شرح پند نامه (قلمي نسخو)

شرح پند نامه (قلمي نسخو)

شرح پند نامہ قلمي نسخو

شرح پند نامہ (قلمي نسخو): هي فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل قلمي نسخو ‘پندنامه’ جي شرح تي لکيل آهي، جنهن جو مصنف محمد بن غلام محمد آهي. جنهن ۾ تمام سھڻي نموني پند نامہ جي شرح ٿيل آهي. 97 صفحن تي مشتمل هن قلمي نسخي جي هر صفحي تي 18 سٽون آهن. هي خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي، جنهن جو ڪاتب ملا موسيٰ آهي ۽ هن 1176ھہ/1762ع ۾ اهو لکي مڪمل ڪيو. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
بسم ﷲ الرحمٰن الرحيم رب يسر و لاتعسر
ربک و تمم باالخير نستعين الحمد ﷲ
عليٰ نوالہ و ... الخ”
۽ پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
“... تمام شدازدست فقير
ملا موسيٰ تحرير يافت بروزيڪشنبه
ماه جمادي الثاني 1176ھہ (ڊسمبر 1772ع).”
هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو