
شاهه لطيف اوارڊ

شاهه لطيف اوارڊ تقريب
شاھہ لطيف اوارڊ:
‘شاھہ لطيف’ جي نالي سان مختلف عالمن، اديبن، محققن، مصورن، مترجمن، راڳين، سازندن ۽ ملهن کي اوارڊ ڏيڻ جو سلسلو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 1980ع کان شروع ڪيو. هر سال شاھہ جي عرس جي موقعي تي، شاھہ لطيف جي فن ۽ فڪر تي تحقيق ڪندڙن، شاھہ جي شارحن، شاهـه کـي مـختلـف ٻولين ۾ ترجـمـو ڪـندڙ شخصيـتن، اديـبن، شـاھہ جي راڳ کي مقبول ڪندڙ فنڪارن ۽ سازندن، ڪمپيئرن، بھترين ملھہ پهلوانن وغيرہ کي اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.
مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي ملندڙ شاھہ لطيف اوارڊن جو سال وار وچور هيٺ ڏجي ٿو:
1980ع [236هون عرس: صفر 1401ھہ، سومر 31 مارچ 1980ع]: بھترين راڳي: محمد يوسف کي اوپن ايئر ٿيٽر حيدرآباد ۾ گورنر سنڌ، ايس ايم عباسيءَ هٿان ڏنو ويو.
1981ع [237هون عرس: 15 صفر 1402ھہ، 13 ڊسمبر 1981ع]: بھترين راڳي: استاد محمد جمن، بھترين لوڪ راڳي: ڍول فقير، بھترين سازندي: خميسي خان (الغوزه نواز)، خصوصي انعام: وحيد علي ۽ بھترين پهلوان: غلام سرور جتوئيءَ کي اوارڊ، سينيئر وزير حڪومت سنڌ، مير رسول بخش خان ٽالپر ڏنا.
1982ع [238هون عرس: خميس 15 صفر 1403ھہ/ 3 ڊسمبر 1982ع]: بهـتريـن راڳـي: عابـده پرويـن، بهتـريـن سازنـدي: الهبچايي کوسي کي سيد غوث علي شاھہ، وزير تعليم ۽ ثقافت حڪومت سنڌ، اوارڊ ڏنا.
1983ع [239هون عرس: سومر 15 صفر 1404ھہ/ 21 نومبر 1983ع]: بھترين راڳي: فقير عبدالغفور کي لطيف اوارڊ، مظهرالحق صديقي، سيڪريٽري تعليم، حڪومت سنڌ ڏنو.
1984ع [240 هون عرس: آچر 16 صفر 1405ھہ/ 12 نومبر 1984]: بھترين راڳي: مائي ڀاڳيءَ کي گورنر سنڌ، جنرل جھانداد خان اوارڊ ڏنو.
1985ع [241هون عرس: خميس 16 صفر 1406ھہ/ 1 نومبر 1985ع]: بھترين راڳي: علڻ فقير کي اوارڊ وڏي وزير سيد غوث علي شاھہ ڏنو.
1986ع [242هون عرس: اڱارو 16 صفر 1407ھہ/ 21 آڪٽوبر 1986ع]: بھترين راڳي: محمد يوسف، بھترين سازندي استاد فيروز گل کي سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاھہ ڏنا.
1987ع: [243هون عرس: آچر 17 صفر 1408ھہ/ 11 آڪٽوبر 1987ع]: بھترين فنڪارہ: زرينا بلوچ، بھترين موسيقار: استاد فيروز گل کي ٻيو دفعو اوارڊ بہ سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاھہ ڏنو.
1988ع: [244هون عرس: خميس 16 صفر 1409ھہ/ 29 سيپٽمبر 1988ع]: بھترين راڳي: حسين بخش ‘خادم’ کي شاھہ لطيف اوارڊ، سنڌ جي نگران وڏي وزير اختر علي جي. قاضيءَ ڏنو.
