شاهه ڪريم ۽ شاهه ڀٽائي

شاهه ڪريم ۽ شاهه ڀٽائي

شاھہ ڪريم ۽ شاھہ ڀٽائي

شاھہ ڪريم ۽ شاھہ ڀٽائي (ڪتاب): هي ڪتاب شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جي مختصر احوال تي آڌاريل آهي، جنهن کي فقير محمد مڱريي تصنيف ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ مذڪوره ٻنهي شخصيتن جي زندگيءَ جا ڪيترائي واقعا بيان ڪيل آهن. ان کان سواءِ شاھہ لطيف جا ڪيترائي بيت معنيٰ سان ڏئي سمجهايو ويو. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان هي ڪتاب هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڊسمبر 1943ع ۾ ڇپيو. 24 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو