شيخ اياز

شيخ اياز

شيخ اياز

شيخ اياز

شيخ اياز

شيخ اياز

شيخ اياز

شيخ اياز

شيخ اياز

شيخ اياز: جديد سنڌ، ويھين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانھون آھي. اياز، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رھبر شاعر آھي، ھن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي. سنڌ جي ھن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي ھو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ ھو ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. ھن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ ھو، جيڪو شھر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو ھو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو ھو. شيخ اياز جو خاندان بکراڻي آھي. شيخ اياز ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙھيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي تعليم دؤران ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر بھ رھيو. ھن ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رھبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاھي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديھانت سبب مڪمل نھ ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان ھو، ھن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رھبريءَ ۾ ھلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏھن گوبند مالهيءَ اپريل 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو تھ شيخ اياز ۽ بِھاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پھريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ اياز شڪارپور ضلعي ۾ بھ سنگت کي منظم ڪيو، ان کان سواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان بھ وابستھ رھيو. ورھاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رھيو. شيخ اياز ٻاراڻي وھيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پھريون نظم يارھن سالن جي عمر ۾ ڇپيو ھو. شيخ اياز شاعريءَ سان گڏ ڪھاڻيون بھ لکيون، سندس ڪھاڻين جو پھريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو. ورھاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ اياز جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم، بھاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ ٻيا ڀارت ھليا ويا ۽ ورھاڱي جي ھن ڪاري وار شيخ اياز جي ذھن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت ھليو وڃڻ سبب شيخ اياز اردو اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو ھو، ان ڪري ھن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنھن اردو شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”بوءِ گل نالئھ دل“، 1954ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراھيم جويي جھڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر ٿيو. جويي صاحب، شيخ اياز جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو تھ ھو اردو شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي جاري رکي، ڇو تھ ھو پنھنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پھچائي سگهي ٿو. ’مھراڻ‘ جي 1955ع جي پھرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان ھيٺ شيخ اياز جا ڏانھس لکيل خط ۽ اياز جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين اياز، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاھر نڪري آيو. ان بعد اياز جي ڏات جي ڪرشمي نھ رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ھو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. ھن جي شاعري تھ باڪمال آھي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ ٻولي بھ اعليٰ درجي جي آھي. اياز جا زندگيءَ جي آخري پساھن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رھيا، جن جو تفصيل ھن ريت آھي: (1). ”ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: 1962ع) (2). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر 1962ع) (3). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: 1963ع) (4). ”اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: 1965ع-ايوبي مارشل لا ۾ ھي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نھ اچي سگهيو ۽ ھي ڪتاب ٻيھر 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)، (5). ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (شاعري: 1970ع) (6). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: 1973ع) (7). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: 1975ع) (8). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: 1980ع) (9). ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ (شاعري: 1982ع) (10). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: 1985ع)، (11). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: 1985ع) (12). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: 1985) (13). ”صليب جا'>ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ (شاعري: 1985ع) (14). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: 1986ع) (15). ”ڀڳت سنگهھ کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: 1986ع) (16). ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: 1986ع) (17). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پھريون: جولاءِ 1987ع) (18). ”اڪن نيرا ڦليا“ (شاعري: 1988ع) (19). ”ڪراچيءَ جا ڏينھن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري 1989ع) (20). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو: اپريل 1991ع) (21). ”ھينئڙو ڏاڙھونءَ گل جيئن“ (شاعري: 1991ع) (22). ”الوداعي گيت“ (شاعري: 1991ع) (23). ”ننڊ وليون“ (شاعري: 1992ع) (24). ”ڪَتين ڪر موڙيا جڏھن“ (ڀاڱو پھريون، شاعري: 1992ع) (25). ”ڪَتين ڪر موڙيا جڏھن“ (ڀاڱو ٻيو: 1992ع) (26). ”جر ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: 1993ع) (27). ”سر لوھيڙا ڳڀيا“ (شاعري: 1993ع) (28). ”سورج مکي سانجهھ“ (شاعري: 1993ع)، (29). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: 1993ع) (30). ھرڻ اکي ڪيڏانھن“ (شاعري: 1994ع (31). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: 1995ع) (32). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: 1995ع) (33). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: 1996ع) (34). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: 1996ع) (35). ”ڪٿي تھ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پھريون: 1995) (36). ”ڪٿي تھ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو: آڪٽوبر 1996ع) (37). ”ڪٿي تھ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر 1997ع) (38). ”ڪٿي تھ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون: آگسٽ 1998ع) (39). ”ڪونجون ڪرڪن روھھ تي“ (شاعري: 1997ع) (40). ”ڪاري رات ڪُھنگ“ (شاعري: 1998ع) (41). ”مينھن ڪڻيون“ (شاعري: 1999ع) (42). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ شاعري: 1997ع) (43). ”اور الله سان'>اٿي اور الله سان“ (شاعري: جنوري 1998ع) (44). ”اڳتي قدم“ (2001ع : شيخ اياز آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1947ع ۾ ’اڳتي قدم‘ ماھوار جا 3 پرچا ڪڍيا ھئا، جن کي گڏ ڪري نئين ترتيب سان محمد ابراھيم جويي 2001ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو) (45). ”تند برابر توريان'>جي تند برابر توريان“ (ڪھاڻيون: شيخ اياز جون ’سفيد وحشي‘ ۽ ’پنهل کان پوءِ‘ عنوان سان ڪھاڻين جي مجموعن ۽ ان کان ٻاھر رھجي ويل ڪھاڻيون، انور فگار ھڪڙي ترتيب ڏئي ڇپائي پڌريون ڪيون) (46). ”پار جا'>پکي ساڳي پار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ:2004ع). شيخ اياز جي پھرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر ڀري آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ ھڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي ھئي، ۽ اھا پابندي شيخ اياز جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثر کي 22 جلدن جي صورت ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ شاعري ۽ نثر کي جدا جدا ڀاڱن ۾ شايع ڪيو آھي. سندس اردو شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئھ دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ اور نيل ڪي پتي“ 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فھميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آھي، جيڪو ”حلقھ ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشھور دانشور ۽ شاعر احمد سليم ڪيو، جيڪو پڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1976ع ۾ ڇپيو، اياز جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن- اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(2004ع) ۽ بخشل باغي”ھي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع)جي نالي سان ڇپايو. شيخ اياز پنھنجي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي ڪري، جيل ياترا بھ ڪئي، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽ بغاوت جا الزام بھ ھنيا ۽ ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا. ان سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان ھڪ ڪتاب لکي سڄي جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ اياز خلاف باھھ ٻاري وئي، جنھن جي جواب ۾ برک دانشور رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات “ ۽ محمد ابراھيم جويي جي رھنمائيءَ ۾ قاسم پٿر ”ادب ڪي نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا. شيخ اياز قديم توڙي جديد شعري صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو ھو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا بھ ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي بيت ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آھنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پھريون ڪماياب تجربو بھ اياز ڪيو ۽ ان کان علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين، جن ۾ آزاد نظم، نثري نظم ،ھائيڪو، ڏيڍ سٽا ۽ ڇھھ سٽا وغيره شامل آھن. اھڙي نموني پاڻ اندازاً وِيھن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام چيو اٿس. سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ سندس وڏو ھٿ آھي، اھو ئي سبب آھي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ اياز ئي ماڻي. شيخ اياز جي ڪلام جو ڪجهھ حصو ھنديءَ، اردو، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آھي. سندس شاعريءَ جي انگريزي ترجمي تي مشتمل ھيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آھن. 1. THE STORMS CALL FOR PRAYERS. (Translation from Sindhi by: Asif Farukhi & Shah Muhammad Pirzada: 1999). 2. IMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ (Translated by: J.M Girglani: 2003). 3. SONGS OF FREEDOM, (Translated by: Saleem Noor Hussain: 2003). 4. ON THE BANK OF INDUS. (Translated by: Professor Latif Noonari: 2006). نوٽ: J.M Griglani جي ترجمي جو ٻيو ڇاپو شيخ اياز چيئر، شاھھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي. شيخ اياز جي شاعري فڪري حوالي سان ٻن دورن / لاڙن تي مشمتل آھي. پھريون دور ترقي پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي نمائندگي ڪندڙ آھي ۽ ٻيو دور بين الاقواميت، ويدانت يا تصوف جو نمونو پيش ڪري ٿو. اھي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان بھ جهلڪن ٿا، جو پھرئين دور ۽ پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنھنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رھندو. جھڙيءَ طرح شيخ اياز شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهھ عرصو ادبي رسالي ”اڳتي قدم“ جو ايڊيٽر رھيو، تھڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهھ وقت سنڌي اخباربرسات‘ جو پڻ ايڊيٽر رھيو. ان ريت صحافت جي شعبي ۾ بھ حصيدار بڻيو. اخباري ڪالم ۽ اخبار ۾ ڇپجندڙ سندس دعائون، سندس فڪري تبديليءَ جون شاھد آھن. شيخ اياز بابت نصير مرزا، جامي چانڊيي، ملڪ نديم، آغا سليم، انور فگار ھڪڙي، ھدايت پريم، گُرڏني گانگاڻي، تاج جويي پڻ ڪتاب تحرير ڪيا آھن. شيخ اياز ٻھ شاديون ڪيون، جن مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. ھن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھھ ڀٽ شاھھ ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آھي.


لفظ شيخ ايازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.03.02  عيسوي

سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو ، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’ اياز ‘ جي نالي سان مقبول ٿيو . هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو ،


1946.04.01  عيسوي

گوبند مالهيءَ اپريل 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ اياز ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا


1954.00.00  عيسوي

1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ” مهراڻ “ جو ايڊيٽر ٿيو .


1997.12.28  عيسوي

شيخ اياز: هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي . سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾ ، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد اصغر علي شاهه عاجز
فقير محمد سنڌي
سونو خان ملاح:
ابو شوڪت حمزو
سلطان بخاري
راضي فقير رند
امام علي جنجھي
جهنگل شاهه مست
غلام حيدر شر گودڙيو
احمد سولنگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون