شھاب الدين ملا

شھاب الدين، مُلا: مُلا شھاب الدين بن ملا آجب، صوفي شاھہ عنايت شھيد جي خاندان جو مشھور بزرگ ٿي گذريو آهي. صوفي شاھہ عنايت جو سلسلو هن طرح وڃي ملا شھاب الدين سان ملي ٿو. صوفي شاھہ عنايت شھيد بن مخدوم فضل بن مخدوم محمد يوسف بن مخدوم محمد ابراهيم قتال بن مخدوم ملا شھاب الدين بن مخدوم عجائب الدين عرف ملا آجب بن مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاھہ. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو تہ: ”ملا شھاب الدين بن ملا آجب، صالح ۽ ڪامل- رب جو ٻانهو هو.“ هيءُ پنھنجي پيءُ کانپوءِ مسند تي ويٺو. هن کي ٻہ فرزند هئا. ’انيس المساڪين‘ ۾ قاضي غلام مهدي لکي ٿو تہ: ”مخدوم شھاب الدين کي ٻہ پٽ هئا هڪ مخدوم ابراهيم قتال ۽ ٻيو مخدوم رحمت الدين هو.“ پر ’تذڪرة صوفياء‘ ۾ آهي تہ: ”شھاب الدين کي ٻہ فرزند هئا هڪ وڏو مخدوم ابراهيم قتال ۽ ٻيو مخدوم صحب الدين هو“ ۽ صوفي حضور بخش ڪتاب ’شاھہ عنايت شھيد‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”ملا شھاب الدين کي ٻہ پٽ هئا، جن مان سندس هڪ پٽ مخدوم محب علي خيرپور رياست کان 52 ميل پري، ناري جي ڪپ تي تجل جي مقام تي رهڻ لڳو.“
پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي پنھنجي ڪتاب ‘صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته،
“ملا شھاب الدين کي ٻہ فرزند هئا، وڏو ابراهيم قتال، جيڪو پنھنجي پيءُ کانپوءِ گاديءَ تي ويٺو، سندس ٻئي پٽ جو نالو نہ رحمت الدين ۽ نڪو محب علي، بلڪہ صحبت الدين هو، جنهن کي صحبت علي جي نالي سان بہ سڏيندا هئا، اهو ئي خيرپور رياست ۾ ناري جي ويجهو وڃي رهيو هو، پر اهو هنڌ هاڻوڪي تجل ڳوٺ کان ڪافي پرڀرو هو ۽ هاڻوڪو تجل ڳوٺ صوفي سلام عرف ٿر ڌڻي بادشاھہ جي اچي رهڻ بعد ٻڌو ويو. صحبت الدين جو خاندان پوءِ اتان لڏي اچي ڪوٽڏيجيءَ ۾ آباد ٿيو هو.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو