صاحب سنگهہ بولسنگهہ: اديب، شاعر، مترجم ۽ سماج سڌارڪ صاحب سنگهہ بولسنگهہ، 26 ڊسمبر 1884ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. حيدرآباد جي اين. ايڇ. اڪيڊميءُ مان تعليم پرائي سينٽرل اسٽامپ آفيس ۾ ملازم ٿيو. 1937ع ڌاري ‘اسٽامپ اينڊ پروسيجر’ نالي سان قاعدي جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپائي شھرت حاصل ڪيائين. هن سر والٽر اسڪاٽ جي ناول ‘انونهو’ جو ‘سيل پريڪشا’ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن ڪجهہ شاعري بہ ڪئي، جيڪا ان وقت مختلف اخبارن ۾ ڇپي. ملازمت مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ مذهبي پرچار بہ ڪندو هو ۽ مختلف اخبارن ۾ مضمون بہ لکندو هو. کيس سنڌي سان گڏ عربي ٻوليءَ ۾ پڻ مهارت حاصل هئي. هن عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
1884.12.26 عيسوي
صاحب سنگهه بولسنگهه، 26 ڊسمبر 1884ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.