شونالي ناگراڻي

شونالي ناگراڻي

شونالي ناگراڻي

شونالي ناگراڻي: بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۽ هندستاني ٽيليويزن جي مشھور سنڌي اداڪارہ ۽ ماڊل، شونالي ناگراڻيءَ جو جنم 20 ڊسمبر 1981ع تي دهليءَ جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس پيءُ رٽائر فوجي آفيسر آهي. هن پنھنجي تعليم گڊ شيفرڊ انگلش اسڪول، پينڊوبي، بيگڊوگرا ۽ آرمي پبلڪ اسڪول، نئين دهليءَ مان حاصل ڪئي. هن شوبز جي دنيا ۾ فن جي شروعات 2003ع ۾ مس انڊيا انٽرنيشنل جو اعزاز ماڻڻ سان ڪئي، جنهن بعد هن هندستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ پنھنجي فني سفر جو آغاز 2005ع ۾ رليز ٿيل فلم ‘زهر ’ ۾ عمران هاشميءَ سان گڏ اداڪاريءَ سان ڪيو. 2008ع ۾ ناليواري اداڪار شاھہ رخ خان جي فلم ‘رب ني بنا دي جوڙي’ ۾ پڻ نظر آئي. ان کان علاوہ 2009ع ۾ سندس ٻہ فلمون ’پيار ڪا فندا‘ ۽ ’دل بولي هڙيپا‘ رليز ٿيون، پر اهي خاص ڪاميابي نہ ماڻي سگهيون.
بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ جي ڀيٽ ۾ ٽيليويزن تي شونالي چڱو نالو ڪمايو آهي. سوني ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ پروگرام ’لافٽر چئلينج‘ ۾ ميزبانيءَ کان سواءِ ٻين اهم چينلن تان ’پاپ ڪارن‘، ’عالم عشق‘، ’فلمي ڪوڪٽيل‘، ’دامدار هٽس‘ ۽ ڪي ٻيا پروگرام پڻ نشر ٿي چڪا آهن. هن 2010ع ۾ آئي. پي. ايل جي زير اهتمام 20 ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي هڪ ٽي. وي پروگرام ۾ ميزباني پڻ ڪئي، جنهن ۾ سندس انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن ٽيليويزن جي ٻن اهم ريئلٽي شو ‘خطرون ڪي کهلاڙي’ ۽ ‘بگ باس، سيزن 5’ ۾ بہ حصو ورتو، جنهن سبب سندس شھرت ۾ ڪافي اضافو ٿيو. شونالي هن وقت هندستان جي نمائنده ماڊل (Fashion Icon) طور سڃاتي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.12.20  عيسوي

شونالي ناگراڻيءَ جو جنم 20 ڊسمبر 1981ع تي دهليءَ جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قيصر نقوي
چاڪر خان سھرياڻي
ڀاڏائي قنبر علي شاھ شريف
حاجي ولي محمد نظاماڻي
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
هزار خان بجاراڻي
ٿامس ايڊيسن
رخمان گل
نور محمد انڍڙ
مظفر علي شجراع حاجي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون