شبير احمد عثماني، علامه
شبير احمد عثماني، علامه: ننڍي کنڊ جو مشهور عالمِ دين، فقيهه، مفسر القرآن، بجنپور يو. پي ۾ پيدا ٿيو. سندن والد مولانا فضل الرحمان عثماني مدرسن جو انسپيڪٽر هو ۽ مولانا محمد نانوتويءَ سان گڏ دارالعلوم ديوبند جي قيام ۾ برابر جو شريڪ هو. علامه شبير احمد 6 سالن جي عمر ۾ تعليم جو آغاز ڪيو، تعليم مان فارغ ٿي نوجوانيءَ ۾ ‘دارالعلوم’ ۾ وڏين جماعتن ۾ مدرس جا فرض سرانجام ڏنائين. ان کانپوءِ فتح پور مسجد دهليءَ جي عربي مدرسي ۾ صدر مدرس مقرر ٿيو. 1907ع ۾ جميعت الانصار ۾ شرڪت ڪيائين ۽ ان پليٽ فارم تان عالمانه ۽ فڪر انگيز تقريرون ڪيائين، جن سان پوري ملڪ ۾ ممتاز عالم جي حيثيت سان مقبول ٿيو، ان کان پوءِ هو وائيس چانسلر دارلعلوم ديوبند مقرر ٿيو. شيخ الاسلام جي شخصيت فعال هئڻ ڪري قائداعظم ۽ مسلم ليگ لاءِ پاڪستان تحريڪ هلائڻ ۾ آساني ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس، جمعيت علماءِ هند، احرار ۽ خاڪسار جماعتون مسلم ليگ جي تحريڪ جي خلاف هيون. شبير احمد عثمانيءَ جي طوفاني دورن، سحر انگيز تقريرن ۽ رابطن سان 46-1945ع جي صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ مسلم ليگ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. هن پنهنجن ڪيترن ساٿين سان گڏ پشاور، مانسهره، ايبٽ آباد، بنون ۽ قبائلي علائقن جا دورا ڪيا. واپسيءَ تي خود قائداعظم سندن دهليءَ ۾ استقبال ڪيو. پنجاب جي چونڊن ۾ علامه شبير احمد جو وڏو ڪردار رهيو. قائداعظم، پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جو حق پهرين شيخ الاسلام کي ڏنو. قائداعظم جي جنازي نماز به مولانا عثمانيءَ پڙهائي هئي. 1949ع جي آخر ۾ بهاولپور ويو، جتي کيس دل جو دورو پيو ۽ 12 ڊسمبر 1949ع تي وفات ڪيائين. کيس ڪراچيءَ ۾ اسلاميه ڪاليج جي احاطي ۾ دفنايو ويو.