شرميلا ٽئگور

شرميلا ٽئگور

شرميلا ٽئگور

شرميلا ٽئگور: هندستان فلم انڊسٽريءَ جي مشھور اداڪارا شرميلا ٽـئـگـور، 8 ڊسمبر 1946ع تي ڀارت جي رياست حيدرآباد ۾ جنم ورتـو. سندس والد جيتيندرناٿ ٽئگور بنگال جي هڪ مشھور گهراڻي سان تعلق رکندو هو. شرميلا تمام مختصر عرصي ۾ فلم انڊسٽريءَ تي پنھنجي الڳ ڇاپ ڇڏي. هن ڪيريئر جي شروعات 1958ع ۾ ڪئي. 1960ع ۾ سندس فلم ‘ديوي’ رليز ٿي. پر 1964ع ۾ ‘ڪشمير ڪي ڪلي’ کيس شھرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح شرميلا ٽئگور ڀارتي فلم اسڪرين جي مصروف ترين اداڪارہ بڻجي وئي. سندس ٻيون ڪيتريون ئي فلمون رليز ٿيو، جن ۾ وقت، رات، يه رات ڦر نهين آئي گي، اراڌنا، سفر، موسم، اين ايوننگ ان پيرس، آمني سامني، يقين، تلاش، امرپريم، داستان، داغ، چپڪي چپڪي ۽ بي شرم پنھنجي وقت جون شاهڪار ۽ يادگار فلمون آهن. شرميلا، شوخ ۽ چنچل ڪردار ڏاڍي سھڻي نموني سان نڀايا. هن اڪثر فلمن ۾ ماڊرن ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ کيس اهڙن ڪردارن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. هن 1969ع ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر نواب منصور علي پٽوديءَ سان شادي ڪئي ۽ اها شادي ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي يادگار شادين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. هن شاديءَ کانپوءِ هميشہ جي لاءِ فلمي دنيا کي خيرآباد چيو. شرميلا شاديءَ کان اڳ مسلمان ٿي ۽ پنهنجو نالو عائشہ سلطانہ رکيو. سندس اولاد ۾ سيف علي خان، صبا علي خان ۽ سوها علي خان، بالي ووڊ جي فلم انڊسٽريءَ جا مڃيل اداڪار آهن. شرميلا ٽئگور کي مڃتا طور 2002ع ۾ اسٽارز اسڪرين اوارڊ، 2004ع ۾ نيشنل اوارڊ ۽ 2006ع ۾ فلم فيئر لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ سان نوازيو ويو. جڏهن تہ کيس سپورٽنگ ايڪٽريس جو اسٽارز اسڪرين لائيف ٽائيم اوارڊ پڻ ڏنو ويو. شرميلا ٽئگور جو فلم انڊسٽريءَ وارو دور نهايت ئي شاندار رهيو ۽ سندس اخلاق جي ڪري اڄ بہ کيس عزت جي نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو.


لفظ شرميلا ٽئگورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.12.08  عيسوي

هندستان فلم انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا شرميلا ٽـئـگـور، 8 ڊسمبر 1946ع تي ڀارت جي رياست حيدرآباد ۾ جنم ورتـو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحيم ڏنو فقير
پوڪرداس ٿانور داس
چاچڙ حاجي خان
اجمل بيگ مرزا
خدابخش قاضي مورائي
قربان علي خاصخيلي
عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
ڀٽي مخدوم ابراهيم
ڌياڻو مخدوم عربي
حاڪم علي شاھہ بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون