شاهه نصيرالدين ۽ ميين شاهه عنات جي چوکنڊي

شاهه نصيرالدين ۽ ميين شاهه عنات جي چوکنڊي

ٽنڊي الهيار ڀرسان ميين شاهه عنات جي مزار

ٽنڊي الهيار ڀرسان ميين شاهه عنات جي مزار

ميين شاهه عنات جي مزار جو منظر

ميين شاهه عنات جي مزار جو منظر

ميين شاهه عنات جو ڪلام قلمي نسخي جي صفحي جو عڪس

ميين شاهه عنات جو ڪلام قلمي نسخي جي صفحي جو عڪس

ميين شاهه عنات جو ڪلام

ميين شاهه عنات جو ڪلام

شاھہ عنات رضوي ميون

شاھہ عنات رضوي ميون: ميون شاھہ عنات رضوي، ڪلهوڙن جي اوائلي دور جو بلند پايي جو شاعر ۽ درويش ٿي گذريو آهي. هو نصرپور ۾ رهندڙ ’رضوي‘ ساداتن جي هڪ برک ۽ بيٺل قبيلي جو فرد هو، ۽ هڪ وڏي اهل عيال وارو هو. ڪافي وڏي عمر پاتائين ۽ پنھنجي اولاد توڙي معتقدن ۽ مريدن جي تربيت ڪيائين. سنڌ جي خصوصاً لاڙ ۽ ٿرپارڪر وارن ڀاڱن [ موجودہ حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن] سان سندس گهڻو واسطو رهيو ۽ عام توڙي خاص ماڻهو، سندس برگزيده شخصيت ۽ دلپذير بيتن/ شاعريءَ کان گهڻي قدر متاثر ٿيا. اُن کان سواءِ وقت جي ڪلهوڙن حڪمرانن، سندن نائبن توڙي وقت جي بيٺل ماڻهن وٽ پڻ هن درويش شاعر جي وڏي عزت هئي. سندس مشھور نانءَ نالي سببان سندس اولاد، وڏن جي موروثي نالي ’رضويءَ‘ جي بدران سندس ذاتي نالي پويان ’شاھہ پوٽا‘ سڏجڻ لڳو، جن ۾ پڻ ڪيترا شاعر، درويش، نيڪ مرد، عالم ۽ بااثر زميندار پيدا ٿيا.
شاھہ عنات رضويءَ جي درويشي ۽ شاعريءَ جون روايتون خاندان ۽ مريدن تائين محدود رهيون هيون، البت عوام ۾ ’شاھہ عنات ۽ شاھہ ڀٽائيءَ‘ جي چيل هم خيال بيتن جون مقالون مشھور هيون، اُن ڪري سنڌ، ’شاھہ عنات‘ جي نالي کان واقف هئي، پر سنڌيءَ جي هن عظيم الشان آڳاٽي شاعر جو اڄ سوڌو ڪو جوڳو قدر نہ ٿيو آهي.
سنڌ جو نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون عالم هو، جنهن سڀ کان اڳ هن جليل القدر شاعر جي ڪلام کي وڏيءَ محنت سان سهيڙي، آڪٽوبر 1963ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران ’ميين شاھہ عنات جو ڪلام‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
سوانح حيات: ميين شاھہ عنات جو خاندان، سنڌ جي رضوي ساداتن سان تعلق رکي ٿو، جن ڇهين صدي هجريءَ ۾ اچي بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هتي ٻن ٽن صدين بعد اتان سندن هڪ شاخ لڏي اچي نصرپور کي وسايو، جنهن جي ’مبارڪ پوٽا‘ پاڙي مان شاھہ عنات پيدا ٿيو.
شاھہ عنات، سيد نصرالدين جو پٽ هو ۽ ٽن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر هو. سندس ولادت جو نالو ’سيد شاھہ عنايت ‘ هو، پر اڳتي هلي ’شاھہ عنات‘ جي نالي سان مشھور ٿيو، جيڪو نالو ’عنات‘ يا ’شاھہ عنات‘، شاعريءَ ۾ ڪتب آندائين، ۽ کيس عزت ۽ احترام مان ’ميون شاھہ عنات‘ سڏيو ويو.
شاھہ عنات جي ولادت بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اندازو آهي تہ سندس ولادت، 1035- 1030ھہ مطابق 1625- 1620ع ڌاري ٿي هوندي. هُو سندس تعليم ۽ تربيت بابت لکي ٿو ته، ”وقت جي دستور موجب شاھہ عنات جو مڪتب ۾ ويهڻ ۽ ابتدائي تعليم پرائڻ قرين قياس نظر اچي ٿو، پر غالباً مدرسي جي اعليٰ تعليم حاصل ڪانہ ڪيائين، پر نصرپور جي رضوي ساداتن ۾ فارسي تعليم عام هئي. شاھہ عنات ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو مس هو، جو غالباً سندس والد شاه نصرالدين وفات ڪئي، جنهنڪري شاھہ عنات جي تعليم تي اثر پيو.
(شاھہ نصرالدين ۽ ميين شاھہ عنات جي چوکنڊي)
پيءُ جي وفات کانپوءِ شاھہ عنات جي سنڀال وڏي ڀاءُ ميين احمد شاھہ ڪئي، پر خانداني روايتن مان گمان نڪري ٿو تہ ميون شاھہ عنات ننڍي هوندي قدري خود خيال ۽ رسمي پابندين کان آزاد هو. کيس راڳ ٻڌڻ جو شوق هو ۽ هو آزاديءَ سان عام ڪچهرين ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو هو. شروع ۾ وڏي ڀاءُ اُن ڳالھہ تان کيس منع ڪئي هئي، پر آخر بيوس ٿي پاڻ پليائين. شاھہ عنات جي مقامي لنگهن ۽ راڳين سان اچ وڃ هئي، جيڪا ڳالھہ سندس ڀاءُ ۽ عزيزن کي پسند ڪانہ هئي. هڪ ڀيري خادمن وڃي ميين احمد شاھہ کي ٻڌايو تہ شاھہ عنات لنگهن جي صحبت ۾ اُٿي ويهي ٿو ۽ ماڻهو پيا ٽوڪينِ تہ ”ناناڻا دَل اٿس!“ ميين احمد چيو ته، ”مون وٽ وٺي اچوس“. جڏهن شاھہ عنات کي وٺي آيا تہ ميين احمد ٽوڪَ مان کيس کيڪاريو تہ: ”اچو ميان شاھہ لنگها!“ شاھہ عنات ٺھہ پھہ وراڻيو تہ: ”اسين آهيون لنگها، اوهين ٿيندؤ کنگهيا.“
ميين احمد شاھہ پوءِ لنگهن کي تنبيھہ ڪئي تہ شاھہ عنات کي پاڻ وٽ اچڻ نہ ڏين. اُن بعد ساداتن ۾ ڪا شادي ٿي ۽ لنگهن پئي ڳايو، جو شاھہ عنات ٻين سيدن سان گڏ ويهڻ جي بدران وڃي لنگهن سان گڏ ويٺو، جن کيس جاءِ ڏئي، عزت سان ويهاريو. انهيءَ تي ميين احمد شاھہ رنج ٿي، لنگهن جي خلاف بيت چيو:
لنگهن کي لنگهڻ، هوندو ڏينهن قِيام سينءَ،
هڪ جا لالچ لُچن کي، ٻي طمع ترو تر،
ويندا منجهہ قبر، دانهون ڪندا دِل سين!
ساڳئي وقت شاھہ عنات کي پڻ تنبيھہ ڪيائين ۽ ٽوڪيائين. ڀريل مجلس ۾ موجود ’ڇڇرن‘ ۽ ’شاهوڪن‘ بہ شاھہ عنات تي ٽوڪ ڪئي ۽ کِليا. ڇڇرَ، شاھہ نصيرالدين جا ساهرا ۽ ميين احمد شاھہ جا ناناڻا هئا. [شاھہ نصيرالدين جي پهرين شادي عباس ڇڇر جي نياڻي، بيبي دوسيءَ سان ٿي هئي، جنهن مان ميون احمد شاھہ ۽ ٻيون نياڻيون ٿيون هيون.] شاھہ عنات بہ ڀريءَ مجلس ۾ مٿن بيت چيو:
ڇڇرَ ڇِتو راڄُ، رهي مٿي ساڱري،
نڪا ڀُڻڪ ڀُونگن ۾، نڪا پکن ۾ پچار،
ڇڇراڻا ٻارَ، پنندا وڃي پرديسَ ۾.
اهڙيءَ ريت، ‘شاهوڪ’ وري شاھہ نصير الدين جا خاصا مريد ۽ معتقد هئا. شاھہ عنات، سندن واسطي شاھہ نصيرالدين جي نِمُ کي مخاطب ٿي بيت چيو تہ:
نِمَ! ڪجئين نياءُ، اسان جو عنات چئي،
جهين توکي پوکيو، آهيان اُن جو وياءُ،
شاهوڪاڻي باهِه، وساڻي ورهين کي.
ان عرصي دوران شاھہ عنات عام بيتن واري شاعريءَ جي شروعات ڪئي ڏسجي ٿي.
غالباً جوانيءَ واري دور ۾ قدم رکندي، ميين شاھہ عنات پنھنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، وڏي ڀاءُ جي محتاجي نہ ڪڍي ۽ ذاتي طور ناتا وڌايا ۽ مريدي خادميءَ جو سلسلو ڌار قائم ڪيو. سندس ناناڻن [جيڪي دل ذات سان واسطو رکندا هئا] ۽ هاليپوٽن سندس هر طرح مدد ڪئي. اُنهن راڄن مان ئي ميين شاھہ عنات شاديون ڪيون. هن جوانيءَ ۾ هاليپوٽن مان [طالب هاليپوٽي جي نياڻي بيبي ڌڃاڻيءَ ۽ اسمار هاليپوٽي جي نياڻيءَ بيبي صحت سان] ٻہ شاديون ڪيون ۽ ٽين شادي هن ناناڻي پاڙي [ڳوٺ ‘رمضان دل’، ڊگهڙي]مان بيبي هميءَ سان ڪئي.
شاھہ عنات رضويءَ جي والد جي گادي ۽ پڳ سندس وڏي ڀاءُ ميين احمد شاھہ جي حوالي هئي، اُن ڪري شاھہ عنات کي پنھنجي جدا حويليءَ ۽ اوطاقن جو منڊل مچائڻو پيو.
ميين شاھہ عنات کي اوائلي جوانيءَ کان وٺي ڀلن وهٽن جو شوق هو، ڀلا گهوڙا ۽ گهوڙيون ڌاريائين، جن جو نسل سندس اولاد وٽ پيڙهي بہ پيڙهي هلندو آيو. گهوڙن ۽ گهوڙين سان گڏ ميين شاھہ عنات وٽ ٻيو مال، مينهون ۽ ڏاچيون بہ گهڻيون هيون.
ميين شاھہ عنات جوانيءَ واري دور ۾ شاديون ڪيون ۽ اولاد وارو ٿيو. پهرئين گهر مان کيس ٻہ پٽ ٿيا. ساڻن سندس بي انتها محبت هئي. شاھہ عنات جي آسپاس جي بيٺل ماڻهن، ڀاڳين ۽ راڄن سان ڏيٺ ويٺ وڌندي وئي ۽ موقعي بہ موقعي سندس چيل بيت عوام ۾ مشھور ٿيندا ويا. آخر جوانيءَ ۾، يا جوانيءَ جي موٽ بعد، ميين شاھہ عنات جي بزرگن ۽ درويشن سان ويجهڙائپ وڌندي وئي ۽ سندس چاهيندڙن ۽ مريدن جو حلقو بہ وسيع ٿيندو ويو. هن عرصي ۾ ميان شاھہ عنات جو گهڻو وقت درگاهن ۽ درويشن جي زيارتن ۽ مريدن سان صحبت ۽ مسافريءَ ۾ گذريو ۽ غالباً هن ئي دور ۾ ميين شاھہ عنات، بزرگن ۽ درويشن جي ساراھہ ۾ بيت چيا ۽ سندس حقيقي شاعري، هن عرصي ۾ ئي شروع ٿي. ان وقت سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جو زوال شروع ٿي چڪو هو ۽ ڪلهوڙن جي طاقت ميان نصير محمد جي اڳواڻيءَ هيٺ دادو- لاڙڪاڻي واري ڀاڱي ۾ اُسري هئي.
شاھہ عنات جي پنھنجي والد جي مسلڪ جي پيرويءَ ۾ ‘قادري طريقي’ جي مرشد شاھہ خيرالدين سان خاص عقيدت ۽ وڏن جي ‘سھروردي طريقي’ موجب غوث بھاءُ الدين زڪريا ۽ شيخ رڪن الدين سان محبت هئي. اُن ڪري سندن روضن جون زيارتون ڪيائين ۽ هِن موٽ جوانيءَ واري دَور جي آخر ۽ پيريءَ جي اوائلي دَور ۾، ملتان جي گاديءَ وارن ۽ ٻين بزرگن خصوصاً ڀاون شاھہ، محمد غوث، ضياءُ الدين ۽ محمد باقر سان پاڻ مليو ۽ ‘سرود ڌناسريءَ’ ۾ سندن عقيدت ۾ بيت چيائين:
روضي شاھہ رُڪن جي، ڏٺم رات رهي،
پيءُ، پُٽ، پوٽو پاڻ ۾، مٿي سيج سهي،
ڀلي ’ڀاون شاھہ‘ کي، پسيم پيرين پئي،
ڪوڙين جي ڪهي، اچن اُت عنات چئي.
-
ڪوٺئو قائم دين، ٿو اواٽا واٽ ڪري،
ٻيٽو ڀاون شاھہ جو، اصلائي امين،
جن جو جاءِ يقين، تن اوڏا پيرَ عنات چئي!
-
روضو شاھہ رُڪن جو، گوهر مٿس گل،
سماع جا سيد چئي، هاتڪ ڪرين هل.
-
غازي محمد غوث کي، اکيين لال مڻيان،
پرڏيهان پنڌ ڪري، اچن گهوٽ گهڻان،
ﷲ لڳ عنات چئي، تنھنجي واڳ وڻان،
کلئو خاڪ کڻان، روضي رُڪن شاھہ جي.
شيخ بھاءُ الدين عرف ڀاون شاھہ، ملتان جي بزرگن مان سورهون سجادہ نشين هو. شيخ ضياءُ الدين محمد ثاني، اوڻيهون سجادہ نشين هو. ميين شاھہ عنات جون اُنهن بزرگن سان معتقدانه ملاقاتون مختلف موقعن تي ٿيون. بهرحال سندس ملتان جا پنڌ پنهنجن اڳين بزرگن جي پيرويءَ مطابق هئا، جنهن جي سندس بيتن مان تصديق ٿئي ٿي.
مثلاً:
‘اڳين جو عنات چئي، آهي ايڏاهين گسُ’
-
‘اڳين جو عنات چئي، آهي پاڻ امين’.
سرود ڌناسريءَ’ ۾ بادشاھہ پير دستگير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي عقيدت ۾ پڻ شاھہ عنات جا بيت ملن ٿا:
پلؤ تنهنجو پير، سهجان وٺتم شيخ جي!
لڳاسون لغام سين، دلئان دستگير،
اوسيئڙو امير، ميران لاھہ مريد تان!
شاھہ خيرالدين جي درگاھہ تي ميون شاه عنات، جوانيءَ کان پيريءَ تائين ويندو رهندو هو ۽ کيس پنهنجو ‘ڪامل پير’ ۽ ‘استاد’ ڪري مڃيندو هو. اها ڳالھہ شاھہ عنات جي ساڻس ارادت جي ساک ڀري ٿي ۽ اهو سنڌ ۾ تصوف جي سلسلي ۾ هڪ نمايان ۽ اوائلي مثال آهي.
اُن کان سواءِ قلندر شهباز، مشائخ هوٿي، سيد علي شيرازي، شاھہ اويس قرني، شيخ ڪرهئي ڀانڊاري، شيخ ڀرئي، درس آري، حيدر شاھہ سنائي ۽ ٻين بزرگن سان پڻ شاھہ عنات جي عقيدتمندي هئي، جنهن جو جاءِ بجاءِ اظهار ڪيو اٿس.
اُن کان سواءِ غير مسلم طبقي وارن مان توحيد ڏانهن مائل فقيرن، جوڳين، ڪاپڙين، سنياسين ۽ سامين سان بہ سندس ذاتي صحبتون ٿيون. ان حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي تہ: “ميون شاھہ عنات غالباً پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن انهن فقيرن جي ڪن خاص فرقن، جھڙوڪ: سيتپوري، راميسري ۽ مهيسريءَ جا اهڃاڻ ڏنا آهن، گڏوگڏ ‘ويرناٿ’ ۽ ‘گرو گورکناٿ’ جا نالا بہ کنيا آهن:
جي ڀائين جوڳي ٿيان، تہ سک جوڳيڪي ڪار،
جي سکين ايءَ ڪار، تہ ‘ويرناٿ’ ويجهو ٿئين!
-
‘گورک’ گودڙين، آسڻ ويٺي آئيو!
-
‘سيتپُري’، ‘راميسري’، جن ڏٺو ڪرناٽڪ،
وِڌو اُن عنات چئي، فاني سين فرق...
-
پِنن ڪين پَٽ کڻي، گهُرن ڪينَ گهَرا،
‘مهيسري’ مخلوق جي، اُڀين دورِ درا ...
شاھہ عنات ڪلهوڙن حڪمرانن جو وڏو معترف هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي [جنهن شاھہ عنات جهوڪ واري کي شھيد ڪرايو هو] جي تعريف ۾ چيل سندس بيت هيٺ ڏجن ٿا:
سرئو نصير، چانڊڪي ۾ چنڊ ٿي،
ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير،
دمامي جي دؤنس سان، ڦري ٿيو فقير،
آهي هي عنات چئي، سندو سنڌ همير،
سي وئا هلي ڍاڍري، کڻي کيريتيون کير،
تن کي گڏيو نہ گس تي، نہ بدو نہ بزگير،
خاصي خدا آباد منجهہ، عطر ۽ عنبير،
جان جان ندي نير، تان طبل تنهنجو تجلو!
هي بيت ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وڏي حمايت ۽ تبليغ هو، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ چواڻي اهم تاريخي حيثيت رکي ٿو. ان وقت ڪاڇي [سيوهڻ کان وٺي ميهڙ تعلقي تائين جبل جي ڪنڌي ۽ دامن واري علائقي] تي ميان نصير محمد جو مڪمل قبضو ٿي چڪو هو ۽ لاڙڪاڻي طرف هن هڪ مقبول اڳواڻ ۽ حاڪم جي حيثيت ۾ شھرت حاصل ڪئي.
هن دور ۾ سنڌ جي سياست ۾ تبديلي اچي رهي هئي. دادو ۽ لاڙڪاڻي طرف ميان نصير محمد پوري طاقت سان اڳتي آيو، بلڪ هن ڪلهوڙن جي ايندڙ حڪومت جا بنياد مضبوط ڪيا. سنڌ ۾ سياسي نقطہ نگاھہ کان هي ميان نصير محمد جو دور هو ۽ شاعريءَ جي لحاظ کان شاھہ عنات جو ڪو همسر يا ثاني نہ هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي، 1103ھہ مطابق 1692ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ ميان دين محمد ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙو، ڪلهوڙن جي اُسرندڙ طاقت جا اڳواڻ بنيا.
سندن [دين محمد ۽ يار محمد ڪلهوڙي] جي اوج ۽ عروج بابت بہ ميين شاھہ عنات، دُعا جا بيت چيا هئا.
ڪڇ، انجارڻ، پارڪر، ڀُڄ ڊڄي ڀر ڊاءِ،
ڀيلي بندوقن سين، جڏ جارو جوڙينداءِ،
اوچتو عنات چئي، ڪُڏ ڀيلاڻي پونداءِ.
....
ڀيلاڻي ڀيلي، تُمن سڀ توريا،
آئي سنڌ سلام تي، ڪرنايو ٻيلي،
رءُ وانگي ريلي، اڃا ميلندا اميريءَ ڏي!
ڊاڪٽر بلوچ چواڻي، هن بيت ۾ ڄڻ واڌائي آهي تہ هو [ڪلهوڙا] اڃا ‘ميري’ [قلات] پڻ فتح ڪندا. ڊاڪٽر بلوچ جي هيٺئين بيت بابت راءِ آهي تہ جڏهن دهليءَ جو شھزادو محمد معزالدين سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ 1111ھہ/ 1699ع ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي کي نظربند ڪري وٺي ويو.... [تڏهن بہ] ميان يار محمد جنگ جاري رکي، تڏهن غالباً شاھہ عنات، يار محمد [ڪلهوڙي] جي باري ۾ هيٺيون دُعا جو بيت پڙهيو:
دعا ڪريئين ٿو دائما، هردم منجهہ هنيان،
مغل موٽي ويا، ايهي ڏس ڏيان،
ميريءَ منجهہ ميان، اڃا طبل وڄندا تنھنجا!
اهڙيءَ ريت، ميان يار محمد بابت، شاھہ عنات جو هيٺيون بيت بہ ملي ٿو، جنهن ۾ هن يار محمد ڪلهوڙي جي حمايت ۽ شاھہ عنايت جهوڪ واري جي مخالفت ٿيل آهي:
تون طُرو طريلن جو، تنھنجي خانيءَ کاڌا کڳ،
يار محمد يار خدا جا، وهلا! وارج وڳ،
جا ٺڳي ڪئي ٺڳ، سا لاهي آءُ (لک) لانگاھہ جي!
ميان يار محمد ڪلهوڙي، ٺٽي جي نواب اعظم جي لشڪر سان گڏ جهوڪ جي لانگاھہ بزرگ شاھہ عنايت صوفيءَ تي چڙهائي ڪئي، جو بالآخر شھيد ٿيو، جنهن جي تصديق شاھہ عنات جي پونير شاھہ بلال جي بيت مان ٿئي ٿي:
تو ونگو ونگو نائيو، ڪڇ، پارڪر، پٽ،
سوڍا سلامي ٿئا، ڍل ڀريندو ڍٽ،
چڙهي ڪيئه چٽ، جا هئي لِک لانگاھہ جي!
بلوچ صاحب تصديق ڪئي آهي ته، “لانگاھہ مان مراد شاھہ عنايت صوفي آهي.” ڊاڪٽر بلوچ موجب: ‘هي بيت تاريخي اهڃاڻ جي لحاظ سان نهايت اهم آهي... تاريخي تصديق موجب يار محمد ڪلهوڙي، ٺٽي جي نواب اعظم خان جي لشڪر سان گڏ جهوڪ جي لانگاھہ بزرگ، شاھہ عنايت صوفيءَ تي چڙهائي ڪئي، جو آخرڪار شھيد ٿيو.... صوفي شاھہ عنايت تي حملي جو بنيادي ڪارڻ سندس مغليه حڪومت سان مخالفت ۽ بغاوت هو.’
شهادت جي واقعي کان گهڻو اڳ صوفي شاھہ عنايت پنهنجن
معتقدن ۽ مريدن جي گروھہ کي منظم ڪري، جهوڪ واري پرڳڻي تي ڄڻ هڪ آزاد حڪومت قائم ڪري ڇڏي هئي، ... بلڪ ويندي نصرپور تائين سندس تعلق هو. [نوٽ: هنن بيتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هي بزرگ، زندگيءَ جي آخري دور ۾، ڪلهوڙن جو حامي هئڻ سبب، شاھہ عنايت صوفي جهوڪ واري جو مخالف هو، جنهن جا اُهڃاڻ سندس شاعريءَ ۾ ملن ٿا.]
خانداني روايتن موجب ميون شاھہ عنات وڏيءَ عمر کي رَسيو ۽ ان حوالي سان سندس پيريءَ جو هي پهريون دور (1090- 1105ھہ) بہ همت ۽ حوصلي وارو هو. هن عرصي ۾ ميين شاھہ عنات جي شخصيت هڪ شاعر طور مڃي وئي، جنهن جو خود کيس بہ احساس هو. هن عرصي جي آخر ڌاري جڏهن شاھہ عنات 65- 70 سالن جو هو تہ شاھہ لطيف ڄائو.
ميين شاھہ عنات جي وفات، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور ۾، 1130ھہ مطابق 1718ع ۾ ٿي. کيس پنھنجي والد جي ڀرسان، شيخ موسيٰ جي قبرستان [ٽنڊي الهيار کان پنج ميل اتر طرف موجودہ ڳوٺ ڀورل شاھہ لڳ] ۾ دفنايو ويو.
ميين شاھہ عنات غالباً 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. ميين شاھہ عنات کي پنج فرزند: سيد عبدالمعالي، سائينڏنو شاھہ، محمد شريف شاھہ، مصري شاھہ ۽ پير شاھہ هئا، جن مان محمد شريف شاھہ پنھنجي وقت جو سٺو شاعر هو.
ميين شاھہ عنات جو ڪلام: ميين شاھہ عنات جو ڪلام سندس زندگيءَ ۾ قلمبند نہ ٿيو، بلڪ سندس وفات کان 100 سال پوءِ سندس تڙ پوٽي اميد علي شاھہ ولد قطب شاھہ سهيڙايو. اُن ابتدائي قلمي نسخي [جنهن ۾ شاھہ عنات ۽ سندن پوين جو ڪلام شامل آهي] ۽ ٻين ذريعن مان هٿ آيل ڪلام کي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سهيڙي، ’ميين شاھہ عنات جو ڪلام‘ عنوان سان، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1963ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ائين شاھہ عنات جي ڪلام جي اشاعت، ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب ٿي آئي.
ميين شاھہ عنات رضويءَ جو ڪلام، سنڌي شاعريءَ جي مسلسل ارتقائي اوج ۽ عروج جو ساکي آهي، ۽ شاھہ جي شعر جي تاريخي پسمنظر جو چٽو آئينو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو تہ “شاھہ ڪريم وفات ڪئي (1030ھہ) تہ ميون شاھہ عنات ڄائو، ۽ ميين شاھہ عنات وفات ڪئي (1130ھہ) تہ ڀٽائي صاحب جوان ٿيو. سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جي سلسلي ۾، ميون شاھہ عنات ڄڻ شاھہ ڪريم [شاھہ لطف قادري] ۽ شاھہ لطيف جي وچ واري عرصي جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو ۽ سنڌي شاعريءَ جي مقدار توڙي اقدار جي لحاظ سان هو اُنهيءَ وچ واري دور جو نامور اڳواڻ ۽ علمبردار شاعر هو.” . . . شاھہ عنات، قاضي قادن، شاھہ ڪريم [۽ شاھہ لطف قاريءَ] کان پوءِ پهريون وڏو شاعر آهي، جنهن جا 469 بيت ۽ 32 وايون، سرودن (سُرن) وار ۽ ٻيا موقعي وار بيت دستياب ٿيا آهن.
ميين شاھہ عنات کان اڳ، مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان سنڌي شاعري ٻن نمونن جي ٿيندي هئي: هڪڙي چارڻن، ڀٽن، ڀانن ۽ سگهڙن جي شاعري، جنهن ۾ عوامي قصن ۽ داستانن، واقعن ۽ جنگين کي ڳايو ويندو هو ۽ ٻي شاعري، عالمن، سالڪن ۽ صوفي شاعرن جي توحيد ۽ طريقت، اخلاقيات ۽ انساني قدرن جي پرچار واري هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”ميون شاھہ عنات پهريون ممتاز شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ هن ٻہ درياهيءَ جو پورو سنگم نظر اچي ٿو.”
ميين شاھہ عنات کان اڳ ڪن ٿورن شاعرن توحيد ۽ طريقت جي تبليغ لاءِ عوامي عنوانن کي استعمال ڪيو هو، ۽ اها شروعات هئي، مثلاً: شاھہ ڪريم ۽ ٻين شاعرن وٽ سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن: مورڙي ۽ مانگر مڇ، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلان ۽ چنيسر، مومل ۽ راڻي، سھڻي ۽ ميهار، کاهوڙين وغيرہ جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر شاھہ عنات پهريون شاعر آهي، جنهن اُنهن قصن سان گڏ ٻين مشھور سنڌي داستانن- راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي، نوريءَ ۽ تماچي، کاري کيڙائن، جوڳين، سامين، ڪاپڙين، مهيسرين، سيتپورين، پوربين ناٿن [گورکناٿ، ويرناٿ، سڌناٿ]، آتڻ ۽ ڪاپائتين، لاکي ۽ ريٻارين، ابڙي ۽ سامن، جکري وغيرہ جهڙن سخين کي بہ ڳايو آهي. ائين هن سنڌي شاعريءَ لاءِ نئون ۽ وسيع ميدان هموار ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي شاھہ لطيف همه گير ۽ عالمگير بنائي ڇڏيو.
ميين شاھہ عنات رضويءَ جو فرزند سيد محمد شريف [ڀاڏاھہ وارو]، اُن جو پٽ بلاول شاھہ ۽ اُن جو پٽ قطب شاھہ، ٽيئي پنھنجي وقت جا نامور درويش ۽ نامور شاعر هئا. شاھہ شريف کي والد جي صحبت ۽ تربيت سبب شاعري ورثي ۾ ملي. سندس ڪلام ‘شاھہ شريف ڀاڏائيءَ جو ڪلام/ رسالو’ جي نالي سان ڇپيل آهي.
ميين شاھہ عنات جي ڪلام جو مقدار جي حوالي سان جائزو وٺجي ٿو تہ قاضي قادن، شاھہ ڪريم ۽ شاھہ لطف قادريءَ کانپوءِ ميون شاھہ عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جا 469 بيت ۽ 42 وايون [سرودن/ سُر وار] ملن ٿيون. سندس ڪلام ۾ سنڌي شاعريءَ جون ٽي اهم ۽ مکيہ هيئتون يا قالب: بيت، مولود ۽ وائي گوناگون خوبين سان چمڪندڙ ملن ٿا. شاھہ عنات کان اڳ جي شاعرن جي بيتن ۾ سنڌي دوهي ۽ سورٺي کان وٺي بيت جي ارتقا جون صورتون ۽ بيان جي پختگي تہ ملي ٿي، پر شاھہ عنات جي بيتن ۾ پهريون ڀيرو لغت جي ڳوڙهائي ۽ بيان جي رنگيني بہ نظر اچي ٿي. مثال طور:
سائر لهريون، ريج وڻ، جِئن سي پکين پک،
وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪک،
اونهون ڏيھہ عظيم جو، پييم تان نہ پرک،
تهان مٿي لَکَ، ڀال ڀلي جا ڀانئيان!
-اڇو آب عنات چئي، ڍريو مٿي ڍٽ،
نوڻيون نيلَ اُلٽيون، پاڪ رُهيائين پٽَ،
تيجل ڀريا ٽوڀڙا، پاڻي ٿئو پلٽَ،
وليون چڙهن وڻ سر، موٽڻ سڳنڌي ڇَٽ،
تون سُونهينِ سومرين وَر! ويٺو مٿي کٽ،
جتي ڄُلن ڄٽ، سو آءٌ ڏيھہ ڏاڏاڻو گهُران.
(سر مارئي)
اهڙيءَ طرح سنڌي ‘وائي’ بہ شاھہ عنات جي ڪلام ۾ هيئت، مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان اوج تي نظر اچي ٿي. کانئس اڳ وائيءَ جي روايت سنت شاعر دادو ديال وٽ ملي ٿي. شاھہ عنات جون 42 وايون، مولود، مدحيه، دعائيه، نصيحت، سر مارئي، سر ليلان، سر مومل راڻي، سُر سسئي، سر سورٺ، سر سارنگ، سر ڪاموڏ [گندري]، هنجن ۽ غنائي مضمونن تي مشتمل ملن ٿيون. اهڙيءَ طرح ‘مولود’ جو لفظ بہ پهريون ڀيرو شاھہ عنات جي وائيءَ ۾ ڪم آيو آهي:
چئو صلواة صدق سين، ايءُ ‘مولود’ مدام
شاھہ عنات، راڳ جو بہ وڏو ڄاڻو هو، ان ڪري هن پنھنجي ڪلام کي ‘سرودن’ ۾ ورهايو، جيڪا روايت اسان کي پوءِ جي ڪلاسيڪي شاعرن وٽ عام ملي ٿي. شاھہ عنات جي ڪلام جا سرود [سُر]، تسليم شده راڳن ۽ راڳڻين مطابق آهن. سندس راڳ جي ڄاڻ جو اندازو هيٺين سٽن مان ٿئي ٿو:
جاجڪ آهين ذات، تہ ويلا لھہ ‘وهاڳ’ جي!
-چائين جان چارڻ، تان ويلا لھہ ‘وهاڳ’ جي!
‘جيتسري’ جو نالو پهريون ڀيرو ميين شاھہ عنات جي ڪلام ۾ ملي ٿو ۽ راڳ وديا موجب ‘جيتسري’، پوربي ٺاٺ مان هڪ راڳڻي آهي. سندن ڪن واين جي ٿلھہ ۽ مصراعن جي سٽاءَ مان ڳائڻ جي لئہ نروار ٿئي ٿي. مثال طور: هيٺين وائي ‘ڳيچ’ جي لئہ ۾ رچيل آهي:
ميندي لال لائينديون سهيليون، هٿ ڳل هار گلاب تنين کي،
سيد شھباز ڪامل قلندر، در دولھہ سي اينديون،
مينديون لال لائينديون!
اهڙي طرح ‘سرود ڪاموڏ’ جي وائي [ٿي من موهيو ڄام ...] ۽ سُرود ڌناسريءَ جي قلندر شھباز جي مدح ۾ چيل وائي [شھباز لال، گنبذين نور ...] جا ٿلھہ ۽ مصرعون پڪي راڳ جي اسٿائي ۽ انترن جو اهڃاڻ ڏين ٿيون. هيٺ ٻنهي واين جا ٿلھہ ۽ هڪ هڪ مصرع ڏجي ٿي:
(1) ٿلھہ: ٿي من موهئو ڄام، جو سونهن سڀن ۾ وتري گندري،
ٿي من موهئو ڄام...
مصرع: سَمي سُونهاڻي، محبت هاڻي، مهاڻي مھا سُوندري گندري،
ٿي من موهئو ڄام ....
(2) شھباز لال، گنبذين نُور جي ٿيو!
هند سنڌ هاڪ هَريل، آواز اصفهاني،
قلندر شاھہ ڪمال، گُنبذين نُور جي ٿئو!
معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان ميين شاھہ عنات جون 42 وايون ملن ٿيون، جن مان 03 خاص مولود، 14 مدحيه، 02 دعائيه، 01 نصيحت، 03 سُر مارئي، 01 سُر ليلان چنيسر، 02 سُر مومل راڻو، 06 سُر سسئي،
01 سُر سورٺ، 01 سُر سارنگ، 01 سُر ڪاموڏ (گندري)، 02 وايون هَنجن بابت ۽ 05 غنائي آهن.
‘مولود’ جو لفظ ڊاڪٽر بلوچ موجب پهريون ڀيرو شاھہ عنات جي وائيءَ ۾ ملي ٿو. مارئي، سسئي ۽ ٻين سُرن جون وايون زبان توڙي بيان جي لحاظ سان برک آهن. غنائي واين ۾ صدق ۽ محبت جا ذاتي احساسَ اظهار ڪيل آهن. سٽاءَ جي لحاظ کان ميين شاھہ عنات جي واين ۾ هڪ کان وٺي 16 تائين مصرعون ملن ٿيون.
42 واين جي ٿلهن جي سٽاءَ ٻن قسمن جي آهي، يعني: 33 واين جي ٿلهن ۾ قافيو وچ تي ۽ نون (9) واين جي ٿلهن ۾ قافيا آخر ۾ ڏنل آهن. قافين جي اِن مَٽ سٽ سان وائيءَ جي لئي ۾ نت نئين تبديلي پيدا ٿي آهي.
شاھہ عنات، توحيد ۽ طريقت، سلوڪ ۽ نصيحت سان گڏ هر رنگ ۾ رڱيل شاعري ڪئي آهي. هن قصن ۽ داستانن کي دل کولي ڳايو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي عنوانن کي وڏي وسعت ڏني آهي. شاھہ عنات، پنھنجي طبعي ذوق سان شاعر ٿيو ۽ شاعريءَ مان پورو حظ حاصل ڪيائين. ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ سندس شاعريءَ جي ڏات، سندس عظمت، بزرگيءَ ۽ درويشيءَ جو باعث بڻي.
اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي تہ عام سنڌي داستانن ۾ مشھور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل ۽ سُر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل شاعريءَ جي سنوار ۽ سينگار ۾ شاھہ عنات رضويءَ ۽
شاھہ لطيف جو شرف سڀني کان مٿانهون آهي. شاھہ عنات، شاھہ لطيف جو وڏو معاصر هو. ٻنهي سنڌي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جي ارتقا
۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ميين شاھہ عنات قالب گهڙيا تہ شاھہ لطيف اُهي سوڌي سنواري ڀريا. شاھہ عنات ديوارن جا بنياد رکيا تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي انهن تي شاعريءَ جون عمارتون کڙيون ڪري ڏيکاريون.
شاھہ عنات ۽ شاھہ ڀٽائي:
ميين شاھہ عنات ۽ ڀٽائي صاحب جي ملاقاتن ۽ رس رهاڻين بابت ڪيئي حڪايتون ملن ٿيون. ڀٽائي صاحب اڃا ننڍو هو تہ ميين شاھہ عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو هو ۽ کيس ميين شاھہ عنات لاءِ وڏي عزت هئي. چيو وڃي ٿو تہ پنھنجي دور جي هنن ٻنهي وڏن شاعرن هڪ ٻئي جي ڀران بيت بہ چيا هئا.
اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ سُر سسئيءَ جا بيتَ، شاھہ عناتَ رضويءَ، شاھہ لطيف کان متاثر ٿي چيا ۽ سُر مارئي، شاھہ لطيف، ميين شاھہ عنات رضويءَ کان متاثر ٿي چيو.
مثال طور:
شاھہ عنات:
پسي ڏونگر ڏار، جِمَ هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
مجازاڻيون موٽيون، سُڻي پنڌ پچار،
پهرين پائج پرينءَ لئه، حقيقت جو هار،
سگهي لهندءِ سار، آرياڻي عنات چئي.
شاھہ لطيف:
پسي ڏونگر ڏاھہ، جِم هلڻ ۾ هيڻي وِهين،
لانچي لڪ لطيف چئي، پُٺيءَ ڪيچين ڪاھہ،
پُڇي پورج سَسئي، بلوچاڻي باھہ،
اِن وڙائتي وَرَ جو، آسر هڏ مَ لاھہ،
جو اکنئون اوڏو آھہ، سو پرين پرانهون مَ چئو!
شاھہ عنات:
وڃي آءٌ وطن ۾، واسيان پنهنجا وار.
شاھہ لطيف:
واسي وار نہ ويڙهيان، پر چڳون رهن چيڙ.
شاھہ عنات:
اُني جي اوطاق، پسان شال عنات چئي.
شاھہ لطيف:
ماروءَ جي اوطاق، گهڻو اُڪنڊي آهيان.
شاھہ عنات:
پيرون چونڊيان پرينءَ سان، پلئہ ۾ پائي.
شاھہ لطيف:
ڀُڻي ساڻ ڀتار، پائر پيرون چونڊيان.
بهرحال، باوجود ننڍ وڏائيءَ جي، ٻنهي شاعرن هڪٻئي تي اثر ڇڏيا ۽ ٻنهيءَ جو شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ آهي تہ ميون شاھہ عنات، ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ ڄڻ تہ اڳواڻ بنجي آيو ۽ اچي ميدان سنواريائين، جنهن ۾ ڀٽائي صاحب پوءِ ڪونتل ڪُڏايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو