شيخ سليمان سيفي سنڌي

شيخ، سليمان سيفي سنڌي: هي شيخ عيسيٰ جندالله جو ڀاءُ هو ۽ سندس ولادت ۾ 25 صفر المظفر 966ھہ/ 16 ڊسمبر 1558ع ۾ ٿي. شيخ سليمان جي چاچي شيخ طاهر محدث سندس نالو سليمان رکيو. هن ابتدائي تعليم گهر ۾ ئي پنھنجي چاچي شيخ طاهر محدث کان ورتي. عربي ۽ فارسي علم کان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ ديني تعليم ورتائين. پيءُ جي وفات کانپوءِ پنھنجي خاندان جي بزرگن ۽ ڪٽنب سان گڏ برهانپور وڃي آباد ٿيو. کيس شاعريءَ جو ننڍي هوندي کان ئي ذوق ۽ شوق هو ۽ شاعريءَ ۾ سيفي تخلص ڪتب آڻيندو هو. شيخ سليمان سيفي وڏو بھادر ۽ جنگجو جوان هو. هي عادل شاھہ فاروقيءَ جي فوج ۾ ملازم هو. بھادر هجڻ سان گڏ هن تصوف ۾ بہ وڏو مقام حاصل ڪيو. 18 جمادي الثاني 1005ھہ/ 6 فيبروري 1597ع ۾ اڪبر بادشاھہ شھزادي مراد ۽ خان خانان عبدالرحيم خان سان گڏ عادل شاھہ فاروقيءَ کي بہ بيجاپور فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. عادل شاھہ فاروقيءَ سان گڏ شيخ سليمان سيفي بہ گڏ هو ۽ جنگ ۾ فتح ٿي، پر ڪيترا فوجي جوان ۽ امير مارجي ويا، جن ۾ عادل شاھہ فاروقي ۽ شيخ سليمان بہ هئا. شيخ سليمان جو لاش جنگ جي ميدان ۾ ئي دفنايو ويو. هن جي ڪلام ۾ فارسي رباعيون ملن ٿيون. فصاحت ۽ بلاغت جي لحاظ کان هن جون رباعيون اعليٰ قسم جي شاعريءَ ۾ شمار ٿين ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو