) محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو (1951ع)، (8) صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ وارو رسالو (1951ع)،
(9) علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ وارو رسالو (1951ع)، (10) پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو رسالو (1958ع) ۽ (11) علامہ آءِ. آءِ قاضيءَ وارو رسالو (1961ع).
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، هن ڏسڻيءَ (Index) لاءِ هڪ چارٽ ٺاهي، اُن ۾ هر بيت جي پهرين سٽ رکي، سامهون ڏنل خانن ۾ انهن يارهن ئي رسالن جي مقرر جاين ۾ انهن رسالن جا صفحا نمبر ڏنا آهن، جتي اهو مخصوص بيت ڳوليندڙ کي آسانيءَ سان ملي سگهندو. ڊاڪٽر صاحب جي ڏسڻيءَ جي چارٽ ۾ ’سر‘ جي نالي ڏيڻ جو اضافو شاھہ لطيف چيئر جي ايڊوائزري ڪائونسل ڪيو آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان 400 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 1995ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.
شاھہ لطيف تي ببليوگرافي: هن شاهڪار ڪتاب جي سهيڙيندڙ ڊاڪٽر دُر شهوار سيد آهي ۽ ان ڪم ۾ سندس مددگار آزاد قاضي، ڪرشن لال ويراڳي ۽ محمد خان شيخ آهن. هن ڪتاب ۾ مقدمي کانپوءِ مرتب ڪندڙ، ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهايو آهي: پهرئين باب ۾ شاھہ جي رسالي جي قلمي نسخن جي ببليوگرافي، ٻئي باب ۾ شاھہ جي ڇپيل رسالن جي ببليوگرافي، ٽئين باب ۾ منتخب رسالن ۽ چونڊ ڪلام بابت ببليوگرافي، چوٿين باب ۾ شاھہ لطيف تي لکيل ڪتابن جي ببليوگرافي، پنجين باب ۾ شاھہ لطيف تي شايع ٿيل مضمونن جي ببليوگرافي، ڇهين باب ۾ شاھہ بابت اردو ڪتابن ۽ رسالن جي ببليوگرافي، ستين باب ۾ شاھہ لطيف بابت عربي، فارسي، هندي، پنجابي، جرمني ۽ بريل ۾ ڇپيل ڪتابن جي ببليوگرافي ۽ اٺين باب ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جي ببليوگرافي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ‘اداري پاران’ ۽ مقدمو، ٻئي ڊاڪٽر در شهوار سيد جا لکيل آهي. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 488 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 1996ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
Illustrated Verses of Shah Abdul Latif Bhittai: هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف آرٽ گيلريءَ حيدرآباد طرفان ڇپيل آهي، جيڪو علي اڪبر سومري جي شاھہ جي بيتن تي مصوريءَ تي مشتمل آهي، تصويرن جو تعداد 82 آهي، جيڪي سڀ رنگين ڏنيون ويون آهن. هر صفحي جي هيٺيان شاھہ جو شعر ڏئي، ان جي تشريح مصوريءَ جي زبان ۾ ڪئي وئي آهي. جڏهن سڀني بيتن جي ايڊيٽنگ ۽ ڪن بيتن جو ترجمو سيد قلندر شاھہ لڪياريءَ ڪيو آهي. هن وڏي سائيز جي ڪتاب ۾ ڪل 92 صفحا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ (Preface) علي اڪبر سومري ۽ تعارف پروفيسر قلندر شاھہ لڪياري ۽ مهتاب اڪبر راشدي لکيو آهي. ڪتاب آرٽ تي ڇپيل آهي. هي ڪتاب شاھہ لطيف گيلريءَ طرفان 1996ع ۾ ڇپيو ويو. هن جي قيمت 1500 روپيا رکي وئي آهي.
لغات لطيفي: هيءَ لغت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ ڪتب آندل ڏکين لفظن جي آهي، جنهن کي سنڌ جي نامور عالم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ تصنيف ڪيو. مرزا صاحب 1913ع ۾ شاھہ جي رسالي جو هڪ جامع نسخو تيار ڪيو ۽ هن انهيءَ رسالي کي آڏو رکي، ان جي هر هڪ سر ۾ استعمال ٿيل ڏکين لفظن جي معنيٰ ’سر وار‘ لکي، پهريون ڀيرو سال 1914ع ۾ ڇپرائي تہ جيئن رسالي جي پڙهندڙن کي آساني ٿئي. 1967ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مرزا قليچ بيگ جي رسالي جي لغت واري حصي کي الڳ ڪري ’لغات لطيفي‘ جي نالي سان شايع ڪرايو. ٻيو ڀيرو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ’لغات لطيفي‘ 1994ع ۾ شايع ڪرائي. هيءَ لغت سُر وار هئي، جنهنڪري اکرن ڳولڻ ۾ دقت ٿيندي هئي. انهيءَ ڳالھہ کي مدنظر رکندي سيد علي رضا شاھہ بخاريءَ، انهي لغات کي الف - ب وار ترتيب ڏئي پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻي آساني ڪري ڇڏي آهي. اهڙيءَ ريت هن لغت جو هي ٽيون ڇاپو، ڊبل ڪرائون سائيز ۾، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 1998ع ۾ شايع ڪرايو. 318 صفحن تي مشتمل هن لغت جي قيمت 200 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جي شرح (فقيراڻي انداز ۾): شاھہ جي رسالي جي پنجن سُرن [سر ڪاموڏ، سر ڪيڏاري، سر کنڀات، سر سريراڳ ۽ سر سامونڊيءَ] تي مشتمل هيءَ ‘شاھہ لطيف جي شرح’،
فـقيـر يـار مـحمـد پيـرزادي، ٻلهـڙيجـيءَ واري جي فقيراڻي انداز ۾ ڪيل آهي.
فقير صاحب، ڪتاب جي ارپنا پنھنجي ناني لعل بخش شيخ جي نالي ڪئي آهي. سنڌي ادبي اڪيڊميءَ جي ستار پيرزادي، ‘مون سي ڏٺا ماءِ’ جي عنوان سان فقير يار محمد جو تعارف ڪرايو آهي، جڏهن ‘خيالِ فقير’ جي عنوان سان فقير يار محمد پيرزادي، پنھنجي خيالن ۽ ڪتاب جو تعارف ڪرايو آهي.
هن ڪتاب ۾ فقير يار محمد، سر ڪاموڏ، سر ڪيڏاري، سر کنڀات، سر سريراڳ ۽ سر سامونڊيءَ جي فقيراڻي شرح پيش ڪئي آهي.
ڪرائون سائيز جي 215 صفحن جو هي ڪتاب، سنڌي اڪيڊمي ڪراچيءَ، جون 1999ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ اُن جي قيمت 80 روپيا آهي.
ببليوگرافي (شاھہ تي لکيل ڪتابن جي): هي ڪتاب نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ هن شاھہ جي رسالن (قلمي توڙي ڇاپي نسخن)، لغات ۽ رسالي جي ٻوليءَ، شاھہ جي سوانح، فڪر ۽ ڪلام تي سنڌيءَ ڪتابن سان گڏ پنجابي، اردو، عربي، فارسي، براهوي ڪتاب ۽ مقالا، گڏوگڏ مختلف رسالن، مخزنن، خاص نمبرن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مقالن جون فهرستون پڻ شامل ڪيون آهن. شاھہ لطيف تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هيءَ ببليوگرافي انتهائي ڪارگر آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، 2000ع ۾ ڇپايو، جيڪو 120 صفحن تي مشتمل آهي.
شاھہ جو رسالو (ڏکين لفظن جي معنيٰ، الف- ب وار): هن رسالي ۾ شاھہ جي رسالي جي ٽن سُرن جي ڏکين لفظن جي معنيٰ سُر وار ترتيب ڏني وئي آهي. 410 صفحن جي هن پاڪيٽ سائيز لغت جو مرتب محترم غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ آهي. هيءَ لغت مهراڻ اڪيڊميءَ 2000ع ۾ شايع ڪئي آهي، جنهن جي قيمت 90 روپيا آهي.
Shah Abdul Lateef: Poet of Love and Humanity: هي ڪتاب اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري ڪلچر، عاشق حسين ميمڻ جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ جي ٽن سُرن مان چونڊ سنڌي بيت ۽ انهن جو پنجابي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزي زبان ۾ منظوم ترجمو ڏنو ويو آهي. هن ۾ اردو ترجمو شيخ اياز جو، پنجابي ترجمو ڪرتار سنگهہ عرش جو، فارسي ترجمو نياز همايونيءَ جو، عربي ترجمو فضل رحيم سومري جو ۽ انگريزي ترجمو ايلسا قاضيءَ جو ڏنو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي آغا سليم جي اردو ترجمي، شڪيل احمد طاهريءَ جي پنجابي ترجمي، غلام مصطفيٰ دادويءَ جي عربي ترجمي، آمنہ خميساڻيءَ،
ايم يعقوب آغا، عبدالغفور الستي ۽ ايڇ. ٽي. سورلي جي انگريزي ترجمن مان بہ استفادو ڪيو ويو آهي. ڪتاب سن 2002ع ۾ شايع ٿيو. 86 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.
روشني (شاھہ جي رسالي جي لغت): شاھہ لطيف جي ڪلام جي هيءَ مڪمل لغت ’روشني‘، نامياري محقق، عالم ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي گهڻ رخي تحقيق جو نتيجو آهي، جنهن ۾ رسالي جي گهڻي کان گهڻي لفظي ذخيري کي ترتيب ڏئي معنيٰ سان پيش ڪيو ويو آهي. آسانيءَ خاطر جتي جتي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي، اتي معنيٰ جي آڏو ڏنگين ۾ وڌيڪ وضاحت سان سمجهايو ويو آهي تہ ٻئي طرف شاھہ جي بيتن توڙي واين جون مختلف سٽون پڻ سولائيءَ خاطر ڏنيون ويون آهن. هي لفظي ذخيرو، لغت نويسيءَ جي اصولن ۽ قاعدن مطابق سهيڙيو ويو آهي. رسالي ۾ موجود قرآن شريف جي آيتن، حديثن توڙي فقرن ۽ اصطلاحن کي بہ ڏنو ويو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن لغت متعلق لکي ٿو، “شاھہ جي بيتن ۽ واين واري ٻولي درسي يا ڪتابي ڪانهي. اها شاھہ جي دَور واري عام فھم اصطلاحي ٻولي آهي؛ انهيءَ ڪري هن لغت ۾ لفظن، اصطلاحن، فقرن يا سِٽن جي معنيٰ اشتقاقي مفهوم بدران بيتن ۽ واين ۾ سمايل، انهن جي اصطلاحي مفهوم مطابق ڏني وئي آهي ۽ پڻ جيئري جاڳندي سنڌي ٻوليءَ جا مثال ڏنا ويا آهن تہ جيئن معنيٰ پوريءَ تصديق سان معلوم ٿي وڃي. جيئن تہ اُها معنيٰ وڏي ويچار سان پر، اختصار سان ڏني وئي آهي، انهيءَ ڪري ان جو مطلب پوريءَ طرح تڏهن سمجهہ ۾ ايندو، جڏهن ڏنل معنيٰ کي بيت يا وائيءَ جي متن سان ملائي پڙهيو ويندو.”
هن لغت ۾ جتي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي، اتي آڏو ڏنگين ۾ وڌيڪ وضاحت ڪئي وئي آهي. شاھہ جي رسالي جي هيءَ مڪمل لغت، ڊبل ڪرائون سائيز جي 557 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، سال 2002ع ۾ شايع ڪئي آهي. ان جي قيمت 500 روپيا آهي.
لطيفي انسائيڪلوپيڊيا: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي انسائيڪلوپيڊيا جو ليکڪ نامور محقق، اديب ڊاڪٽر بدر ڌامراهو آهي. هن ڪتاب کي ٻارهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) شاھہ جي شاعريءَ ۾ وڻ ٽن، ميوا ۽ اناج، (2) شاھہ جي شاعريءَ ۾ پکي پکڻ، (3) شاھہ جي شاعريءَ ۾ چوپايا جانور، (4) شاھہ جي شاعريءَ ۾ جيت جڻيا ۽ بلائون، (5) شاھہ جي رسالي ۾ ﷲ پاڪ ۽ ان جي پيغمبرن ۽ پنجتن پاڪ جو ذڪر، (6) شاھہ جي شاعريءَ ۾ سورما ۽ سورميون، (7) شاھہ جي رسالي ۾ پورهيت، (8) شاھہ جي شاعريءَ ۾ ذاتيون، (9) شاھہ جي رسالي ۾ جوڳي فقير، (10) شاھہ جي رسالي ۾ هٿيار، (11) شاھہ جي شاعريءَ ۾ ماڳ، مڪان، ڍنڍون، ڍورا ۽ درياءَ، (12) شاھہ جي شاعريءَ ۾ رنگن جو استعمال.
لطيفي انسائيڪلوپيڊيا ۾ هر عنوان جو تعارف ۽ ان جي مناسبت سان شاھہ سائينءَ جو بيت شامل ڪيو ويو آهي. بيتن جون پڙهڻيون اڪثر غلام محمد شاهواڻيءَ واري رسالي جون رکيون ويون آهن. جتي ڪنهن ٻئي نسخي مان ڪو بيت کنيو ويو آهي تہ ان جو حوالو ڏنو ويو آهي.
لطيف شناسن ۽ محققن لاءِ هيءُ ڪتاب نهايت ئي ڪارائتو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ ليکڪ خود لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي نامور محقق ۽ اديب ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو رايو ڏنل آهي. 242 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي، روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاھہ جي رسالي جي موضوعاتي لغت (جلد پهريون): محقق الهرکيي ٻُٽ ۽ سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي ترتيب ڏنل هن موضوعاتي لغت ۾ شاھہ جي رسالي ۾ ذڪر ٿيل هٿ جي هنرن جون معنائون ۽ مختصر سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ان سان گڏ اهو لفظ رسالي جي جنهن بہ بيت ۾ آيل آهي، ان جو نمبر، سُر ۽ داستان بہ ڄاڻايو ويو آهي. هن لغت ۾ هيٺيان عنوان موجود آهن: آهڙيو/ جانڊاهي، اڏيار، اُن ۽ ڏاس ڪتيندڙ، اوڏ، ڀرت ڀريندڙ، تحرير/ ڪتابت ڪندڙ ڪاتب، ٺاٺارو، پترائي/ پکار، پڃارو/ ڪپھہ پڃڻ ۽ ڀرڻ وارو، پوت/ پوڄ ڪندڙ ۽ پٽ جو ڪم ڪندڙ پاٽولي، جوهري ۽ وينجهار، چترڪار ۽ بت ٺاهيندڙ، رازو، رنگريز/ نيروٽي، سوچي ۽ موچي، سونارو، ڪچ ڪوڏ جا ڳھہ ٺاهيندڙ، ڪلاڪار، ڪنڀار، ڪلال، ڪوري، لوهار/ آڳڙيو، واڍو/ ڊکڻ ۽ واڻ وٽيندڙ.
هيءَ لغت جملي تيرهن جلدن ۾ مڪمل ٿيڻي آهي، جنهن جي هن پهرئين جلد ۾ رسالي ۾ موجود هٿ جا هنر ڏنا ويا آهن. ٻئي جلد ۾ ڪِرتون، ڌنڌا، ٽئين جلد ۾ انساني حقن جي اُپٽار، چوٿين جلد ۾ ٻولي، اُچار، گرامر ۽ گهاڙيٽا، پنجين جلد ۾ سائنس تي مواد، ڇهين جلد ۾ اخلاقيات، نفسيات ۽ منطق بابت مواد، ستين جلد ۾ مذهبن تي مواد، اٺين جلد ۾ سنڌ جي ريتن، رسمن، رواجن ۽ سوڻن ساٺن جو مواد، نائين جلد ۾ ماڳ، مڪان، ڏهين ۾ تاريخي اُهڃاڻ، يارهين جلد ۾ سوانحي ڪردار، نالا، ذاتيون يا قبيلا، ٻارهين ۾ آبهوا ۽ موسم ۽ هن لغت جي تيرهين جلد ۾ سمورن جلدن جو رهيل مواد متفرقه طور شامل ٿيڻو آهي.
هي ڪتاب ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي. شاھہ جي رسالي جي هن موضوعاتي لغت جو مهاڳ نامياري محقق، عالم ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي، جڏهن تہ ‘اداري پاران’ نوٽ پروفيسر سليم ميمڻ لکيو آهي. 347 صفحن جي ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، نومبر 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.
شاھہ جي رسالي جي سُڄاڻي (جلد پهريون): شاھہ جي رسالي جي هيءَ شرح ۽ لغت، نامياري عالم ۽ لطيف شناس، محمد حسين ڪاشف جي تحقيق ۽ تحرير آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ صاحب جي رسالي جي چئن سرن: سر ڪلياڻ، سر يمن، سر کنڀات ۽ سر بروي جي تفصيلي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ ’پنھنجي پاران‘ عنوان هيٺ ٻہ اکر ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ جي ان وقت جي سيڪريٽري ثقافت، شمس جعفراڻيءَ جا لکيل آهن ۽ مقدمو محمد حسين ڪاشف خود جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ هر هڪ سر کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ سر جي تفصيلي معلومات، ٻئي حصي ۾ سر ۾ استعمال ٿيل اسمن جي معلومات ۽ ٽئين حصي ۾ هڪ بيت جي ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ بيت جي تفصيلي تشريح ڏنل آهي. هي تشريحي سُڄاڻي خاص ڪري نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن لاءِ وڏي ڪارآمد آهي.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 637 صفحن تي مشتمل هيءَ تشريحي ڏسڻي، ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ 2010ع ۾ شايع ڪئي آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.
شاھہ جي رسالي جي سڄاڻي (جلد ٻيون): هي شاھہ جي رسالي جي شرح ۽ لغت جو ٻيو حصو آهي، جيڪو نامياري محقق ۽ لطيف شناس محمد حسين ڪاشف جو لکيل آهي. هن ٻئي جلد ۾ شاھہ جي پنجن سرن: سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر گهاتو، سر کاهوڙي ۽ سر ڪاپائتيءَ کي تفصيلي شرح سان پيش ڪيو ويو آهي. پبلشر پاران نوٽ ۽ عرض حال کانپوءِ، سُرن جو تفصيل هن ريت آهي. سر سريراڳ جو تعارف، ان ۾ موجود اسمن جي تفصيلي معلومات، چئن داستانن جي تفصيلي شرح ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ، سر سامونڊيءَ جو تعارف، ان ۾ موجود اسمن جي تفصيلي معلومات، سر سامونڊيءَ جي ٻن داستانن جي تفصيلي شرح ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ، سر گهاتوءَ جو تعارف، ان ۾ موجود اسمن جي تفصيلي معلومات، سر گهاتوءَ جي تفصيلي شرح ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ، سر کاهوڙي ۽ سر ڪاپائتيءَ جي بہ اهڙيءَ طرح شرح ڏني وئي آهي. شاھہ جي رسالي جي هيءَ تفصيلي ڏسڻي، ثقافت کاتي طرفان 2011ع ۾ شايع ٿي چڪي آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.
شرح سُر آسا ۽ سر مومل راڻو (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري عالم، محقق ۽ لطيف سائينءَ جي پارکو رسول بخش ڏيري جو آهي، جنهن ۾ هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ٻن سرن: سر آسا ۽ سر مومل راڻي جون سمجهاڻيون ڏنيون آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ بيتن جي معنيٰ سمجهائيندي قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون پڻ ڏنيون آهن. ان کان سواءِ بيتن جي سمجهاڻين ۽ آسانيءَ لاءِ بزرگن جا قول مثال طور ڏنا آهن ۽ مشھور علمي ۽ ديني ڪتابن جا اقتباس حوالي طور ڪتب آندا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ اديب ۽ شاعر جوهر بروهيءَ لکيو آهي. ان کان سواءِ ڪتاب ۾ نامور محققق ۽ اديب، پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي ۽ پبلشر قمر ميمڻ جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سر آسا ۽ ٻئي ڀاڱي ۾
سر مومل راڻو ڏنو ويو آهي. 540 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، نومبر 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.
ٻارڙن جو شاھہ (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ بيتن ۽ ان جي سمجهاڻين تي مشتمل هن ڪتاب کي نوجوان اديب راز شاهاڻيءَ ترتيب ڏنو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ‘گل ڦل’ ۾ ڇپيل شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪجهہ بيتن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ هر بيت سان گڏ سمجهاڻي، ڏکين لفظن جي معنيٰ سان گڏوگڏ اسڪيچ پڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل اسڪيچ نامور مصور مراد علي شاھہ بڪيرائيءَ جا ٺهيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب نصير مرزا لکيو آهي، جڏهن تہ ‘پبلشر نوٽ’ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري الھڏتي وگهيي ۽ ‘ٻہ اکر’ جي سري سان راز شاهاڻيءَ جا رايا ڏنل آهن. ڊبل ڪرائون سائيز جي 143 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري 2014ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 175 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جا بيت: تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (ڪتاب): هي ڪتاب پروفيسر غلام رسول اڪرم سومري جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن شاھہ لطيف جي گنج ۽ ٻين ڇاپي رسالن مان چونڊ سرن جي ڪلام جي پڙهڻيءَ تي تحقيق ڪري، تصحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ليکڪ موجب انهيءَ ڪتاب ۾ گذريل ٽن صدين دوران راوي فقيرن، ڪاتبن، ترجمي نگارن ۽ مرتبن سميت محقق حضرات جي اڻڄاڻائي ۽ بي ڌيانيءَ سبب ڀٽائي صاحب جو گهڻو ڪلام پڙهڻين جي حوالي سان متنازعه رهيو آهي، جنهن جي تصحيح ڪندي ان جو پهريون جلد پيش ڪندي، هن نقادن کي تنقيد جي دعوت پڻ ڏني آهي.
هن مجموعي ۾ مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ، ٻانهي خان شيخ ۽ عثمان علي انصاريءَ جي مرتب ڪيل رسالن تي دليلن سان تنقيد پيش ڪئي آهي ۽ شاھہ جي رسالي جي 25 سُرن جي چونڊ بيتن جون نيون پڙهڻيون بيان ڪيون آهن. ڊيمي سائيز جي 511 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب تنظيم فڪر و نظر سکر، 2014ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.