1989ع: [245هون عرس: سومر 16 صفر 1410ھہ/ 18 سيپٽمبر 1989ع]: بھترين راڳي: موهن ڀڳت، بھترين سازندي: استاد مٺا خان زرداري (گهڙي نواز) کي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا.
1990ع [246 هون عرس: جمعو 16 صفر 1411ھہ/ 07 سيپٽمبر 1990ع]: بھترين راڳي: محمد يوسف [ٻيو ڀيرو] ۽ وحيد علي، بھترين منتظم: حميد آخوند، بھترين ڪمپيئر: ممتاز مرزا، بھترين آرگنائيزر: حميد سنڌيءَ کي نگران وڏي وزير، ڄام صادق عليءَ لطيف اوارڊ ڏنا.
1991ع [247هون عرس: اڱارو 15 صفر 1412ھہ/ 27 آگسٽ 1991ع]: بھترين خدمتگذار: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي هي اوارڊ، وڏي وزير هالا پهچي، سندس خدمت ۾ پيش ڪيو.
1992ع [248هون عرس: ڇنڇر 15 صفر 1413ھہ/ 15 آگسٽ 1992ع]: بھترين راڳي: علڻ فقير [ٻيهر]، خاص اوارڊ: عابدہ پروين [ٻيهر]، خاص اوارڊ: محمد يوسف [ٽيون ڀيرو] کي وڏي وزير سيد مظفر حسين شاھہ ڏنو.
1993ع [249هون عرس: خميس 15 صفر 1414ھہ/ 5 آگسٽ 1993ع]: بھترين راڳي: انور حسين وسطڙي، بھترين سازندي: الهبچايي کوسي کي نگران وڏي وزير سيد علي مدد شاھہ اوارڊ ڏنا.
1994ع [250هون عرس: سومر 15 صفر 1415ھہ/ 25 جولاءِ 1994ع]: بھترين راڳي: سهراب فقير کي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاھہ ‘شاھہ لطيف اوارڊ’ ڏنو.
1995ع [251هون عرس: ڇنڇر 16 صفر 1416ھہ/ 15 جولاءِ 1995ع]: بھترين راڳي: انور حسين وسطـڙي (ٻيو ڀيرو)، بھترين سازندي: غوث بخش بروهي (بانسري نواز) کي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاھہ اوارڊ ڏنا.
1996ع [252هون عرس: جمعو 17 صفر 1417ھہ/ 5 جولاءِ 1996ع]: بھترين راڳي: علڻ فقير [ٽيون ڀيرو]، بھترين اداڪار/ صداڪار: عبدالحق ابڙي کي سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ ڏنا.
1997ع [253هون عرس: آچر 16 صفر 1418ھہ/ 22 جون 1997ع]: بھترين راڳي: سهراب فقير [ٻيو ڀيرو]، بھترين وڄتي: محمد فقير سرندائي ۽ لطيفي درگاھہ جي بھترين راڳي: قربان فقير آزاد کي سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ اوارڊ ڏنا.
1998ع [254هون عرس: جمعو 16 صفر 1419ھہ/ 12 جون 1998ع]: بھترين محقق: شيخ محمد اسماعيل، بھترين سازندي: الهبچايي کوسي (الغوزي نواز) کي شاھہ لطيف اوارڊ سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئي ڏنا.
1999ع [255هون عرس: اربعا 16 صفر 1420ھہ/ 1 جون 1999ع]: بهتـريـن راڳـي: جـلال چانڊيـي، بهتـريـن مـصـور: ظـفـر ڪاظمـيءَ کـي
شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
2000ع [256هون عرس: آچر 16 صفر 1421ھہ/ 21 مئي 2000]: بھترين راڳي: چاڪر چانڊيي، بھترين ليکڪ: امر جليل کي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
2001ع [257هون عرس: خميس 15 صفر 1422 ھہ/ 10 مئي 2001ع]: بهتـريـن فنـڪـاره: فـوزيـه سـومـرو کـي صوبائي وزير سيد علي مير شاھہ ‘شاھہ لطيف اوارڊ’ ڏنو.
2002ع [258هون عرس: اڱارو 16 صفر 1423ھہ/ 30 اپريل 2002ع]: بھترين راڳي: شفيع محمد جمن، محقق جو اوارڊ: امينه خميساڻي [شاھہ جي رسالي جو انگريزي ترجمو]، بھترين هنرمند: الھہ ڏتي کٽي، بھترين درگاھہ جي راڳي: فقير جڙيل، بھترين سازندي: الهبچايي کوسي کي [ٽيون ڀيرو] ‘شاھہ لطيف اوارڊ’ صوبائي وزير خزانہ عبدالحفيظ شيخ ۽ صوبائي وزير علي حسن چانهيي ڏنا.
2003ع [259هون عرس: جمعو 15 صفر 1424ھہ/ 18 اپريل 2003ع]: بھترين فنڪارہ: مائي الھہ وسائي، درگاھہ جي بھترين راڳي: الھہ ڏني فقير کي شاھہ لطيف اوارڊ، سنڌ جي وڏي وزير علي محمد مھر ڏنا.
2004ع [260هون عرس: خميس 17 صفر 1425ھہ/ 8 اپريل 2004ع]: بھترين راڳيءَ جو اوارڊ: ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ: عطا محمد ڀنڀري [مترجم: شاھہ آف ڀٽ]، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ: استاد منظور علي خان (مرحوم) کي ڏنا ويا.
2005ع [261هون عرس: آچر 16 صفر 1426ھہ/ 27 مارچ 2005ع]: بھترين راڳي اوارڊ: شفيع فقير، بھترين محقق: تنوير عباسي مرحوم [ڪتاب: شاھہ جي شاعريءَ جو اڀياس]، شاھہ جي بھترين فارسي مترجم: نياز همايوني مرحوم [جي پونيرن کي] شاھہ لطيف اوارڊ، وزير ثقافت، حڪومت سنڌ شبير احمد قائمخانيءَ ڏنا.
2006ع [262هون عرس: خميس 15 صفر 1427ھہ/ 16 مارچ 2006ع]: بھترين راڳي: محمد حنيف لاشاري، بھترين سازندي: محمد عارب (دنبوري نواز)، بھترين محقق: عبدالغفار گوهر دائودپوٽي، بھترين اردو مترجم: آغا سليم، درگاھہ جي بھترين راڳي: کٻڙ فقير، بھترين خدمتگذار اداري: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد [جيڪو ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر فخر بلوچ] کي اوارڊ صوبائي وزير حڪومت سنڌ، قمر منصور ڏنا.
2007ع: [263هون عرس: اڱارو 16 صفر 1428ھہ/ 6 مارچ 2007ع]: بھترين ڪلاسيڪي راڳي: استاد فتح علي خان، درگاھہ جي بھترين راڳي: فقير گل محمد عرف گلڻ فقير خاصخيلي، بھترين سازندي: محمد عزيز (بينجي نواز)، بھترين محقق: ج. ع. منگهاڻي، خصوصي اوارڊ: انور پيرزادي (مرحوم)، بھترين ڪمپيئر: نصير مرزا، خصوصي اوارڊ: صلاح الدين پنهور کي صوبائي وزير اوقاف حڪومت سنڌ، منظور پنهور ڏنا.
2008ع: [264هون عرس:آچر 16 صفر 1429ھہ/24 فيبروري 2008ع]: بھترين راڳي: ماسٽر عبدالله پنهور، درگاھہ جي بھترين راڳي: فقير الھڏنو نظاماڻي، بھترين محقق: ٻانهي خان شيخ، بھترين وڄتي: غلام محمد عرف غلامون مڱڻهار (هارمونيم نواز) کي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
2009ع [265هون عرس: خميس 16 صفر 1430ھہ/ 12 فبروري 2009ع]: بھترين فنڪارہ: حميره چنا، درگاھہ جي بھترين راڳي: فقير مير حسن، بھترين موسيقار: استاد نياز حسين، بھترين سگهڙ: محمد ملوڪ عباسي، بھترين محقق: آغا محمد يعقوب کي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
2010ع [266هون عرس: اڱارو 17 صفر 1431ھہ/ 02 فبروري 2010ع]: بھترين ڪلاسيڪي راڳي: استاد گلزار علي خان سانگهڙائي، بھترين فنڪارہ: روبينا قريشي، بھترين سازندي: غوث بخش بروهي [الغوزي نواز]، بھترين محقق: محمد ابراهيم جويي، درگاھہ جي بھترين راڳي: کٻڙ فقير، بھترين سگهڙ: عبدالرحمان مهيسر، بھترين موسيقار: فيروز گل [ٽيهر] کي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا ۽ يادگار شيلڊ: مائي الھہ وسائيءَ کي ڏني وئي.
2011ع [267هون عرس: جمعو 16 صفر 1432ھہ/ 21 جنوري 2011ع]: بھترين فنڪارہ: صنم مارئي، درگاھہ جي بھترين راڳي: فقير پير بخش سـومـري، بـهتريـن سـازنـدي: مـحمـد حـسـن سُرندائـي، بھترين سـگهـڙ: وريام فقير شيخ، بي مثال خدمتن تي: سيد نثار حسين شاھہ لطيفي (سجادہ نشين ڀٽ شاھہ) کي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
2012ع [268هون عرس: 16 صفر 1423ھہ/ 11 جنوري 2012ع]: بھترين راڳي: ثمينه ڪنول، بھترين سگهڙ: ٻِيڙي فقير، بھترين شاعر: استاد بخاري (مرحوم)، شاھہ جي راڳي: سيد ذوالفقار علي شاھہ، بھترين سازندي: رام جوڳي (مرلي وڄائيندڙ)، شاھہ جي رسالي جي انگريزي مترجم: سيد مشتاق شاھہ کي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
2013ع [269هون عرس: ڊسمبر]: بھترين مترجم اوارڊ: استاد لغاري [شاھہ جي رسالي جي سرائيڪي ترجمي تي]، بھترين سگهڙ اوارڊ: لقمان کوکر، صوفي راڳي اوارڊ: جمال الدين فقير، بھترين فنڪار جو لائيف اچيومينٽ اوارڊ: محمد بلاول بيلجم، بھترين شرنائي اوارڊ: عبدالله خان، شاھہ جو راڳي اوارڊ: قمبر علي لنجواڻي، بھترين ملھہ پهلوان اوارڊ: علي نواز کي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
2014ع [270هون عرس: ڊسمبر]: بھترين موسيقار ۽ راڳي اوارڊ: عبدالغفور سومرو، بھترين سگهڙ اوارڊ: محمد مٺل جهتيال، بھترين محقق اوارڊ: الياس عشقي [ڪتاب: ’آواز لطيف‘ تي مُئي پڄاڻان]، بھترين موسيقار اوارڊ: نوا زمحمد بچل، شاھہ جو راڳي اوارڊ: انور فقير خاصخيلي، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ: سيد صالح محمد شاھہ کي شاھہ لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
2015ع [272هون عرس: 16 صفر 1437ھہ/ 29 نومبر 2015ع]: بھترين شاھہ جي راڳي اوارڊ: سيد گدا حسين شاھہ، بھترين راڳي:
تاج مستانيءَ، بھترين سگهڙ: حاجي علي نواز وڳڻ، شاھہ جي رسالي کي انٽرنيٽ تي آن لائين آڻيندڙ جو اوارڊ: عبدالماجد ڀرڳڙي، بھترين سازندي: محمد آچر (ڍولڪ نواز) کي شاھہ لطيف اوارڊ ۽ مرحوم صادق فقير [جي پٽن نزاڪت ۽ راحت فقير] کي ‘شاھہ لطيف لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ’ صوبائي وزير (صلاحڪار) ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو، حڪومت سنڌ، محترمہ شرميلا فاروقي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن سرفراز راڄڙ ۽ ڪمشنر حيدرآباد سيد آصف حيدر شاھہ ڏنا.