ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر

ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر

شاھہ محمد مهيسر ڊاڪٽر

شاھہ محمد مهيسر، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر شاھہ محمد مهيسر پهريون سنڌي آهي، جنهن چمڙيءَ جي موذي مرض‘ سورياسز’ تي تحقيق ڪري پي.ايڇ.ڊي ڪئي ۽ ان بيماريءَ جا سبب ۽ علاج ڳولڻ ۾ ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي. سندس جنم 31 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ ڪمال ديري ضلعي خيرپورميرس ۾ ميان عنايت مهيسر جي گهر ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو حضرت علامہ غلام محمد مهيسررح پنھنجي وقت جو نامور عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي.
ڊاڪٽر شاھہ محمد ابتدائي تعليم ڪمالديري مان ۽ مئٽرڪ گمبٽ جي مراد هاءِ اسڪول مان 1969ع ڌاري پاس ڪئي. بعد ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر پاس ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1975ع ڌاري بائيوڪيمسٽري شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پئٿالاجي ليب ٽريننگ پڻ ڪئي. عملي زندگيءَ جو آغاز هن 1977ع ڌاري ليڪچرار(پئٿلاجي) طور پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاھہ مان ڪيو ۽ ٽن سالن بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 19سال تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. جتي هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ٽيچرس ايسوسيئيشن(CTA) جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو وائيس پريزيڊنٽ بہ رهيو. هن ان بعد لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي (LUMHS) ڄامشوري ۾ خدمتون انجام ڏنيون. ڊاڪٽر شاھہ محمد مهيسر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1999ع ڌاري ايم.فل لاءِ رجسٽرڊ ٿي. ڪيترائي سال تحقيقي ڪم ڪندي 2003ع ڌاري،سنڌ يونيورسٽيءَ مان نامياري اسڪالر ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ جي نگرانيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس پي.ايڇ.ڊي مقالي جو عنوان آهي:
Comparative And Quantitave Analysis of Blood And Amino asids from Human Epidermis of Psoriatic And Normal Subject.
هن جا 30 ريسرچ پيپر ۽ 50 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڏيهي توڙي پرڏيهي جرنلز ۽ مختلف طبي رسالن ۾ ڇپيا آهن. ايسوسيئيٽ پروفيسر طور لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان 2012ع ۾ ريٽائر ٿيو. ڊاڪٽر شاھہ محمد مهيسر جا ٻہ تحقيقي ڪتاب جرمنيءَ جي ’ليپ ليمبرٽ اڪيڊمڪ پبلشرز‘ طرفان شايع ٿيا آهن:(1) Significance of Human Capital for the Public Health Management and Policy Making. (2) Molecular Weight Determination of Keratin In Psoriatic Patients By HPLC.
رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪراچيءَ جي ديوان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ۾ ڪجهہ عرصو پرنسپال ۽ بايوڪيمسٽري شعبي جو سربراھہ رهيو. اڄڪلھہ انڊس ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊي محمد خان ۾ بايو ڪيمسٽري شعبي جي سربراھہ ۽ پروفيسر طور مقرر آهي. چمڙيءَ جي ‘سورياسز’ بيماريءَ بابت سندس مضمون سنڌي ۽ اردو ۾ پڻ شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.31  عيسوي

ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر جو جنم31 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ ڪمال ديري ضلعي خيرپورميرس ۾ ميان عنايت الله مهيسر جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنت سُروپداس
عبدالمجيد نظاماڻي
سيده نفيسه شاھہ
ٽانوري خالق ڏنو وڪيل
شمشير خان اوزبڪ
فوجو فقير
ڏهراج محمد عبدالعزيز
بخش علي جتوئي
جاحظ1
اشوڪا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون