شاهه محمود قريشي

شاهه محمود قريشي

شاھہ محمود قريشي

شاھہ محمود قريشي: اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر مخدوم سجاد حسين قريشيءَ جو فرزند مخدوم شاھہ محمود قريشي، 22 جون 1956ع تي ڪوھہ مريءَ ۾ ڄائو. مخدوم صاحب ملتان جي مشھور بزرگ حضرت غوث بھاؤالدين زڪريا ۽ ان جي پوٽي حضرت شاھہ رڪن عالمرح جي درگاهن جو سجادہ نشين بہ آهي. سندن عقيدتمندن جو وڏو تعداد سنڌ ۾ اتر، وچولي ۽ ٿرپارڪر ۾ موجود آهي.
شاھہ محمود قريشيءَ 1978ع ۾ لاهور جي ‘ايچسين ڪاليج مان فار مئن ڪرسچن ڪاليج’ مان تاريخ جي مضمون ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ 1983ع ۾ يونيورسٽي آف ڪئمبرج (انگلنڊ) مان سياسيات ۽ قانون ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي. ڏيھہ واپس اچي هن سياسي زندگيءَ جو آغاز 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن کان ڪيو ۽ مخدوم جاويد هاشميءَ جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1988ع کان 1993ع تائين شاھہ محمود قريشي پاڪستان مسلم ليگ سان وابستہ رهيو. ان دوران هي نواز شريف جي صوبائي ڪابينا ۾ 1990ع تائين ‘پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ’ کاتي جو وزير ۽ 1990ع کان 1993ع تائين صوبائي وزير خزانہ رهيو.
1993ع ۾ مخدوم صاحب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پ پ جي حڪومتي دور ۾ 1996ع تائين پارلياماني مامرن جو مملڪتي وزير رهيو. سندس خلوص ۽ جذبو ڏسندي شھيد بينظير ڀٽو کيس پ پ پنجاب جون اهم ذميواريون سونپيون.
مخدوم شاھہ محمود قريشي 2000ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ملتان جو ضلعي ناظم مقرر ٿيو. 2002ع وارين عام چونڊن وقت هن ضلعي ناظميءَ تان استعيفا ڏئي جنرل اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. انهن چونڊن بعد جيئن تہ نئين جڙيل پارٽي (ق ليگ) اڪثريت سان سامهون آئي تہ پيپلز پارٽيءَ اپوزيشن ۾ ويهندي شاھہ محمود قريشيءَ کي پارٽيءَ طرفان وزيراعظم جي اميدوار طور بہ نامزد ڪيو. ان وقت مير جمالي'>ظفر جمالي، وزارت عظميٰ لاءِ چونڊيو ويو.
2006ع ۾ پ.پ پنجاب صوبي جو صدر مقرر ٿيو. جڏهن 2007ع ۾ چونڊن جو اعلان ٿيو تہ محترمہ بينظير ڀٽو وطن واپس اچڻ جو اعلان ڪيو. پنجاب مان مخدوم شاھہ محمود قريشي ۽ سنڌ مان مخدوم امين فهيم، محترمہ شھيد بينظير ڀٽو جا ويجها ۽ اعتماد وارا ساٿي ليکجڻ لڳا. چونڊ مھم دوران ڊسمبر 2007ع ۾ محترمہ جي شهادت جو المناڪ سانحو پيش آيو تہ چونڊون ڪجهہ مهينا ملتوي ٿيون ۽ 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان چونڊجي، اتحادي جماعتن سان گڏ حڪومت ٺاهي. مخدوم شاھہ محمود قريشيءَ کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو. هن جي دور وزارت ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان پاڪستان جا رشتا هموار ٿيندي نظر آيا.
جنوري 2011ع ۾ هڪ آمريڪي جاسوس ريمنڊ ڊيوس پنجاب جي ڪجهہ شهرين کي ڦرلٽ جي الزام ۾ قتل ڪيو. ان معاملي کي ميڊيا ۾ گهڻو سنجيدہ ورتو ويو. احتجاج ٿيا ۽ مقتولن جي وارثن ريمنڊ ڊيوس کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو رکيو. هوڏانهن حڪومت تي دٻاءُ پيو ۽ وزارت داخلا پوليس ڪسٽڊيءَ مان ان آمريڪي اهلڪار کي آزاد ڪري آمريڪا حوالي ڪيو. جنهن تي پرڏيهي وزير شاھہ محمود قريشيءَ پنهنجن اختلافن جو اظهار ڪيو.
پارٽيءَ اندر اختلافن ۽ تنقيدي مؤقف رکڻ سبب فبروري 2011ع ۾ کيس پرڏيهي وزارت ڇـڏڻـي پيئي. نومبر 2011ع ۾ هن قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت توڙي پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ميمبرشپ تان بہ استعيفا ڏئي ڇڏي. ان بعد کيس مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شموليت لاءِ آڇ ٿي. هن پي. ٽي. آءِ جي گهوٽڪيءَ واري جلسي ۾ باقاعدہ پي. ٽي. آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن وقت مخدوم شاھہ محمود قريشي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ وائيس چيئرمئن جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ شاھہ محمود قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو