
فقير قربان علي آزاد لنجواڻي

کٻڙ فقير سومرو

سيد جمن شاهه

فقير امداد علي لغاري

سيد حاڪم علي شاهه

قمبر علي لنجواڻي

گل محمد خاصخيلي

فقير منٺار جوڻيجو

دائم فقير نظاماڻي

محمد رحيم شاهاڻي

راڻو فقير جوڻيجو

قربان علي کوسو

انور علي خاصخيلي

فقير شاهنواز بڙدي

فقير محمد اسماعيل ميرجت

فقير خان محمد چانڊيو

غلام اڪبر ملاح

فقير محمد حسن تمراڻي

لياقت علي لنجواڻي

رحيم ڏنو فقير

فقير خير محمد ملاح

فقير ڏنو ٿهيم

فقير الهڏنو نظاماڻي

فقير غلام محمد نظاماڻي

فقير ناظم علي لنجواڻي

فقير معشوق علي ملوکاڻي

فقير محمد اسلم شيخ

سيد ممتاز علي شاهه

پير بخش ٿهيم

سيد ماجد علي شاهه

منور علي لنجواڻي

فقير امام بخش ڀنگوار

فقير گل محمد پهوڙ

مرحوم فقير برڪت علي

سيد مير محمد شاهه

فقير سيد بهزاد شاهه

سيد ذوالفقار علي شاهه

فقير سيد شفقت شاهه

فقير عنايت علي

فقير سائين بخش نظاماڻي

فقير غلام قادر نظاماڻي

فقير شاهنواز نظاماڻي

فقير وريام خاصخيلي

فقير مدد علي ميرجت

فقير قمبر جلالاڻي

راڳي شاهه جي وائي پيش ڪندي
شاھہ لطيف جا موجودہ راڳي:
فقير قربان علي آزاد لنجواڻي: شاھہ جو هي استاد راڳي، 5 مارچ 1938ع تي ڳوٺ ڪيهر فقير (ضلعي مٽياريءَ) ۾ فقير مير محمد لنجواڻي عرف ميري فقير جي گهر پيدا ٿيو. راڳ جي تربيت پنھنجي والد کان ئي حاصل ڪيائين، جيڪو پڻ شاھہ جو راڳي هو. سورهن سترهن سالن جي ڄمار کان درگاھہ تي راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين. پاڪستان جي مختلف شهرن توڙي ملڪ کان ٻاهر فرانس، آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ شاھہ جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. کيس شاھہ جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران ٻہ ڀيرا لطيف اوارڊ ۽ لائيف اچيومينٽ اوارڊ پڻ مليا آهن. سال 2003ع ۾ ڀٽائيءَ جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ سندس نالو سنڌ حڪومت پاران وفاق کي تمغه امتياز لاءِ موڪليو ويو، پر کيس حڪومت جو اهو اعليٰ اعزاز نہ ڏنو ويو.
فقير قربان علي آزاد، شاھہ جي سورٺ راڳ آلاپڻ تي وڏي دسترس رکندو هو. ڀٽائيءَ جي مشھور ڇيڙ جي وائي، جيڪا چانڊوڪي راتين ۾ ڳائي ويندي آهي، سا فقير آزاد، ڪمال جي پيش ڪندو هو، جنهن جا پڙاڏا اڄ بہ ڀٽ تي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
فقير قربان سنڌي فائينل پاس ۽ بنيادي طور پرائمري استاد هو. سندس سوين درسي شاگرد ۽ ڪيترائي راڳ جا شاگرد اڄ بہ موجود آهن. سندس فرزند فقير اختر لنجواڻي، راڳ ۾ سندس ئي شاگرد آهي، جيڪو هن وقت درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. فقير قربان علي 24 فيبروري 2004ع تي وفات ڪئي. پاڻ بھترين شاعر بہ هو. سندس ڪيترو ئي ڪلام ڪتابي صورت ۾ ڇپيل بہ آهي تہ اڻ ڇپيل بہ سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي.
سيد علي بخش شاھہ علڻ ڀٽائي: ڀٽائي سائينءَ جي گادي نشينن مان پير علي بخش شاھہ عرف علڻ سائين ڀٽائيءَ جي راڳ جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. سندس جنم پير لطف علي شاھہ جي گهر ڀٽ شاھہ ۾ 1871ع ۾ ٿيو. پاڻ 1317 هجري/ 1899- 1900 ۾ درگاھہ جي مسند تي ويٺو. فقيري طبيعت وارو لاڙو رکندڙ هو ۽ ڀٽائيءَ جي راڳ سان خاص انسيت هوندي هُيس. ڀٽائيءَ جي شخصيت، سوانح، خاندان توڙي راڳ ويراڳ بابت پنھنجي وقت ۾ مستند راڳي سمجهيو ويندو هو. هر جمعي جي رات درگاھہ تي فقيرن سان گڏجي راڳ ڳائيندو هو ۽ خود بہ شعر چوندو هو. 14 محرم 1352 هجري/ 18 مئي 1933ع تي هي جھان ڇڏيائين.
کٻڙ فقير سومرو: لطيفي راڳ جو ناميارو راڳي کٻڙ فقير ولد ابو طالب سومرو، 1960ع ڌاري بلڙي شاھہ ڪريم (موجودہ ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ پيدا ٿيو. هن 18 سالن جي ڄمار کان ئي شاھہ جي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سندس وڏڙا شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پڙ ڏاڏي شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جا راڳي هئا. هي سومرا خاندان‘، شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي راڳين طور ايامن کان مشھور آهي. کٻڙ فقير جي وڏڙن مان ٻہ بزرگ: فقير حاجي ﷲ ڏنو سومرو ۽ حاجي ابراهيم سومرو، شاھہ لطيف سان گڏ راڳ آلاپيندا هئا. کٻڙ فقير، شاھہ جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ پوري پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن: آمريڪا، فرانس، جرمني، پئرس، آسٽريليا، انگلنڊ ۽ ڀارت ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هيءُ فقير ڀٽ شاھہ ۾ شاھہ جي راڳ واري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان پڻ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. سندس ڀاڻيجو محمد اشرف سومرو سندس شاگرد آهي، جيڪو پڻ شاھہ جي درگاھہ جو خاص راڳي آهي، ان کان سواءِ کٻڙ فقير جا ٻيا بہ ڪيترا شاگرد آهن.
سيد جمن شاھہ: لطيفي راڳ جي نامياري راڳي سيد جمن شاھہ ولد سيد مير محمد عرف ميرل شاھہ جو جنم، 1960ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾
ٿيو. هن 20 سالن جي ڄمار کان شاھہ جي راڳ جي سکيا فقير جڙيل لنجواڻيءَ کان وٺڻ شروع ڪئي. هن دور ۾ فقط ٻہ راڳي فقير خان محمد چانڊيو ۽ سيد جمن شاھہ، لطيفي ڪلام جي بھترين راڳي هجڻ جو درجو رکن ٿا. سيد جمن شاھہ ملڪي توڙي
بين الاقوامي سطح تي شاھہ جي راڳ کي پيش ڪندو رهي ٿو. جديد موسيقيءَ جي ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ پڻ بين الاقوامي سطح تي شاھہ جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. سيد جمن شاھہ هن وقت سنڌ ثقافت کاتي جي ڀٽ شاھہ ۾ قائم شاھہ جي راڳ واري مرڪز ۾ نوجوانن کي شاھہ جي راڳ جي سکيا ڏئي رهيو آهي. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي پنھنجي اولاد مان سيد مير محمد شاھہ ڏني شاھہ جي راڳ وارو ورثو منتقل ڪيو آهي.
فقير امداد علي لغاري: فقير امداد علي ولد محمد جمن لغاريءَ، ڳوٺ غلام محمد لغاري، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. هي فقير گذريل چاليهن سان کان لطيفي سُر ۽ داستان آلاپي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس خاندان مان سندس چاچو منگل فقير، شاھہ جو راڳ آلاپيندو هو. هن فقير شاھہ جي راڳ جي تربيت پنھنجي چاچي وٽان ئي حاصل ڪئي. فقير امداد علي هن وقت جواڻ فقير جي اڳواڻيءَ ۾ اڱاري جي ڏينهن شام جو درگاھہ جي حاضري ڀريندو آهي.
سيد حاڪم علي شاھہ: شاھہ لطيف جو ناميارو راڳي سيد حاڪم علي ولد سيد مراد علي شاھہ 1955ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ پيدا ٿيو. شاھہ جي راڳ جو هنر کيس ورثي ۾ مليو، سندس وڏن مان، خاص ڪري سيد مير محمد شاھہ، ’شاھہ جو راڳ‘ آلاپيندو هو، جيڪو لطيف جي پڙ ڏاڏي شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاھہ تي حاضري ڀريندو هو. سيد حاڪم علي شاھہ لڳ ڀڳ 47 سالن جي عمر ۾ 2002ع کان ’شاھہ جو راڳ‘ آلاپي رهيو آهي. هن لطيفي راڳ جي سکيا سيد جمن شاھہ کان حاصل ڪئي، هي فقير هر اڱاري جي شام جو سيد ميرل شاھہ ۽ فقير قادر بخش خاصخيليءَ سان گڏ درگاھہ تي راڳ جي حاضري ڀريندو آهي.
قمبر علي لنجواڻي: لطيفي راڳ آلاپيندڙ شاھہ جي راڳيءَ قمبر علي ولد مرحوم جلال فقير لنجواڻيءَ جو جنم 1949ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر
فـقـيـر لـنجـواڻـي، ضلعـي مٽيـاريءَ ۾ ٿيـو.
قمبر عليءَ جو پڙ ڏاڏو ڪيهر فقير پنھنجي دور جو وڏو راڳي ٿي گذريو آهي، جنهن جي تدفين شاھہ سائينءَ جي پيرانديءَ واري پاسـي ٿيل آهي. اهـڙيءَ طـرح هـي خـاندان نـسل در نـسـل شاھہ جي راڳ کي سيني ۾ سـانـڍيـنـدو اچـي. قـمبـر عـلـي لـنـجـواڻـيءَ، شاھہ جي راڳ جي سکيا جلال فقير ۽ جڙيل فقير لنجواڻيءَ کان حاصل ڪئي ۽ هن وقت پنھنجي سُنگ جو اڳواڻ آهي. سندس سنگ ۾
7 راڳي: (1) سيد گدا حسين شاھہ، (2) ربڏنو جوڻيجو ، (3) منٺار علي جوڻيجو، (4) لعل محمد خاصخيلي، (5) وريام خاصخيلي، (6) منور علي لنجواڻي ۽ (7) سجاد علي چنو شامل آهن. اهي فقير هر سومر جي ڏينهن شام جو درگاھہ تي حاضري ڀري، شاھہ جا مختلف سُر آلاپيندا آهن.
قمبر علي لنجواڻيءَ، پوري پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن، جھڙوڪ: آمريڪا، جرمني، انگلينڊ، فرانس، آسٽريليا، ڀارت، هالينڊ ۽ ٿائلينڊ ۾ شاھہ جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ پيش ٿي، وڏو داد حاصل ڪيو آهي.
گل محمد خاصخيلي: شاھہ جي ڪلام جو راڳي فقير گل محمد ولد فقير مولابخش خاصخيلي، 1963ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان پنجن پيڙهين کان شاھہ جي راڳي گهراڻي جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڏاڏو فقير محمد ابراهيم خاصخيلي، شاھہ سائينءَ جي درگاھہ جي پنجين گادي نشين جي دور ۾ راڳ آلاپيندو هو. اڃا بہ وڌيڪ اوائل ۾ سندن خاندان جا ٻہ وڏڙا سومر فقير ۽ پيارو فقير، شاھہ سائينءَ جي دور ۾ ئي راڳ ڳائيندا هئا.
گل محمد فقير 16 سالن جي عمر کان ئي شاھہ جو راڳ ڳائيندو اچي. سندس استاد کٻڙ فقير آهي. گل محمد فقير ۽ سندس ساٿي هر ڇنڇر ڏينهن آچر جي رات شاھہ سائينءَ جي درگاھہ تي حاضري ڀري راڳ آلاپيندا آهن. کٻڙ فقير شاھہ جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ پوري پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن، آمريڪا، فرانس، جـرمنـي، پئرس، آسٽريليا، انگلنڊ ۽ هندستان ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ محمد ابراهيم فقير پڻ شاھہ جو راڳ ڳائيندو هو، جيڪو ڦوھہ جوانيءَ ۾ 2011ع ۾ وفات ڪري ويو.
گل محمد فقير لڳ ڀڳ شاھہ جا سڀئي سر آلاپيندڙ راڳي آهي.
منٺار فقير جوڻيجو: شاھہ لطيف جي هن راڳيءَ جو اصل نالو فقير رسول ڏنو ولد محمد سليمان جوڻيجو آهي، جنهن جو جنم 12 نومبـر 1964ع تـي ڳوٺ وسـي مـراد شـاھہ ضلـعـي مـٽـيـاريِءَ ۾ ٿيـو. شـاھہ جي راڳ جي سکيا فقير گل محمد پهوڙ کان وٺڻ بعد سن 1979ع کان درگـاھہ تـي باقاعدگيءَ سان راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت سومر جي ڏينهن ٻئي پھر ۾ درگاھہ تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو. شاھہ جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ پڻ اٿس.
فقير محمد جمن: شاھہ جي هن جهوني راڳي جو تعلق ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (ضلعي مٽياريءَ) سان آهي، سندس جنم 1957ع ۾ نهال فقير لنجواڻيءَ جي گهر ٿيو. شاھہ جي راڳ جي سکيا نالي واري شاعر ۽ شاھہ جي راڳي فقير قربان آزاد لنجواڻي کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1975ع کان هن وقت تائين درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
دائم فقير نظاماڻي: شاھہ جو راڳي دائم فقير ولد لعل محمد نظاماڻي، 1953ع ڌاري تعلقي هالا جي ڳوٺ جمال خان نظاماڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. دائم فقير نظاماڻيءَ، شاھہ جو راڳ 22 سالن جي ڄمار کان ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جي سکيا مرحوم جان محمد نظاماڻيءَ کان حاصل ڪيائين. شاھہ جي راڳ جي حوالي سان مختيار فقير سنديلي جي سُنگ سان هر اڱاري ڏينهن منجهند جو شاھہ سائينءَ جي درگاھہ جي هي فقير حاضري ڀريندو آهي. ان سنگ ۾ دائم فقير سميت شاھہ جا 6 راڳي حاضري ڀريندا آهن.
استاد جڙيل فقير لنجواڻي: شاھہ جي هن نالي واري فقير جو تعلق ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (ضلعي مٽياريءَ) سان آهي. سندس پيدائش جلال فقير لنجواڻيءَ جي گهر سال 1946ع ۾ ٿي. شاھہ جي راڳ جي باقاعدي سکيا پنھنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1959ع کان مسلسل درگاھہ تي شاھہ جو راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت ڇنڇر جي سڄي ڏينهن تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو. جڙيل فقير پنھنجي فن جو مظاهرو پاڪستان کان ٻاهر آمريڪا، فرانس، جرمني، تُرڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪري چڪو آهي. سندس تربيت هيٺ چاليھہ کان وڌيڪ شاگرد شاھہ جي راڳ جي سکيا حاصل ڪري چڪا آهن. پاڻ شاھہ جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ رکي ٿو.
محمد رحيم شاهاڻي: شاھہ جو راڳي محمد رحيم ولد لعل محمد شاهاڻي 1951ع ڌاري ضلعي سانگهڙ، تعلقي ٽنڊي آدم جي ڳوٺ احمد خان شاهاڻيءَ ۾ جنم ورتو. هي فقير 30 سالن جي ڄمار کان شاھہ جي درگاھہ تي شاھہ جو راڳ ڳائي رهيو آهي ۽ هر اڱاري جي ڏينهن مختار فقير سنديلي جي سُنگ سان درگاھہ تي حاضري ڀريندو آهي.
راڻو فقير جوڻيجو: شاھہ سائينءَ جو راڳي راڻو فقير ولد الھورايو جوڻيجو، 1958ع ۾ پيدا ٿيو. هي فقير 20 سالن جي ڄمار کان راڳ سان لاڳاپيل آهي. شاھہ جي راڳ جي سکيا هن استاد فقير گل محمد پهوڙ کان حاصل ڪئي. راڻو فقير، هر ڇنڇر جي ڏينهن آچر جي رات تي فقير گل محمد خاصخيليءَ جي سنگ سان شاھہ سائينءَ جي درگاھہ تي راڳ ڳائي حاضري ڀريندو آهي. هي فقير شاھہ سائينءَ جي راڳ کي ملڪ سميت دنيا جي ٻين ملڪن: انگلئنڊ، جرمني، هالئنڊ ۽ آسٽريليا ۾ ڳائي چڪو آهي. سندس ٻہ ننڍا ڀائر فقير ربڏنو جوڻيجو ۽ منٺار فقير جوڻيجو پڻ شاھہ جي راڳ ۾ حصو وٺي سُر ۽ داستان ڳائي رهيا آهن. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر کانپوءِ سندن چوٿين خليفي ميين اسماعيل جوڻيجي جي دور کان
راڻي فقير ۽ سندس ڀائرن کي شاھہ جي راڳ جي ونڊ مليل آهي، جڏهن تہ تمر فقير وٽان پڻ جوڻيجن فقيرن کي شاھہ جي راڳ جو ڪافي بُخرو حاصل ٿيو.
قربان علي کوسو: قربان علي ولد محمد اسماعيل کوسو، شاھہ جي راڳ جو سٺو راڳي آهي. سندس جنم 1968ع ڌاري نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. شاھہ سائينءَ جي راڳ ڳائڻ جي عشق ۾ 1975ع ڌاري، 7 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي لطيفي درگاھہ تي آيو ۽ مرحوم فقير محمد عرس ساند کان شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتائين. قربان علي کوسو هن وقت سيد سجاد شاھہ جي سنگ سان لطيفي راڳ آلاپيندو آهي ۽ هر خميس جي ڏينهن صبح کان شام تائين درگاھہ تي راڳ آلاپي حاضري ڀريندو آهي. قربان علي کوسو، مهراڻ ٽي. ويءَ تي نشر ٿيندڙ پروگرام ‘شاھہ جو راڳ’ ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
انور علي خاصخيلي: نامور لطيفي راڳي فقير انور علي ولد ٺارو فقير خاصخيلي، 1968ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ ڄائو. هن شاھہ جي راڳ جي سکيا فقير گل محمد خاصخيليءَ کان حاصل ڪئي. انور عليءَ جي خاندان جا وڏڙا شاھہ عبداللطيف جي وقت جا راڳي هئا. ان دور کان پوءِ نسل در نسل شاھہ جي راڳ جو هنر سندن خاندان کي نصيب ٿيندو آيو آهي. انور علي پنھنجي استاد گل محمد فقير جي اڳواڻيءَ ۾ هر ڇنڇر جي ڏينهن لطيفي راڳ آلاپي درگاھہ جي حاضري ڀريندو آهي، جنهن سنگ ۾ جملي ست فقير شامل هوندا آهن. انور علي لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ شاھہ جي راڳيءَ جي حيثيت سان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سندس پسند جا راڳ راڻو ۽ مارئي آهن. هي فقير شاھہ جو راڳ انتهائي شوق ۽ عقيدت ۾ آلاپيندو آهي.
جـواڻ فـقيـر ڇڄـڙو: شاھہ سـائيـنءَ جي جهـوني راڳـي جـواڻ فـقيـر ولد واحد بخش ڇڄڙي، 1944ع ڌاري ڳوٺ گاهي خان ڇڄڙي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. شاھہ سائينءَ جي راڳ جي سکيا استاد جڙيل فقير لنجواڻيءَ کان حاصل ڪيائين. هي فقير 20 سالن جي عمر کان شاھہ سائينءَ جي راڳ سان سلهاڙيو اچي. هن کان اڳ سندس والد شاھہ جو راڳ آلاپيندو هو، جنهن پنھنجي فرزند تائين لطيفي راڳ جو فن منتقل ڪيو. جواڻ فقير هر اڱاري جي ڏينهن، فقير قادر بخش خاصخيليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ شاھہ لطيف جي درگاھہ جي حاضري ڀريندو آهي. ان کان سواءِ لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد تائين شاھہ جا سُر آلاپي چڪو آهي.
فقير شاهنواز بڙدي: شاھہ سائينءَ جو راڳي فقير شاهنواز ولد مصري فقير بڙدي، 9 ڊسمبر 1972ع تي ڀٽ شاھہ ۾ ڄائو. شاھہ جي راڳ آلاپڻ جي سکيا شاھہ جي برک راڳي سيد جمن شاھہ کان ورتائين. شاهنواز فقير 25 سالن جي ڄمار کان شاھہ جو راڳ آلاپيندو اچي ٿو. سندس والد مصري فقير بڙدي، لطيفي درگاھہ جو خدمتگار هو، جنهن پنھنجي پٽ کي شاھہ جي راڳ طرف مائل ڪيو. شاهنواز فقير، ‘بڙدي’ خاندان جو پهريون شاھہ جو راڳي آهي، هيءُ فقير جمن لنجواڻيءَ جي سنگ سان هر ڇنڇر جي ڏينهن لطيفي راڳ آلاپي، درگاھہ جي حاضري ڀريندو آهي.
فقير محمد اسماعيل مير جت: فقير محمد اسماعيل ولد فقير مير محمد ميرجت، پهرين فيبروي 1975ع تي ڀٽ شاھہ ۾ پيدا ٿيو، شاھہ جي راڳ جي گائڪي کيس ورثي ۾ ملي، سندس خاندان مان درک فقير ميرجت، شاھہ جو مهان راڳي ٿي گذريو آهي. فقير محمد اسماعيل 1998ع کان لاڳيتو شاھہ جي راڳ جي تعليم ورتي، شاھہ جي راڳ آلاپڻ ۾ سندس استاد سيد جمن شاھہ آهي. هن کي شاھہ سائينءَ جي 25 سُرن آلاپڻ تي خاص عبور حاصل آهي. اسماعيل فقير هر ڇنڇر جي شام جو گل محمد خاصخيليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ لطيفي درگاھہ جي حاضري ڀريندو آهي. فقير محمد اسماعيل مير جَت، سال 2002ع ۾ ڀارت جي دوري دوران دهلي، ممبئي ۽ جئپور ۾ سيد جمن شاھہ جي اڳواڻيءَ ۾ شاھہ جو راڳ آلاپي تاريخي داد حاصل ڪيو. کيس واپڊا ڊپارٽمينٽ ۾ سرڪاري ملازمت بہ آهي ۽ ريڊيو ڀٽ شاھہ تي لطيفي راڳ تي مشتمل پروگرام جي ڪمپئرنگ جا فرض پڻ انجام ڏئي رهيو آهي.
فقير خان محمد چانڊيو: شاھہ جي نامور راڳي فقير خان محمد ولد فقير مرحوم محمد عرس چانڊيي، 1945ع ڌاري ڳوٺ ڪڙيي گهنور، ديھہ دليل چانڊيي، تعلقي گولاڙچي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. خان محمد چانڊيو هن وقت شاھہ سائينءَ جي وڏن راڳين ۾خاص جاءِ والاري ٿو. شاھہ سائينءَ جي 36 سُرن مان خاص ڪري سُر گهاتو، کؤنرِي، وهاڳڙو ۽ سر شينهن ڪيڏارو آلاپجڻ ۾ نہ اچي سگهيا آهن. پر اُهي سُر شاھہ سائين جي گنج ۾ موجود آهن. اهڙيءَ طرح هن چئن سرن مان هڪ سر وهاڳڙو ڳايو آهي، جنهن کي راڳ جي شڪل سيد غلام حيدر شاھہ ڏني. جڏهن سيد غلام حيدر شاھہ، سُر وهاڳڙي جو چالو شاھہ سائينءَ جي راڳ مان ٺاهيو تہ پنھنجي واسطيدار ڪجهه فقيرن: فقير ﷲ بچايي تمراڻي، فقير قربان آزاد ۽ فقير محمد جڙيل لنجواڻيءَ کي سڏائي سُر وهاڳڙي جو آلاپ سمجهايو ۽ آخر ۾ نئين راڳيءَ طور فقير خان محمد کي گهرائي، اُن کي اهو آلاپ سمجهايائين ۽ هي راڳ وهاڳڙي کي آلاپڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ساڳيو سُـر رڪـارڊ پـڻ ڪـرايائيـن. فـقيـر خان محـمد چـانڊيـي، سيد غلام شاھہ ۽ غلام حيدر شاھہ کان سکيا ورتي. خان محمد چانڊيو مسلسل شاھہ جي راڳ جي آبياري ڪري رهيو آهي.
غلام اڪبر ملاح: شاھہ لطيف جو راڳي غلام اڪبر ولد خدا بخش ملاح 1991ع ۾ شاھہ جي نگري ڀٽ شاھہ ۾ ڄائو. غلام اڪبر ملاح 2005ع کان شاھہ جي راڳيءَ طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن شاھہ جي راڳ جي تربيت کٻڙ فقير سومري کان حاصل ڪئي. هي فقير سنڌ کان علاوہ ڀارت ۾ بہ شاھہ جو راڳ آلاپي چڪو آهي. کيس سُر سارنگ تي چڱي مهارت حاصل آهي. هي نوجوان راڳي شاھہ سائينءَ سان وڏي عقيدت ۽ احترام رکي ٿو. شاھہ جي راڳ سان سندس عشق جي حد تائين محبت آهي، پاڻ هڪ محنتي راڳي آهي.
فقير مير حسن تمراڻي: شاھہ جي ڪلام جو نامور راڳي فقير مير حسن ولد فقير محمد يوسف تمراڻي 1953ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو. سندس تعلق شاھہ سائينءَ جي حياتيءَ واري دور جي شاھہ سائينءَ جي خاص راڳي تمر فقير جي خاندان سان آهي. هي ڀٽائي صاحب جي مريد هجڻ سبب ننڍپڻ کان ئي شاھہ سائينءَ جي درگاھہ سان وابستہ رهيو. جيئن تہ درگاھہ تي سدائين لطيفي راڳ جاري رهي ٿو. هن 19 سالن جي عمر ۾ احمد فقير تمراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري شاھہ جي راڳ جي سکيا حاصل ڪئي. کيس شاھہ جي سرن سان گڏ شاھہ جي دنبوري تي بہ عبور حاصل آهي. شاھہ جي سڀني سُرن کي تمام سھڻي نموني پيش ڪندو آهي، پر سر سورٺ ۽ سر مارئيءَ تي دسترس حاصل اٿس. سڄيءَ سنڌ کان سواءِ ملڪ توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بہ شاھہ جو ڪلام ڳائي تمام گهڻي مڃتا ماڻي چڪو آهي. فقير مير حسن، جرمني، فرانس، اسپين ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ وڏن پروگرامن ۾ پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. هيءُ مختلف ريڊيو اسٽيشنن ۽ ٽي. وي چئنلن تي بہ ڪيترائي پروگرام ڪري چڪو آهي. فقير مير حسن تمراڻيءَ، 2010ع ۾ لطيف اوارڊ پڻ ماڻيو، ان کان سواءِ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر شاھہ جي سُرن تي ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪو آهي. ڪيترن ئي نون راڳين کي شاھہ جي سُرن جي سکيا ڏئي رهيو آهي. سندس ڪيترا شاگرد شاھہ جي سرن کي ڳائي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. فقير مير حسن؛ جمعي ۽ سومر جي رات، شاھہ جي درگاھہ تي راڳين جي اڳواڻي ڪندو آهي. هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (ضلعي مٽياريءَ) ۾ رهائش پذير آهي.
لياقت علي لنجواڻي: شاھہ سائينءَ جي ڪلام جي نامور راڳي لياقت علي ولد علي محمد لنجواڻيءَ، 1961ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. سندس خاندان شاھہ لطيف جو عقيدتمند رهيو آهي. هي پندرهن سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ [1976ع کان] شاھہ جي سُرن سان سلهاڙجي، فقير قربان علي لنجواڻيءَ کان شاھہ جي ڪلام ۽ سرن جي سکيا وٺڻ لڳو. پنھنجي استاد جي شفقت ۽ محبت سبب ٿوري ئي عرصي ۾ راڳ سان گڏ دنبوري جي بہ سٺي مهارت حاصل ڪري ورتائين. کيس شاھہ سائينءَ جي ڪيترن ئي سرن تي عبور حاصل آهي. لياقت علي لنجواڻي سڄي زندگي شاھہ جي درگاھہ ۽ راڳ سان لاڳاپيل رهيو آهي. شاھہ جي درگاھہ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ صوفياڻين محفلن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهي ٿو. پاڻ هر ڇنڇر رات شاھہ جي درگاھہ تي ٿيندڙ راڳ ۾ حاضري ڀريندو رهندو آهي. هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ فقير ڪيهر لنجواڻيءَ ۾ رهي ٿو ۽ شاھہ جي راڳ سان سلهاڙيو اچي ٿو.
رحيم ڏنو فقير: شاھہ جي راڳ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ راڳي رحيم فقير جو اصل نالو رحيم ڏنو ولد الھورايو جوڻيجو آهي. هن چوٿين جولاءِ 1974ع تي وسي مراد شاھہ (هاڻوڪي ضلعي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. شاھہ لطيف سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق ۾ 1986ع ڌاري ننڍي عمر ۾ ئي فقير گل محمد خاصخيليءَ جي شاگردي اختيار ڪري راڳ سکڻ لڳو. محنت ۽ شوق سان ٿوري ئي عرصي ۾ راڳ سان گڏ دنبوري تي بہ سٺي مهارت حاصل ڪري ورتائين. رحيم فقير، شاھہ جا تقريباً سڀئي سر سھڻي انداز ۾ پيش ڪندو آهي. رحيم فقير پي. ٽي. وي اسلام آباد، ڪوئيٽا، لاهور ۽ ڪراچيءَ سان گڏ جيو (Geo) ۽ ٻين ڪيترن ٽي. وي چئنلن تي شاھہ جي سرن جي حوالي سان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ آمريڪا، جرمني، آسٽريليا، پئرس، انگلنڊ، انڊيا، ناروي، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ شاھہ جو راڳ متعارف ڪرائي چڪو آهي. کيس فن جي مڃتا طور 2012ع ۾ شاھہ جي راڳيءَ جو لطيف اوارڊ مليو. ان کان سواءِ ورلڊ پرفارمنگ ميوزيڪل فيسٽيول اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي انعام ۽ سرٽيفيڪيٽ پڻ مليا اٿس. رحيم فقير، شاھہ جي راڳ جي ڪيترن ئي راڳين کي سکيا پڻ ڏني آهي. پاڻ جمعي جي صبح ۽ آچر جي رات، لطيف سائينءَ جي درگاھہ تي ڳائيندو آهي. هن وقت ڳوٺ وسي مراد شاھہ (ضلعي مٽياريءَ) ۾ رهائش پذير آهي.
فقير خير محمد ملاح: شاھہ جو راڳي خير محمد ولد فقير ڀلو ملاح، 1956ع ڌاري کاڻوٺ تعلقي هالا ۾ ڄائو. شاھہ سائينءَ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 1982ع ڌاري گلو فقير چنڊ وٽ راڳ سکڻ لاءِ ويٺو، جنهن جي شاگرديءَ ۾ رهي، شاھہ جي راڳ ۽ شاھہ جي دنبوري جي وڄت ۾ مهارت حاصل ڪيائين. کيس سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر سھڻي ۽ سر مارئيءَ کي سھڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو فن آهي. شاھہ سائينءَ جي درگاھہ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ صوفياڻين محفلن ۾ پڻ راڳ آلاپيندو رهي ٿو. درگاھہ تي راڳ جي محفل ۾ سندس ڳائڻ وارو ڏينهن اڱارو ۽ اربعا مقرر آهي.
فقير ڏنو ٿھيم: شاھہ جي ڪلام جي هن مقبول راڳيءَ جو اصل نالو قادر ڏنو ولد غلام محمد ٿھيم آهي. هن 1955ع ۾ ڀٽ شاھہ تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ راڳ سان دلچسپي رهي. اڳتي هلي 1982ع ڌاري فقير محمد يعقوب ٿھيم جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. راڳ سان گڏ دنبوري وڄائڻ ۾ پڻ مهارت حاصل ڪـيـائـين. شـاھہ سائيـنءَ جي داسـتانن مان خاص ڪري سر سهڻي، سر مارئي ۽ سر ڪيڏاري جي سٺي ڄاڻ اٿس. ڀٽائيءَ جي درگاھہ تي ڳائڻ کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائي ڪافي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. فقير ڏنو ٿھيم پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تان شاھہ جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. درگاھہ تي شاھہ جي راڳ جي ٿيندڙ روزاني محفلن ۾ جمعي جي ڏينهن ۽ ڇنڇر جي رات سر آلاپيندو آهي. هن وقت ڳوٺ محمود ٿھيم ضلعي مٽياريءَ ۾ رهائش پذير آهي.
فقير الھڏنو نظاماڻي: شاھہ جو راڳي فقير الھڏنو ولد فقير محمد نظاماڻي، 1954ع ڌاري ڳوٺ عارب نظاماڻي (تعلقي هالا) ۾ ڄائو. کيس شاھہ جو راڳ ورثي ۾ مليو. سندس خاندان ۾ نسل در نسل شاھہ جو راڳ هلندو پيو اچي. هن 1966ع ڌاري ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ سيد غلام شاھہ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس سر سھڻي ۽ سر مارئي سھڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڏانءُ هو. ان سان گڏ دنبورو پڻ مهارت سان وڄائيندو هو. هيءُ شاھہ سائينءَ جي درگاھہ تي حاضري ڀرڻ سان گڏ سڄيءَ سنڌ ۾ شاھہ سائينءَ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ بہ حصو وٺندو رهندو هو. پي. ٽي. وي ڪراچي ۽ مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان شاھہ جو راڳ آلاپيو هئائين. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفل جي خميس جي رات ۽ جمعي جي صبح واري راڳ جو اڳواڻ هو. ڪجهہ مهينا اڳ وفات ڪري ويو آهي.
فقير امام بخش خاصخيلي: شاھہ جي راڳي فقير امام بخش ولد کٻڙ فقير خاصخيليءَ، 1965ع ڌاري ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. سندس خاندان شاھہ جي راڳ سان وابستہ رهيو آهي. هن 1986ع ڌاري پنھنجي والد کان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، مختصر عرصي ۾ ذاتي شوق، محنت ۽ والد جي سرپرستيءَ ۾ شاھہ جي راڳ جي سٺي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. فقير امام بخش، شاھہ جي مختلف سرن تي دسترس رکي ٿو، کيس دنبوري وڄائڻ جو فن بہ آهي. پاڻ شاھہ سائينءَ جي درگاھہ جي صحن ۾ ڳائڻ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ شريڪ ٿي، پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هر سومر رات درگاھہ جي حاضري ڀريندو آهي. هن وقت ڀٽ شاھہ ۾ رهائش پذير آهي.
محرم فقير تمراڻي: شاھہ جي راڳي محرم علي ولد احمد فقير تمراڻيءَ، 1955ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. سندس خاندان، سندن وڏي تمر فقير جي زماني کان وٺي شاھہ جي راڳ سان واڳيل رهيو آهي. محرم فقير جو والد احمد فقير بہ شاھہ جو راڳي هو. هن جو خاندان نسل در نسل شاھہ جو راڳ ڳائيندو اچي ٿو. محرم فقير 1983ع ڌاري پنھنجي والد کان شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتي، کيس شاھہ جي راڳ جي قانون ۽ ڪجهه سرن جي سٺي پروڙ آهي. ان سان گڏ شاھہ جو دنبورو بہ مهارت سان وڄائيندو آهي. هي درگاھہ لطيف سان گڏ درگاھہ شاھہ ڪريم بلڙيءَ تي پڻ راڳ آلاپيندو آهي. خانداني طرح شاھہ سائينءَ جو مريد ۽ پنھنجي مرشد سان عقيدت رکندڙ آهي. درگاھہ شاھہ لطيف تي ٿيندڙ راڳ ۾ سومر ۽ جمعي جي رات وارن راڳين جي سٿ ۾ شامل آهي ۽ هن وقت ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهي ٿو.
فقير علي ڏنو تمراڻي: هن شاھہ جي راڳيءَ جو اصل نالو فقير علي حسن عرف علي ڏنو ولد فقير لائق ڏنو تمراڻي آهي. هن 1954ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. هي تمر فقير جي اولاد [تمراڻي خاندان] مان آهي. کيس شاھہ جو راڳ خانداني طرح ورثي ۾ مليل آهي. هن 1974ع ڌاري ميري فقير لنجواڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا ورتي. فقير علي ڏنو تمراڻي، سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر ڪاموڏ ۽ سر سهڻيءَ سان گڏ شاھہ سائين جو ايجاد ڪيل ساز دنبورو سھڻي نموني وڄائيندو ۽ آلاپيندو آهي. فقير علي ڏنو، درگاھہ شاھہ لطيف ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ وارين محفلن ۾ پڻ ڳائيندو رهي ٿو. هيءُ درگاھہ شاھہ لطيف تي ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ جمعي جي رات حصو وٺندو آهي، فقير علي ڏنو تمراڻي، پنھنجي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهي ٿو.
فقير يار محمد تمراڻي: شاھہ جو راڳي فقـيـر يار محـمد ولد فقيـر محمد عثمان تمراڻي، 1965ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (تعلقي هالا) ۾ ڄائو. سندس خاندان شاھہ لطيف جي خليفي تمر فقير کان وٺي سيني بہ سيني شاھہ جو راڳ آلاپيندو اچي ٿو. هن شاھہ سائينءَ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب پنھنجي خانداني روايت برقرار رکندي، 1990ع ڌاري پنھنجي خاندان جي راڳي، فقير مير حسن تمراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس شاھہ جي راڳ جي قانون، شاھہ جي ڪجهه سرن ۽ شاھہ جي ساز دنبوري جي وڄت جي سٺي ڄاڻ آهي. هي درگاھہ شاھہ لطيف کان سواءِ درگاھہ شاھہ ڪريم تي پڻ ڳائيندو آهي. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ سومر جي رات وارن شاھہ جي راڳين جي سٿ ۾ شامل آهي. پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهي ٿو.
فقير غلام عباس تمراڻي: شاھہ جي راڳي غلام عباس ولد فقير محمد رمضان تمراڻيءَ، 1971ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (تعلقي هالا) ۾ شاھہ جي راڳي تمراڻي گهراڻي ۾ جنم ورتو. شاھہ جو راڳ سندن خاندان ۾ نسل در نسل هلندو اچي. هن شاھہ سائينءَ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 1999ع ڌاري فقير مير حسن تمراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس شاھہ جي راڳ جي قانون، ڪجهه سرن ۽ شاھہ جي دنبوري وڄائڻ جي مهارت حاصل آهي.
فقير غلام عباس، درگاھہ لطيف تي هميشہ کان راڳ آلاپيندو رهي ٿو.
هي شاھہ لطيف جو مريد بہ آهي ۽ درگاھہ شاھہ لطيف تي ٿيندڙ راڳ ۾ سومر رات وارن راڳين ۾ شامل آهي. هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهي ٿو.
طالب تمراڻي: شاھہ جي راڳي طالب تمراڻيءَ جو اصل نالو طالب حسين ولد علي حسن عرف فقير علي ڏنو تمراڻي آهي. هن 8 فيبروري 1978ع تي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. هن کي بہ شاھہ جو راڳ خانداني طور ورثي ۾ مليو. هن 1999ع ڌاري فقير رسول بخش جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس سر سهڻي، سرسسئي، سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر مارئيءَ جي ڳائڻ جي قاعدن کان علاوہ شاھہ جي راڳ جي قانون ۽ شاھہ جي ساز دنبوري جي وڄت جي چڱيءَ ريت پروڙ آهي. طالب تمراڻي، شاھہ لطيف جي درگاھہ جي صحن ۾ راڳ آلاپيندو رهندو آهي. درگاھہ جي صحن ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ وارين محفلن ۾ جمعي جي رات وارن راڳين ۾ شامل آهي. هن وقت پنھنجي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي.
فقير سائين بخش نظاماڻي: شاھہ جي راڳي سائين بخش ولد خان فقير نظاماڻيءَ، 1961ع ڌاري ڳوٺ علي محمد نظاماڻيءَ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. ويهن سالن جي ڄمار ۾ 1981ع ڌاري شاھہ جي راڳ جي شوق ۾ فقير ﷲ ڏني جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. کيس ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، ڪاموڏ، ڏهر، بلاول ۽ مارئي سُرن کان سواءِ شاھہ جي راڳ جي قانون ۽ شاھہ جي ساز دنبوري جي وڄت جي سٺي ڄاڻ اٿس. هي فقير درگاھہ شاھہ لطيف کان سواءِ درگاھہ شاھہ ڪريم تي پڻ ڳائيندو رهي ٿو. لطيف جي فڪر سان گهڻي عقيدت رکي ٿو. راڳ جي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اڃا بہ سکيا وٺي رهيو آهي. درگاھہ تي ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفل جي جمعي جي رات ۽ آچر تي صبح جو حاضري ڀريندو آهي. هن وقت پنھنجي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي.
فقير غلام محمد تمراڻي: شـاھہ جي راڳـي فقير غلام محـمـد ولد الھبچايو تمراڻيءَ، 27 جولاءِ 1959ع تي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ شاھہ جي راڳين جي حوالي سان گهڻو مشھور آهي. هن شاھہ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 1994ع ڌاري فقير رسول بخش تمراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس شاھہ سائينءَ جي سُرن مان سر ڪلياڻ، سر سهڻي، سر مارئي، سر سسئي، سر ڪيڏاري تي عبور آهي. هن کي شاھہ جي راڳ جي قانون ۽ شاھہ جي ساز دنبوري جي وڄت تي بہ عبور آهي. هي درگاھہ شاھہ لطيف ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو. هر جمعي جي رات درگاھہ تي حاضري ڀري راڳ آلاپيندو آهي.
قادن فقير خاصخيلي: شاھہ جي راڳي قادن فقير جو اصل نالو قادر بخش ولد ڪارو فقير خاصخيلي آهي. هن ڇهين جولاءِ 1958ع تي ڀٽ شاھہ، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي شاھہ جي راڳ ۾ دلچسپي رهي آهي. هن 1975ع ڌاري کٻڙ فقير خاصخيليءَ جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا حاصل ڪئي. استاد جي شفقت ۽ محنت سان شاھہ جي سڀني داستانن ۽ راڳ جي قانون جي سکيا وٺڻ بعد کيس
سر ڪلياڻ، سر سسئي، ۽ سر راڻي جي گائڪيءَ تي خاص عبور حاصل ٿيو. هيءُ دنبورو بہ پوري قاعدي ۽ قانون سان وڄائي ڄاڻي ٿو. قادن فقير بي. بي. سي لنڊن، پاڪستان ٽيليويزن لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد، ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ ريڊيو جي ڪيترين ئي اسٽيشنن جي پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺي چڪو آهي. هي فقير ملڪ کان ٻاهر جرمني، آسٽريليا، هالئنڊ ۽ انڊيا جا پڻ دورا ڪري چڪو آهي، جتي کيس تمام گهڻي موٽ (response) ملي. شاھہ جي راڳ جي ادائيگيءَ تي کيس ٻاهرين ملڪن مان بہ اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا آهن. سنڌ ۾ کيس 2005ع ۾ لطيف اوارڊ مليو. ان کان سواءِ ڪيترائي اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. کيس سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر شاھہ جي راڳ جي حوالي سان تمام گهڻي شھرت ملي آهي. هن ڪيترن ئي شاگردن کي راڳ جي سکيا پڻ ڏني آهي. قادن فقير، درگاھہ شاھہ لطيف تي ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ اربعا جي رات جو راڳ جي اڳواڻي ڪندو آهي ۽ جمعي رات پڻ درگاھہ تي حاضري ڀريندو آهي. هن وقت پير محلي ڀٽ شاھہ ۾ رهي ٿو.
فـقـيـر غـلام محمـد نظـاماڻي: شـاھہ جو راڳـي غلام محمد ولد فقير
موسو خان نظاماڻي، 1965ع ڌاري ڳوٺ حيات نظاماڻي (ضلعي مٽياريءَ) ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان شاھہ جي راڳ ۾ دلچسپي رهي آهي. 1988ع ڌاري شاھہ جي راڳ جي شوق سبب الهڏني نظاماڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتائين. هي فقير شاھہ جي سمورن سرن جي گهڻي ڄاڻ رکي ٿو، پر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سورٺ ۽ مارئيءَ تي خاص عبور اٿس. راڳ جي قانون ۽ دنبوري جي وڄت جي قانونن جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. درگاھہ لطيف ۽ درگاھہ شاھہ ڪريم کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ پڻ ڳائيندو رهي ٿو. پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي ٻين فقيرن سان گڏ پروگرام ڪندو رهيو آهي. ريڊيو اسٽيشن ڀٽ شاھہ تي پڻ پروگرام ڪري چڪو آهي. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ ۾ خميس جي رات جو ۽ آچر جي صبح جو حاضري ڀريندو آهي.
فقير ناظم علي لنجواڻي: شاھہ جي صحن جي راڳي فقير ناظم علي ولد عزت خان لنجواڻيءَ، 23 جنوري 1992ع تي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. شاھہ جي درگاھہ تي راڳ ٻڌي، کيس بہ شاھہ جو راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڏهن سالن جي عمر ۾ شاھہ جي راڳي قادر بخش خاصخيليءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. ٿوري ئي عرصي ۾ پنھنجي محنت ۽ دلي لڳاءَ سان شاھہ جي مختلف سرن ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سھڻي ۽ مارئي نهايت سھڻي انداز م پيش ڪندو آهي. کيس دنبوري وڄائڻ جي بہ سٺي ڄاڻ حاصل آهي. هيءُ شاھہ سائينءَ جي درگاھہ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ شاھہ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ بہ شريڪ ٿي، شاھہ جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. فقير ناظم علي لنجواڻي، شاھہ جي اڱڻ تي اڱاري جي ڏينهن ۽ اربعا جي رات حاضري ڀريندو آهي.
فقير معشوق علي ملوکاڻي: شاھہ جي راڳي فقير معشوق علي ولد فقير محمد حسن ملوکاڻيءَ، 1987ع ڌاري شھر ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. شاھہ سائينءَ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق ۾ 2004ع ڌاري سيد ذوالفقار علي شاھہ جي شاگردي اختيار ڪري، شاھہ جي راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. استاد جي شفقت ۽ پنھنجي محنت سان شاھہ جي ڪيترن ئي سرن جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي اٿس، گڏوگڏ شاھہ جي ساز دنبوري وڄائڻ جي پڻ سکيا ورتي اٿائين. هيءُ شاھہ سائينءَ جي درگاھہ کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاھہ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ پڻ شريڪ ٿي، شاھہ جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. راڳ جي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اڃا تائين سندس سکيا جو مرحلو جاري آهي. هيءُ شاھہ جي صحن ۾ آچر جي ڏينهن ۽ سومر جي رات جو حاضري ڀري راڳ آلاپيندو آهي.
فقير محمد اسلم شيخ: شاھہ جي راڳي فقير محمد اسلم ولد عبدالغفور شيخ، 13 اپريل 1982ع تي ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي شاھہ جو عقيدتمند رهيو آهي ۽ راڳ جي شوق ۾ 2004ع ڌاري شاھہ جي راڳي جڙيل فقير لنجواڻيءَ جي شاگردي حاصل ڪري، راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. کيس شاھہ جي راڳ سان گڏ دنبوري جي بہ سٺي ڄاڻ آهي. هيءُ شاھہ سائينءَ جي درگاھہ کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاھہ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿي شاھہ جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. شاھہ جي درگاھہ تي اڱاري جي ڏينهن صبح جو حاضري ڀري راڳ ڳائيندو آهي.
سيد ممتاز علي شاھہ: شاھہ جي راڳي سيد ممتاز علي شاھہ ولد سيد ڌڻي بخش شاھہ، 28 آڪٽوبر 1966ع تي ڳوٺ سيد وسي مراد شاھہ (ضلعي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان شاھہ جي راڳ سان عقيدت رهي آهي، ان شوق سبب 1986ع ڌاري فقير رسول ڏني عرف فقير منٺار علي جوڻيجي کان شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتائين. کيس شاھہ جي مختلف سرن تي ڄاڻ هجڻ سبب شاھہ سائينءَ جي دنبوري جي پڻ ڄاڻ آهي. هيءُ شاھہ سائينءَ جي درگاھہ کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاھہ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿي، شاھہ جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. شاھہ سائينءَ جي درگاھہ تي آچر جي صبح جو ۽ سومر جي رات حاضري ڀري راڳ ڳائيندو آهي.
پير بخش ٿھيم: شاھہ سائينءَ جي راڳي پير بخش ولد ﷲ بخش ٿهيمَ، 1954ع ڌاري ڳوٺ محمود ٿھيم (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. شاھہ سائينءَ سان عقيدت سبب کيس راڳ جو شوق پيدا ٿيو، 1974ع ڌاري استاد يعقوب ٿھيم جي شاگردي اختيار ڪري، شاھہ جي راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪيائين. کيس شاھہ جي مختلف سرن تي ڄاڻ رکڻ سبب شاھہ سائينءَ جي دنبوري تي بہ مهارت رکي ٿو. هيءُ شاھہ سائين جي درگاھہ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ شاھہ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿي شاھہ جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. شاھہ سائينءَ جي درگاھہ تي ڇنڇر جي صبح جو ۽ آچر جي رات حاضري ڀري راڳ ڳائيندو رهي ٿو.
سيد ماجد علي شاھہ: شاھہ جي ڪلام جي نوجوان راڳي سيد ماجد علي ولد سيد يار محمد شاھہ، 1990ع ۾ ڀٽ شاھہ ۾ جنم ورتو. شاھہ سائينءَ جي عقيدت ۽ راڳ جي شوق ۾ 2004ع ۾ فقير جڙيل لنجوانيءَ جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا ورتائين. استاد جي شفقت ۽ ذاتي محنت سبب مختصر عرصي ۾ شاھہ جي سُرن جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. هي سر ڪلياڻ، سر ڪيڏارو ۽ سر ڪاموڏ سھڻي نموني پيش ڪندو آهي. ان کان سواءِ شاھہ جو دنبور وڄائڻ بہ سکيو. سڄيءَ سنڌ ۾ منعقد ٿيندڙ صوفياڻين محفلن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. پاڻ شاھہ جي درگاھہ تي اڱاري تي صبح جو ڳائيندڙ فقيرن جي ٽولي ۾ شامل آهي. سيد ماجد علي شاھہ هن وقت ڀٽ شاھہ ۾ رهائش پذير آهي ۽ اڃا سندس سکيا جو مرحلو جاري آهي.
منور علي لنجواڻي: شاھہ جي ڪلام جي نوجوان راڳي منور علي ولد فقير خان محمد لنجواڻيءَ، 1992ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. سندس والد خان محمد لنجواڻي، شاھہ لطيف جي درگاھہ جي صحن جو راڳي هو، جنهنڪري هن کي راڳ ورثي ۾ مليو. هن 2007ع ڌاري راڳ جي سکيا پنھنجي والد کان وٺڻ شروع ڪئي، مختصر عرصي ۾ راڳ سان گڏ شاھہ جو دنبورو وڄائڻ بہ سکي ورتائين. کيس شاھہ جي داستان سر سسئي، سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ سھڻي نموني پيش ڪرڻ جو فن آهي. هي فقير شاھہ سائينءَ جي اڱڻ تي ڳائڻ کان سواءِ سنڌ جي ٻين درگاهن توڙي عام محفلن ۾ شريڪ ٿي پنهنجا سر آلاپيندو رهي ٿو. هيءُ اڱاري رات درگاھہ تي راڳ ڳائيندڙ راڳين ۾ شمار آهي. هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
سيد فقير اعجاز حسين شاھہ: شاھہ جي راڳيءَ سيد اعجاز حسين شاھہ ولد سيد غلام شاھہ، پهرين آڪٽوبر 1971ع تي ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. ننڍي عمر ۾ ئي شاھہ جي راڳ سان دلچسپي هئس، ان ڪري 1992ع ڌاري شاھہ جي راڳ سکڻ جي شوق ۾ استاد جڙيل فقير لنجواڻيءَ جو شاگرد ٿيو. هن راڳ سان گڏ دنبوري وڄائڻ جي بہ سکيا ورتي. شاھہ جي راڳ جي قانون پٽاندر سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سر رامڪلي ۽ سر مارئيءَ جي چڱي ڄاڻ رکي ٿو، ان سان گڏ شاھہ جي تار اسٿائي انگ واري روپ کي بہ چڱيءَ طرح آلاپيندو آهي. هي درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ڳائڻ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو.
فقير امام بخش ڀنگوار: شاھہ جي راڳيءَ فقير امام بخش ولد واحد بخش ڀنگوار، پهرين جنوري 1955ع تي ڪشمور ۾ جنم ورتو. شروع کان ئي شاھہ سائينءَ سان عقيدت رکندو هو ۽ شاھہ جي ڪلام سان گهرو لڳاءُ هئس. جوانيءَ کان وٺي شاھہ جو راڳ آلاپيندو هو، پر شاھہ جي راڳ ۽ دنبوري جي باقاعدي سکيا 2006ع کان سيد عطا حسين شاھہ کان ورتائين. شاھہ جي راڳ جي قانون هيٺ سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر رپ، سر کاهوڙي ۽ سر مارئيءَ جي چڱي ڄاڻ رکي ٿو. شاھہ جي راڳ کي اسٿائي انگ ۾ چڱي نموني آلاپيندو آهي. شاھہ ڪريم جي درگاھہ تي بہ راڳ ڳائي ٿو. ان کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ پڻ ڳائيندو رهي ٿو. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ دستوري راڳ جي محفلن ۾ اربعا رات وارن راڳين جي سٿ ۾ شامل آهي. هي ڪيترن راڳين کي راڳ جي سکيا ڏئي چڪو آهي.سيد عطا حسين شاھہ: شاھہ جي راڳيءَ سيد عطا حسين شاھہ ولد سيد غلام شاھہ، ڀٽ شاھہ (ضلعي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. شاھہ جي راڳ سان سندس خانداني تعلق رهيو آهي. هن 1982ع کان استاد جڙيل فقير لنجواڻيءَ ۽ پوءِ گل محمد خاصخيليءَ کان شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتي. شاھہ جي راڳ سان گڏ شاھہ جي دنبوري وڄائڻ جي پڻ سکيا ورتائين. هي شاھہ جي راڳ جي قانون ۽ شاھہ جي سرن سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات ۽ سر ڪاموڏ جي ڳائڻ واري انداز کان چڱيءَ ريت واقف آهي. سيد عطا حسين شاھہ وائي تمام سٺي آلاپيندو آهي. درگاھہ شاھہ لطيف ۽ درگاھہ شاھہ ڪريم کان سواءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو. هن ڪيترن سيکڙاٽ راڳين کي شاھہ جي راڳ جي سکيا ڏني آهي. سندس شاگردن مان فقير امام بخش ڀنگوار اهم آهي.
سيد سجاد حسين شاھہ: شاھہ جي راڳي سيد سجاد حسين شاھہ ولد سيد مهدي شاھہ 1975ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ جنم ورتو. درگاھہ شاھہ لطيف سان عقيدت ۽ شاھہ جي راڳ جي شوق سبب 2002ع ڌاري شاھہ جي نامور راڳي سيد جمن شاھہ کان ۽ پوءِ خان محمد لنجواڻيءَ کان شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتائين. کيس شاھہ جي راڳ جي قانون ۽ سرن جي چڱي ڄاڻ آهي. شاھہ جو دنبورو چڱي انداز ۾ وڄائيندو آهي. درگاھہ شاھہ لطيف کان سواءِ سنڌ توڙي پنجاب ۾ منعقد ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائي چڪو آهي. کيس لاهور ۾ ورلڊ پرفارمنس [2004ع] دوران اوارڊ پڻ مليو. درگاھہ شاھہ لطيف تي راڳ جي محفلن ۾ عقيدت طور حاضري ڀريندو رهي ٿو.
فقير عاشق حسين شاھہ: شاھہ جي راڳيءَ فقير عاشق حسين شاھہ ولد سيد نور محمد شاھہ 1956ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ جنم ورتو. کيس شاھہ جو راڳ ورثي ۾ مليو. سندس والد شاھہ جي راڳ جو ڄاڻو هو. هن 1980ع ڌاري استاد جڙيل فقير لنجواڻيءَ جي رهنمائي حاصل ڪري، شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتي. راڳ سان گڏ شاھہ جي دنبوري وڄائڻ جي پڻ سکيا ورتائين. هيءُ شاھہ جي سڀني سرن کي شاھہ جي راڳ جي قانون موجب چڱي نموني الاپي ٿو. هي فقير درگاھہ شاھہ لطيف تي ئي ڳائيندو آهي.
شھمير خاصخيلي: شاھہ جي راڳي شھمير ولد ميڙائو خاصخيليءَ، 1990ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي شاھہ جي راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. 2011ع ڌاري صوف فقير خاصخيليءَ جي رهنمائيءَ ۾، شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتائين. ان سان گڏ شاھہ جو دنبورو پڻ وڄائڻ لڳو. لاڳيتو هڪ سال جي محنت سان شاھہ جي مختلف سرن ۽ شاھہ جي راڳ جي قانون جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو ۽ شاھہ جي راڳ جي سکيا پڻ حاصل ڪري رهيو آهي.
سهراب علي خاصخيلي: شاھہ جي راڳي سهراب علي خاصخيلي ولد فقير قادر بخش خاصخيلي، 1985ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ جنم ورتو. کيس شاھہ جو راڳ ورثي ۾ مليو. سندس والد شاھہ جي سرن جو ڄاڻو ۽ بھترين راڳي رهيو آهي. سهراب علي خاصخيليءَ، شاھہ جي راڳ جي سکيا 2011ع ڌاري پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. هن راڳ سان گڏ دنبورو وڄائڻ پڻ سکيو. درگاھہ شاھہ لطيف ۽ ڀٽ شاھہ ۾ مقامي سطح تي ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي بہ شاھہ جو راڳ الاپي چڪو آهي. درگاھہ جي اڱڻ تي ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو.
فقير اختر حسين لنجواڻي: شاھہ جي نالي واري راڳي ۽ شاعر فقير قربان علي آزاد لنجواڻيءَ جي هن فرزند سال 1958ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. راڳ جي باقاعدي تربيت پنھنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1977ع کان درگاھہ تي راڳ ڪري رهيو آهي. هن وقت ڇنڇر جي رات جو درگاھہ تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پڻ شاھہ جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. شاھہ جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ رکي ٿو. فقير اختر حسين تعليم کاتي سان وابستہ پڻ آهي ۽ وڏي وقت کان هڪ استاد جي حيثيت ۾ شاگردن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي.
امام بخش ميرجت: شاھہ جي راڳيءَ امام بخش ولد جان محمد ميرجت 1988ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ جنم ورتو. ننڍ پڻ کان ئي شاھہ جي راڳ ۽ درگاھہ سان کيس انس رهيو آهي. شاھہ جي راڳ سکڻ جي شوق ۾ 2003ع ۾ شاھہ جي راڳي، استاد قادر بخش جي رهبريءَ ۾ راڳ جي سکيا ورتائين. راڳ سان گڏ دنبوري وڄائڻ ۾ پڻ چڱي مهارت رکي ٿو. شاھہ جي مختلف سرن ۽ شاھہ جي راڳ جي قانون متعلق چڱي واقفيت آهي. درگاھہ شاھہ لطيف ۽ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ شريڪ ٿي، شاھہ جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو.
شھمير سنگراسي: شاھہ جي راڳي شھمير ولد نواب سنگراسيءَ، 1983ع ڌاري تعلقي هالا جي ڳوٺ دائود سنگراسيءَ ۾ جنم ورتو. شاھہ لطيف سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 2010ع ڌاري استاد قادر بخش جي رهبريءَ ۾ شاھہ جي راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. هيءُ شاھہ جي مختلف سرن کي شاھہ جي راڳ جي قانون مطابق بهتر انداز ۾ آلاپيندو آهي. هن شاھہ جي دنبوري جي پڻ سکيا ورتل آهي. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ڳائڻ کان سواءِ مقامي سطح تي ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ پڻ ڳائيندو رهي ٿو.
نظام علي کوسو: شاھہ جو راڳي نظام علي ولد لکمير کوسو، 2 جولاءِ 1986ع تي ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ ڄائو. شاھہ لطيف سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 2011ع ڌاري قادر بخش خاصخيليءَ جي رهنمائيءَ ۾، شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتائين. هيءُ شاھہ جي مختلف سرن کي شاھہ جي راڳ جي قانون موجب آلاپي ٿو. ان سان گڏ شاھہ جو دنبورو پڻ چڱي نموني وڄائيندو آهي. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ بہ ڳائيندو آهي. اڃا سندس سکيا جو سلسو جاري آهي.
گل محمد خاصخيلي: شاھہ جي راڳي گل محمد ولد غلام محمد خاصخيليءَ، 1976ع ڌاري ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. شاھہ لطيف سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 2003ع ڌاري قادربخش خاصخيليءَ جي رهنمائيءَ ۾ شاھہ جي راڳ جي سکيا ورتائين. هيءُ شاھہ جي مختلف سُرن کي شاھہ جي راڳ جي قانون موجب آلاپي ٿو. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ بہ ڳائيندو آهي. اڃا سندس سکيا جو سلسو جاري آهي.
فقير ﷲ ڏنو ملاح: شاھہ جو راڳي فقير ﷲ ڏنو ولد جمعو فقير ملاح، 1959ع ڌاري ڀٽ شاھہ، تعلقي هالا ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي شاھہ جي راڳ سان دلچسپي رهي. ٻاويهن سالن جي ڄمار ۾ 1981ع ڌاري شاھہ جي راڳي گل محمد خاصخيلي جي رهنمائيءَ ۾، شاھہ جي راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. شاھہ جي مختلف سرن سان گڏ شاھہ جي دنبور وڄائڻ جي سکيا وٺڻ بعد شاھہ جي درگاھہ جي صحن ۾ ٻين راڳين سان گڏ شاھہ جو راڳ آلاپڻ لڳو. کيس شاھہ جي راڳ جي قانون جي چڱي ڄاڻ آهي. هي راڳي درگاھہ شاھہ لطيف کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو.
مرحوم فقير برڪت علي: شاھہ جي راڳي فقير برڪت علي ولد فقير مولا بخش خاصخيليءَ، پهرين جنوري 1965ع تي، ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. سندس خاندان جو شاھہ لطيف سان روحاني رشتو جڙيل آهي، ان نسبت سان کيس بہ شاھہ سائينءَ سان عقيدت ۽ شاھہ جي راڳ سان دلچسپي رهي آهي. هن 2004ع ڌاري سيد ذوالفقار علي شاھہ جي رهنمائيءَ ۾ شاھہ جي راڳ سان گڏ شاھہ جي دنبوري وڄائڻ جي پڻ سکيا حاصل ڪئي. کيس شاھہ جي مختلف سرن کي شاھہ جي راڳ واري قانون موجب ڳائڻ جي چڱي ڄاڻ حاصل آهي. هي درگاھہ شاھہ لطيف سان گڏوگڏ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ وارين محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو. شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ ۾ اربعا جي ڏينهن صبح جو راڳين واري سٿ ۾ شامل ٿي، شاھہ جو راڳ آلاپي حاضري ڀريندو آهي.
سيد گدا حسين شاھہ: شاھہ جي هن نوجوان راڳيءَ جو اصل نالو سيد علي ياور شاھہ آهي، جيڪو ڀٽائي ساداتن سان تعلق رکندڙ نالي واري شاعر ۽ شاھہ سائينءَ جي راڳ جي ڄاڻو سيد علي بخش شاھہ المعروف ناز لطيفيءَ جو فرزند آهي. سندس جنم ڀٽ شاھہ، تعلقي هالا ۾، 23 آڪٽوبر 1971ع تي ٿيو. راڳ جي باقاعدي سکيا شاھہ سائينءَ جي ناليواري راڳي سيد جمن شاھہ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1998ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت اڱاري جي رات ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو.
فقير گل محمد پهوڙ: شاھہ سائينءَ جو هي ناليوارو راڳي ڳوٺ وسي مراد شاھہ (تعلقي هالا) سان تعلق رکي ٿو. سندس جنم بلاول علي پهوڙ جي گهر سال 1952ع ۾ ٿيو. هن راڳ جي باقاعدي سکيا استاد الهڏني نظاماڻيءَ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1971ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. فقير گل محمد پهوڙ، شاھہ سائينءَ جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ رکي ٿو ۽ هن وقت اربعا جي سڄي ڏينهن تي درگاھہ تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي پڻ ڪري ٿو. راڳداريءَ ۾ سندس ڪيترائي شاگرد درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيا آهن.
فقير ڪامل ٿھيم: ڀٽائيءَ جي اڳڻ تي هر سومر جي رات راڳ ڪندڙ هي فقير، آچر فقير ٿھيم جو پُٽ آهي. هن 1950ع ۾ ڀٽ شاھہ ۾ ئي جنم ورتو ۽ ننڍي عمر کان ئي استاد يعقوب فقير ٿھيم وٽان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. سن 1969ع کان ڀٽائيءَ جي درگاھہ تي راڳ ڪري رهيو آهي.
فقير امام بخش خاصخيلي: هن فقير جو جنم بہ ڀٽ شاھہ ۾ ئي فقير کٻڙ خاصخيليءَ جي گهر سن 1964ع ۾ ٿيو. راڳ جي تربيت پنھنجي والد کان ئي حاصل ڪيائين ۽ ان بعد سن 1985ع کان درگاھہ تي مسلسل راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير غلام حيدر تمراڻي: شاھہ سائينءَ جي هن راڳيءَ جو جنم 30 جنوري 1971ع تي (تعلقي هالا) ۾ الهڏني فقير تمراڻيءَ جي گهر ٿيو. راڳ جي سکيا فقير ميرحسن تمراڻي ۽ ميهار فقير تمراڻيءَ کان ورتائين، جنهن بعد سال 2002ع کان درگاھہ شريف تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير غلام عباس رند: سن 1973ع ۾ شھدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ جنم وٺندڙ شاھہ سائينءَ جو هي راڳي، مصري فقير رند جو پٽ آهي. راڳ جي سکيا پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين ۽ سال 2001ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير امير علي: مير محمد لنجواڻيءَ جي هن فرزند جو تعلق پڻ ڳوٺ ڪيهر فقير فقير لنجواڻي ضلعي مٽياريءَ سان آهي. سن 2000ع ۾ جنم وٺندڙ شاھہ سائينءَ جو هي ننڍڙو راڳي، 12 ورهين جي عمر يعني سن 2012ع کان استاد جُڙيل فقير لنجواڻيءَ جي سکيا هيٺ درگاھہ تي ٿيندڙ راڳ ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو.
فقير صدر لنجواڻي: سن 1981ع ۾ جنم وٺندڙ شاھہ سائينءَ جو هي راڳي، فقير غلام علي لنجواڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن جو تعلق پڻ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي (تعلقي هالا) سان آهي. شاھہ جي راڳ جي سکيا فقير نادر لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سن 1997ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير دلاور: غلام نبي لنجواڻيءَ جي هن پُٽ ڳوٺ ڪيهر خان لنجواڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾، سن 2001ع ۾ جنم ورتو ۽ 11 سالن جي عمر، سن 2012ع کان استاد جُڙيل فقير لنجواڻيءَ جي سکيا هيٺ درگاھہ تي ٿيندڙ باقاعدي راڳ ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو.
فقير عبدالرزاق: شاھہ سائينءَ جي هن نوجوان راڳي خان محمد فقير جي گهر سال 1996ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي (هاڻوڪي ضلعي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. فقير قائم لنجواڻيءَ کان راڳ جي تربيت وٺڻ بعد سن 2009ع کان درگاھہ تي شاھہ سائينءَ جو راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير محمد سوڍڙو: شاھہ سائينءَ جو هي راڳي حاجي محمد امين سوڍڙي جو فرزند آهي، جنهن جو جنم 1947ع ۾ هالا نوان ۾ ٿيو. شاھہ سائينءَ جي راڳ جي سکيا فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1996ع کان درگاھہ تي راڳ ۾ شامل ٿيندو آهي.
سيد مير محمد شاھہ: شاھہ سائينءَ جي هن نوجوان راڳي سيد انيس الحسين شاھہ جي گهر، 19 جولاءِ 1986ع تي ڀٽ شاھہ ۾ جنم ورتو. راڳ جي سکيا سيد جمن شاھہ لطيفيءَ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 2007ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير سيد بھزاد شاھہ: شاھہ جي راڳ سان وابستہ هن نوجوان راڳيءَ، ڀٽ شاھہ ۾، سيد نور محمد شاھہ جي گهر، سال 1975ع ۾ جنم ورتو. شاھہ سائينءَ جي راڳ جي باقاعدي سکيا سيد جمن شاھہ لطيفيءَ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 2001ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير ربڏنو جوڻيجو: سن 1969ع ۾ ﷲ ورايو جوڻيجي جي گهر ڳوٺ وسي مراد شاھہ، تعلقي هالا ۾ جنم وٺندڙ هي راڳي، راڳ جي مڪمل سکيا فقير گل محمد پهوڙ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1984ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
سيد ذوالفقار علي شاھہ: سن 1960ع ۾ ڀٽ شاھہ، تعلقي هالا ۾ سيد نور محمد شاھہ جي گهر جنم ورتائين ۽ شاھہ جي راڳ جي سکيا استاد فقير جُڙيل لنجواڻيءَ کان حاصل ڪرڻ بعد 1983ع کان درگاھہ تي راڳ ڪري رهيو آهي. هن وقت اڱاري جي ڏينهن پهرئين پھر ۾ درگاھہ تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو. کيس شاھہ سائين جي راڳ جي چڱي ڄاڻ آهي. سندس ڪيترائي شاگرد پڻ درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيا آهن.
فقير سيد شفقت شاھہ: شاھہ جي راڳ سان وابستہ هن نوجوان راڳيءَ جـو جـنم سيد مُحسن رضا شاھہ جي گهر پهرين ڊسمبر 1998ع تي ڀٽ شاھہ، تعلقي هالا ۾ ٿيو. راڳ جي باقاعدي سکيا فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان حاصل ڪرڻ بعد 10 سالن جي عمر يعني 2008ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت اڱاري جي ڏينهن پهرين پھر ۾ درگاھہ تي ٿيندڙ راڳ ۾ سيد ذوالفقار علي شاھہ جي سُنگ ۾ شامل رهي، ڀٽائيءَ جو راڳ ڳائي ٿو ۽ پنھنجي سنگ سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تان پڻ شاھہ جو راڳ ڳائي چڪو آهي.
جابر علي لنجواڻي: شاھہ جي هن راڳيءَ جو اصل نالو فقير رحمت علي ولد نواب علي لنجواڻي آهي. سندس جنم ڀٽ شاھہ جي لڳ ڳوٺ ڪيهر لنجواڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾ سال 1996ع ۾ ٿيو. هن شاھہ جي راڳ جي باقاعدي سکيا استاد جُڙيل فقير لنجواڻيءَ کان حاصل ڪئي ۽ سال 2012ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت درگاھہ تي اڱاري جي ڏينهن پوئين پھر ۾ ٿيندڙ راڳ ۾ شامل ٿيندو آهي.
فـقيـر فـراز علي ملوکاڻـي: شاھہ جي راڳ سان وابستہ هن نوجوان راڳيءَ جو جنم لکاڏني ملوکاڻيءَ جي گهر سال 1992ع ۾ ڀٽ شاھہ ۾ ٿيو. شاھہ جي راڳ جي باقائدي سکيا فقير صوف خاصخيليءَ کان حاصل ڪرڻ بعد درگاھہ تي سال 2008ع کان راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير عنايت علي: هي فقير، شاھہ جي نالي واري راڳي فقير منٺار جوڻيجي جو فرزند آهي، جنهن جو جنم سال 1999ع ۾ ڳوٺ وسي مراد شاھہ، ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. راڳ جي تربيت پنھنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد 11 سالن جي عمر يعني سن 2010ع کان شاھہ لطيف جي درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير گلشير لنجواڻي: هن فقير جو تعلق پڻ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي (ضلعي مٽياريءَ) سان آهي. سندس ولادت نهال فقير لنجواڻيءَ جي گهر سن 1974ع ۾ ٿي. راڳ جي باقاعدي تربيت استاد قربان آزاد لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 1996ع کان شاھہ جو راڳ ڳائي رهيو آهي.
انور علي لنجواڻي: ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ سان تعلق رکندڙ هن نوجوان راڳي جو اصل نالو مختيار علي ولد خان محمد فقير لنجواڻي آهي. سندس پئدائش سال 1988ع ۾ ٿي راڳ جي تربيت فقير محمد جمن لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 2000ع کان راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير رسول بخش تمراڻي: شاھہ جي هن راڳي فقير احمد تمراڻيءَ جي گهر سال 1958ع ۾ ڳوٺ ميهار فقير، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. راڳ جي تربيت پنھنجي والد کان وٺڻ بعد سال 1974ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير سائين بخش نظاماڻي: شاھہ سائين جي هن راڳي محمد صديق نظاماڻيءَ جي گهر سال 1956ع ۾ ڳوٺ علي محمد نظاماڻيءَ، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. شاھہ جي راڳ جي سکيا فقير الهڏني نظاماڻيءَ کان حاصل ڪيائين. سال 1986ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آه
سوڀو فقير خاصخيلي: شاھہ جي هن راڳيءَ جو تعلق رُڪن ٻرڙا، ضلعي سانگهڙ سان آهي، جتي سندس پيدائش خليفي جان محمد خاصخيليءَ جي گهر ۾، سال 1966ع ۾ ٿي. راڳ جي باقاعدي سکيا الهڏني فقير نظاماڻيءَ کان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سال 1990ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير غلام قادر نظاماڻي: شاھہ جو هي راڳي فقير خدا بخش نظاماڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش سال 1969ع ۾ ڳوٺ غلام محمد نظاماڻيءَ، تعلقي هالا ۾ ٿي. هن شاھہ جي راڳ جي سکيا فقير الهڏني نظاماڻيءَ کان ورتي. هي سال 2000ع کان درگاھہ شاھہ لطيف تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير شاهنواز نظاماڻي: شاھہ جو هي راڳي ڳوٺ علي محمد نظاماڻي، تعلقي هالا ۾ فقير محمد ابراهيم نظاماڻيءَ جي گهر 1967ع ۾ پيدا ٿيو. راڳ جي تربيت فقير ﷲ ڏني نظاماڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 1987ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. کيس شاھہ جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ آهي.
فقير هوت خاصخيلي: ڀٽ شاھہ سان ئي تعلق رکندڙ شاھہ جي هن راڳي، فقير محمد علي خاصخيليءَ جي گهر سال 1986ع ۾ جنم ورتو. شاھہ جي راڳ جي باقاعدي تربيت فقير گل محمد خاصخيليءَ کان وٺڻ بعد سال 1987ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير ذوالفقار لنجواڻي: شاھہ جو هي نوجوان راڳي فقير قمبر لنجواڻيءَ جو فرزند آهي. جنهن جي پيدائش، 5 جولاءِ 1975ع تي ڀٽ شاھہ، تعلقي هالا ۾ ٿي. راڳ جي تربيت پنھنجي والد کان ئي حاصل ڪرڻ بعد سال 2005ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
خالق ڏنو لنجواڻي: شاھہ جو هي نوجوان راڳي جڙيل فقير لنجواڻيءَ جو فرزند آهي. جنهن جي پيدائش سال 1998ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي (تعلقي هالا) ۾ ٿي. شاھہ جي راڳ جي سکيا پنھنجي والد کان ئي حاصل ڪرڻ بعد سال 2011ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير آڳو پهوڙ: شاھہ جي هن راڳي حاجي قادر بخش پهوڙ جي گهر سال 1966ع ۾ ڀٽ شاھہ ۾ جنم ورتو. راڳ جي باقاعدي سکيا فقير گل محمد پهوڙ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1994ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير قائم علي لنجواڻي: ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (ضلعي مٽياريءَ) سان واسطو رکندڙ شاھہ جي هن راڳي قلندر بخش لنجواڻي جي گهر سال 1989ع ۾ جنم ورتو. راڳ جي باقائدي سکيا فقير لياقت علي لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 2009ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
مختيار فقير سنديلو: شاھہ جو هي راڳي فقير رحمت علي سنديلي جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش، پهرين جنوري 1976ع تي ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ ٿي. شاھہ جي راڳ جي باقاعدي سکيا جواڻ فقير ڇڄڙي کان وٺڻ بعد سال 1988ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير مهدي حسن: شاھہ جو هي نوجوان راڳي نادر فقير لنجواڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن سال 1983ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. راڳ جي تربيت استاد جڙيل فقير کان وٺڻ بعد سال 2008ع کان ڳائي رهيو آهي.
فقير رمز علي خاصخيلي: شاھہ جو هي نوجوان راڳي، کٻڙ فقير خاصخيليءَ جو شاگرد آهي، جنهن جي پيدائش 31 ڊسمبر 1983ع تي ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ امام بخش خاصخيليءَ جي گهر ۾ ٿي. سال 2000ع کان شاھہ جو راڳ ڳائيندو ٿو اچي.
فقير وريام خاصخيلي: شاھہ جو هي نوجوان راڳي سيد جمن شاھہ جو شاگرد آهي. سندس جنم 10 آگسٽ 1976ع تي ڇُٽي خاصخيليءَ جي گهر ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ ٿيو. سال 1999ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هي راڳي پاڪستان ٽيليوزن ڪراچيءَ تان پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
لال محمد فقير: شاھہ جي هن نوجوان راڳيءَ جو اصل نالو صوف فقير ولد محرم فقير خاصخيلي آهي. سندس پيدائش پهرين مئي 1972ع تي ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾ ٿي. راڳيءَ جي سکيا سيد جمن شاھہ کان وٺڻ بعد سال 1998ع کان شاھہ جو راڳ ڳائي رهيو آهي. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي ۽ لاهور سينٽر تان پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
فقير مدد علي مير جت: شاھہ جو هي نوجوان راڳي، مير محمد ميرجت جو پُٽ آهي، جنهن جي پيدائش سال 1995ع ۾ ڀٽ شاھہ، تعلقي هالا ۾ ٿي. راڳ جي سکيا فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان ورتائين ۽ ڏهن سالن جي عمر يعني 2005ع کان درگاھہ شاھہ لطيف تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير ڍول نظاماڻي: هي نوجوان شاھہ جي راڳي سائين بخش نظاماڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش ڳوٺ حيات نظاماڻي (ضلعي مٽياريءَ) ۾، سال 1971ع ۾ ٿي. شاھہ جي راڳ جي سکيا پنھنجي والد جي استاد فقير الهڏني نظاماڻيءَ کان وٺڻ بعد 1993ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير سائين بخش نظاماڻي: شاھہ جي راڳي ﷲ ڏني فقير نظاماڻيءَ جو هي شاگرد، ان فقير نظاماڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش سال 1961ع ڳوٺ علي محمد نظاماڻي (تعلقي هالا) ۾ ٿي. هي فقير سال 1984ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير قمبر جلالاڻي: ڳوٺ نظر جلالاڻي (تعلقي هالا) سان تعلق رکندڙ شاھہ جي هن راڳي ربڏني فقير جلالاڻيءَ جي گهر سال 1963ع ۾ جنم ورتو. شاھہ جي راڳ جي سکيا استاد الهڏني نظاماڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 1985ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. کيس راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ آهي.
بشارت علي: شاھہ جو هي نوجوان راڳي واحد بخش لنجواڻيءَ جي گهر ۾، ڀٽ شاھہ (تعلقي هالا) ۾، 1978ع ۾ پيدا ٿيو. شاھہ جي راڳ جي سکيا فقير خان محمد لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 1997ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. بشارت علي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ملڪ کان ٻاهر برازيل ۾ پڻ شاھہ جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. هن وقت شاھہ جو هي راڳي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ذميوار استاد جي حيثيت سان نوڪري ڪري رهيو آهي.
فقير حاجن نظاماڻي: شاھہ جو هي نوجوان راڳي فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ جو فرزند آهي. جنهن جي پيدائش 15 فيبروري سال 1979ع ۾ ڳوٺ غلام حيدر نظاماڻي (تعلقي هالا) ۾ ٿي. راڳ جي سکيا فقير الهڏني نظاماڻيءَ کان وٺڻ بعد 10 سالن جي عمر يعني سال 1989ع کان درگاھہ تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هي نوجوان شاھہ لطيف جي راڳ ۽ تصوف ۾ گهڻي دلچسپي رکي ٿو.
انتظار حسين: شاھہ جو هي نوجوان راڳي فقير گل محمد خاصخيليءَ جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش 25 جولاءِ 1989 تي ڀٽ شاھہ ۾ ٿي. راڳ جي باقاعدي سکيا پنھنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد سال 20013ع کان درگاھہ شاھہ لطيف تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
شاھہ سائينءَ جي درگاھہ تي سوين سالن کان شاھہ جو راڳ هلي رهيو آهي. هن وقت تائين لاتعداد راڳي پنھنجي حاضري ڀريندا رهيا آهن. هيٺ وفات ڪري ويل شاھہ جي راڳين جي هڪ مختصر فهرست شامل ڪجي ٿي:
مراد فقير ٻگهيو
ڪيهر فقير لنجواڻي
ﷲ بچايو فقير لنجواڻي
مير محمد فقير لنجواڻي
غلام محمد فقير لنجواڻي
سکيو فقير لنجواڻي
فقير غلام رسول لنجواڻي
دلاور عرف دلو فقير لنجواڻي
تاجو فقير لنجواڻي
نادر فقير لنجواڻي
عزت عرف پوڙهو فقير لنجواڻي
فقير خان محمد لنجواڻي
فقير فضل لنجواڻي
جلال فقير لنجواڻي
محبت فقير لنجواڻي
نهال فقير لنجواڻي
ڪرم فقير لنجواڻي
فضل فقير ڇڄڙو
جمال فقير ملاح
محمد فقير خاصخيلي
فقير علي بخش مگسي
فقير مولا بخش خاصخيلي
ابراهيم فقير خاصخيلي
ابراهيم عرف ڏاڏل فقير خاصخيلي
سيد بچل شاھہ
سيد غلام شاھہ
سيد نور محمد شاھہ
سيد مير محمد شاھہ
سيد غلام حيدر شاھہ
سيد حسين شاھہ
برڪت فقير خاصخيلي
محرم فقير خاصخيلي
ﷲ ڏنو فقير خاصخيلي
قاسم فقير خاصخيلي
فقير عبدالڪريم ابڙو
فقير درکُ ميرجت
الياس فقير پنهور
صالح فقير ماڇي
فقير غلام حيدر نظاماڻي
فقير ﷲ ڏنو نظاماڻي
فقير شير لاکو
فقير عرس ساند
فقير قادر بخش سھتو
پِنيل فقير خاصخيلي
ميهار فقير تمراڻي
فقير لائق ڏنو تمراڻي
فقير ﷲ بچايو تمراڻي
فقير محمد تمراڻي
فقير علي بخش تمراڻي
فقير حسين بخش تمراڻي
فقير جان محمد تمراڻي
فقير احمد تمراڻي
فقير عبدالحسين تمراڻي
فقير حاجي سانوڻ جلالاڻي
فقير جان محمد نظاماڻي
فقير مصري رند
فقير مصري جلالاڻي
يوسف فقير ٻگهيو
عيسو فقير ٻگهيو
تاجو فقير ٻگهيو
فقير ﷲ بچايو سھتو
محمد فقير ڀٽي
دودو فقير ڀٽي
جيوڻ فقير خاصخيلي
حاجي مجيد فقير ميربحر
فقير چڀڙ ميربحر
جمعو فقير ميربحر
عبدالله فقير راهو
پنھل فقير ڀٽي