شهنشاھہ هالائي

شهنشاھہ هالائي: نامياري شاعر شهنشاھہ هالائيءَ جو اصل نالو شفيع محمد هو. هالا شھر جو رهاڪو هجڻ ڪري ’هالائي‘ سڏايائين. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سرڪاري نوڪريءَ سان ڪئي، پر ڪجهه عرصي بعد نوڪري ڇڏي سياست ۾ پير پاتو. ان زماني ۾ ‘خلافت تحريڪ’ ۽ ‘انجمن مولودالنبي’ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ ڪيترائي سال هالا ميونسپل جو ڪائونسلر ۽ اسڪول بورڊ جو چيئرمئن بہ ٿي رهيو. ان دوران هالا ۾ هاءِ اسڪول جي کوٽ کي محسوس ڪندي مشھور ناٽڪ ‘خورشيد’ ٽي راتيون اسٽيج تي منعقد ڪرائي، گڏ ٿيل آمدني هاءِ اسڪول جي قيام لاءِ خرچ ڪري اسڪول قائم ڪيائين.
شهنشاھہ هالائيءَ جو ادب سان چاھہ مخدوم محمد زمان طالب المولى سان صحبت سبب ٿيو، جنهن جي اثر هيٺ شاعريءَ جو آغاز پڻ ڪيائين. اڪثر ڪري مزاحيہ غزل لکندو هو، پاڻ ’انجمن علم ادب هالا‘ ۽ ‘بزم طالب المولى سنڌ’ جو سرگرم ڪارڪن هو. شهنشاھہ هالائيءَ 28 ڊسمبر 1975ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو