
شيرين جناح
شيرين جناح: شيرين جناح، پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ هئي. هن 1880ع ڌاري بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. قائداعظم، شيرين کان عمر ۾ وڏو هو. هن 1904ع ۾ قاسم جعفر ڀائي سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس اڪبر علي نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو. شيرين پنھنجي مڙس سان گڏ ڀارت جي شھر پوني ۾ رهندي هئي، جتان پهريون ڀيرو قائداعظم جي وفات بعد سندس چاليهي جي موقعي تي 1948ع ۾، ٻيو ڀيرو 1950ع ۾ پاڪستان آئي ۽ 1965ع ۾ پنھنجي ڀيڻ فاطمہ جناح جي وفات بعد سنڌ آئي ۽ هميشہ لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهي پئي. شيرين سنڌ ۾ رهڻ بعد پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي اصولن ۽ روايتن کي قائم رکيو، کيس سنڌ جي ماڻهن سان محبت هوندي هئي. شيرين جناح عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پنھنجي نالي سان ٽرسٽ قائم ڪيو، جنهن لاءِ هن پنھنجي ملڪيت جو چوٿون حصو وقف ڪري ڇڏيو. هوءَ وڏي عمر باوجود ‘شيرين جناح ٽرسٽ’ جي ڪارڪردگي رپورٽ پاڻ ڏسندي هئي. شيرين جناح، 100 سالن جي عمر ۾ 2 ڊسمبر 1980ع تي وفات ڪئي. کيس عبدالله شاھہ غازيءَ جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
1980.12.02 عيسوي
شيرين جناح 1880ع ڌاري بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. 2 ڊسمبر 1980ع تي وفات ڪئي.