شيخ بهاؤ الدين ذڪريا جو مقبرو

شيخ بهاؤ الدين ذڪريا جو مقبرو

شيخ بهاؤ الدين ذڪريا جو مقبرو

شيخ بهاؤ الدين ذڪريا جو مقبرو: سھروردي طريقي جي نامياري بزرگ شيخ الڪبير شيخ الاسلام بهاؤ الدين ابو محمد ذڪريا القريشي جو مقبرو ملتان جي جابلو علائقي ۾ هڪ ٽڪريءَ جي اتر- اوڀرندي ڪنڌيءَ تي موجود آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ ملتان جو قديم قلعو هو. مشھور سياح ابن بطوطه موجب هن بزرگ جي وڏن مان محمد القاسم القرشي نالي هڪ شخص عرب فاتحن سان گڏجي سنڌ آيو ۽ مستقل طور اتي رهائش پذير ٿيو. شيخ بھاؤالدين جو جنم 27 رمضان 566ھہ/ 3 جون 1171ع تي ٿيو. سندس هڪ پٽ شيخ صدر الدين عارف ۽ هڪ پوٽو شاھہ رڪن عالم پڻ پنھنجي وقت جا مشھور عالم ۽ زاهد بزرگ ٿي گذريا آهن. شيخ بهاؤ الدين پنھنجي سموري زندگي ملتان ۾ دين جي تبليغ ۽ سھروردي طريقت جي پرچار ۾ گذاريندي 7 صفر 661ھہ/21 ڊسمبر 1262ع تي وفات ڪئي. کيس سندس ئي ٺاهيل مزار ۾ دفن ڪيو ويو. (وڌيڪ ڏسو: بھاءُ الدين ذڪريا، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون، ص: 500)
سندس مزار اتر- ڏکڻ طرف کان 260 فوٽ ۽ اوڀر- اولھہ طرف کان 203 فوٽ جي وسيع ۽ مستطيل احاطي جي وچ تي آهي. مقبري جي چؤڌاري ديوار ڏنل آهي، جنهن جي مختلف وقتن تي مرمت ٿيندي رهندي آهي. 1853ع ڌاري، قديم آثارن جي مشھور ماهر ڪننگهام هن مقبري جو دورو ڪري تعميري احوال رڪارڊ ڪيو. سندس چوڻ موجب 1848ع ڌاري برطانوي فوجين طرفان ڪڙو چاڙهڻ سبب مقبري کي ڪافي نقصان رسيو بعد ۾ ان جي مرمت ڪرائي وئي. مقبري جي تعميري عرصي بابت ڪا بہ مستند تاريخ نٿي ملي، پر هن بزرگ جي وصال جي تاريخ مان اندازو لڳايو ويو آهي تہ اهو مقبرو تيرنهن صديءَ جي شروعات ۾تعمير ٿيو هوندو. جڏهن تہ مقبري جي حفاظت ۽ مرمت لاءِ ڪيل ڪم بابت ڪاشيءَ جي سرن تي ڪيتريون ئي تاريخون درج ٿيل آهن. ماهرن جي خيال موجب هيءُ مقبرو ٽن مرحلن ۾ تعمير ٿيل ٿو ڏسجي، جنهن جي ڪُل ڊيگهہ 77 فوٽ 6 انچ آهي. ماهرن موجب مقبري جو هيٺيون ۽ اڳيون آڳنڌ گهڻو پوءِ جو تعمير ٿيل آهي.مزار مٿان انتهائي ساديون لڪيرون، پلستر جي گهڻي استعمال سان واضح ڪيون ويون آهن. هيءُ مقبرو چورس رٿ، اٺڪنڊي بيهڪ، وچ ۾گنبذ ۽ ڪنڊن تي ٺهيل منارن سان اسلامي تعمير سازيءَ جو اعليٰ نمونو آهي. شيخ خورشيد حسن پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ هن مقبري جي وڏي واکاڻ ڪندي، تعميرات جي فن جي وڏي ساراھہ ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1171.06.03  عيسوي

شيخ بهاؤالدين جو جنم 27 رمضان 566هه/ 3 جون 1171ع تي ٿيو.


1262.12.21  عيسوي

شيخ بهاؤ الدين ذڪريا 7 صفر 661هه/21 ڊسمبر 1262ع تي وفات ڪئي.



مقبرو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد شاھہ مست جو مقبرو
عيسيٰ خان ترخان ثانيءَ جو مقبرو
شريف خان نواب جو مقبرو
غلام حسين خان ٽالپر ٽئين جو مقبرو
پير نبي شاھہ بخاري رح
سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو جي سماڌي
خانقاھہ شريف ڪونجيلي
پير بلاوليءَ جو مقبرو
شھڪ خان شاهاڻيءَ جو مقبرو
خداداد خان جو مقبرو
مقبرو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون