شير محمد راهوجو

شير محمد راهوجو

شير محمد راهوجو

شير محمد راهوجو: مشھور تعليمدان ۽ ڪامورو شير محمد ولد غلام قادر راهوجو پهرين ڊسمبر 1912ع تي ڳوٺ راهوجا تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گوزي ۾ 1922ع ۾، مئٽرڪ 1927ع ۾ تلوڪ چند چنگو مل هاءِ اسڪول ميهڙ، انٽر 1929ع ۾ بمبئي يونيورسٽي، بي. اي 1931ع ۾ ۽ بي. سي. ايس، ٽي. سي جو پنج سالا ڪورس بمبئي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيو. ناليوارو اديب دانشور محمد ابراهيم جويو سندس هم ڪلاسي ۽ روم پارٽنر رهيو. شير محمد راهوجي عملي زندگي جيءَ شروعات 1945ع ۾ سنڌ مدرسة السلام اسڪول ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور ڪئي. 1952ع ۾ کيس لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. 1954ع ۾ کيس ترقي ڏئي ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس ڊي. آءِ. ايس مقرر ڪيو ويو. جنهن دوران شڪارپور، نوابشاھہ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ پنهنجا فرض سر انجام ڏنائين. شير محمد راهوجو انسان دوست، علم پرور ۽ غريب نواز هو. هن ڊي.آءِ. ايس جي حيثيت ۾ ڪيترائي نوجوان استاد ڀرتي ڪيا. تعليم کاتي ۾ ضلعي آفيسر رهڻ دوران سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪيترا اسڪول ۽ ڪاليج کولرائي غريب ٻارن جي تعليم لاءِ وظيفا مقرر ڪيائين. شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا انتظام پڻ ڪيائين. هن دادو شھر ۾ هڪ خيراتي اسڪول کولرايو، جنهن ۾ غريب، بي پھچ ۽ لاوارث ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ جو اهتمام ڪيو. 1973ع ۾ انهي اسڪول کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. جيڪو هينئر گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول غريب آباد جي نالي سان قائم آهي.
شير محمد راهوجي 30 ڊسمبر 1982ع تي وفات ڪئي. سندس شاگردن ۾ نامور سياستدان رسول بخش پليجو قابل ذڪر آهي.


لفظ شير محمد راهوجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.12.01  عيسوي

مشهور تعليمدان ۽ ڪامورو شير محمد ولد غلام قادر راهوجو پهرين ڊسمبر 1912ع تي ڳوٺ راهوجا تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.


1982.12.30  عيسوي

شير محمد راهوجي 30 ڊسمبر 1982ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رازي ابوبڪر محمد بن ذڪريا
شوڪت سنڌي
فضل حق قريشي دهلوي
دليپ ڪمار
ضياء الدين احمد
برهان فقير
شاھہ وردي خان کرت
عدنان سميع
علي بغدادي شيخ
حسين خان ٺوڙهو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون