شينهن

شينهن

شينهن

شينهن (Lion): هيءُ طاقتور جهنگلي جانور آفريڪا جي سهارا ريگستان ۽ ٻين بہ ڪيترن خطن ۾ ملي ٿو. شينهن کي انگريزيءَ ۾ Lion چيو ويندو آهي، جيڪو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ (Leo) ۽ قديم يوناني زبان جي لفظ (Leon) مان ورتل آهي. دنيا جي قديم ترين عبراني ٻولي ۾ شينهن لاءِ (Lavi) جو لفظ ڪتب آيل آهي. سائنسي زبان ۾ شينهن جي مجموعي نسل کي (Panthera Leo) جي نالي سان سڏجي ٿو، جنهن مان موجودہ وقت ۾ 7 کان 8 مختلف جنسون ٿيون،
پر هاڻي اهي جنسون تمام گهٽ تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن مان (Cape Lion)، (Panthera Leo) ۽ (Melanochaita) جو تعداد بہ تمام ٿورو بچيو آهي ۽ ننڍي کنڊ ۾ ملندڙ (Panthera leo persica ) جنس بہ اڻلڀ ٿيندي پئي وڃي. ملڪي توڙي عالمي سطح تي شينهن جي ناياب نسل کي بچائڻ خاطر چڙيا گهرن (Zoo) يا مصنوعي جهنگن/ باغن ۾ رکيو ويو آهي.
شينهن پنھنجي غير معمولي طاقت ۽ شڪاري جبلت جي ڪري گهڻو مشھور آهي. شڪار جي مهارت سبب پاڻ کان وڏن جانورن جو آسانيءَ سان شڪار ڪري ٿو. شينهن جا نر ۽ ماد هڪٻئي کان مختلف ٿيندا آهن، نر شينهن بشڪون (ڪنڌ جي وارن) ۽ ويڪري منهن جي ڪري سڃاڻپ ۾ پڌرو ٿئي ٿو. ڌرتيءَ تي شينهن جي موجودگيءَ بابت ڪا تاريخي ثابتي نہ ٿي ملي، پر پاهڻي دور جي ماڳن ۽ قديم آثارن تي هوبهو شينهن جهڙين چٽيل تصويرن ۽ اڪريل نقشن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هيءُ جانور قديم دور کان دنيا ۾ موجود رهيو آهي. مصر ۾ فرعون جي دور حڪومت ۽ رومي سلطنت جي قيام دوران حڪومتي، انتظامي طاقت توڙي بادشاهي راڄ کي شينهن جي تصوير يا مجسمي وسيلي علامت طور ظاهر ڪيو ويندو هو.
علاقائي اعتبار سان شينهن ٽن مکيہ قسمن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ هڪڙو قسم اتر آفريڪن-ايشين، ٻيو ڏکڻ آفريڪن ۽ ٽيون قسم وچ آفريڪن جو آهي. شينهن جي نسل مان ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ Lion persica جنس کي امتيازي حيثيت حاصل آهي، جڏهن تہ سهارا ريگستان ۾ رهندڙ شينهن جي ڀيٽ ۾ Cape lion شينهن جون خاصيتون P.L Persica سان گهڻي قدر هڪجهڙيون آهن. شهرن ۾ ماحولياتي آلودگيءَ جي وڌڻ، جهنگن جي گهٽجڻ سبب شينهن جو نسل تمام تيزيءَ سان ختم ٿيندو پيو وڃي، اڪثر ماڻهو شينهن جو شڪار پڻ ڪندا آهن ۽ شينهن جي کل کي پنهنجن گهرن ۾ نمائش لاءِ رکندا آهن. ان کان علاوہ عوام جي تفريح لاءِ دنيا جي تقريباً سڀني چڙيا گهرن (Zoo) ۾ شينهن کي پڃرن ۾ قيد ڪري رکيو ويندو آهي.
سنڌ اندر ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن، سفاري پارڪ ۽ چڙيا گهر، حيدرآباد جي راڻي باغ، وغيرہ ۾ ٻين جانورن سان گڏ شينهن بہ ڏسڻ لاءِ رکيل آهي.
سنڌ ۾ شينهن لفظ جا ڪيترائي اصطلاح مروج آهن: ‘شينهن جي ڪن ۾ چڪ هڻڻ’، ‘شينهن ڪلهي چڙهڻ’ يا ‘شينهن جهڙي دل رکڻ’ وغيرہ. ڏند ڪٿائن موجب شهزاديون پنھنجي شھزادي جي بهادريءَ جي پرک لاءِ سندس مقابلو شينهن سان ڪرائينديون هيون.


لفظ شينهنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو