صاحب ڏنو فاروقي

صاحب ڏنو فاروقي: ڪلهوڙن جي دور جو صوفي شاعر ۽ سچل سرمست جو پڙڏاڏو فقير صاحب ڏنو فاروقي دوهي ۽ بيت جو اهم شاعر ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر ٿي گذريو آهي. سندس وڏا اصل حجاز جا هئا، جتان هجرت ڪري عراق ۾ اچي رهيا. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاھہ ڪئي، ان وقت شيخ شھاب الدين ساڻس گڏ سنڌ ۾ آيو. محمد بن قاسم سندس بهادري ڏسي کيس سيوهڻ جو والي مقرر ڪيو هو، جنهن جي وفات کان پوءِ سندس فرزند محمد جانشين ٿيو. سلطان محمود غزنويءَ جي اچڻ وقت هيءُ خاندان سيوهڻ جو حاڪم هو. فقير صاحب ڏنو انهيءَ خاندان مان هو. هن جو جنم 1109ھہ/ 1697ع ڌاري ٿيو، کيس ننڍي هوندي محمد حافظ بہ سڏيندا هئا. ننڍپڻ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس طبيعت جو لاڙو فقيريءَ ۽ تصوف طرف ٿيو، جنهن کان پوءِ مشھور اولياءَ عبدالله قادري دهلويءَ جو مريد ٿيو. سندس گهڻو وقت عبادت الاهيءَ ۾ گذرندو هو. ان دوران هي شعر بہ چوندو رهندو هو. فقير صاحب ڏني جوانيءَ ۾ ڪلهوڙن جي ملازمت بہ ڪئي هئي، پر پوءِ جلد ئي بيزار ٿي سڀ ڪجهہ ڇڏي عبادت الاهيءَ ۾ مشغول ٿي ويو. روايت آهي تہ سچل سرمست جي ننڍپڻ ۾ پالنا صاحب ڏني ڪئي هئي. فقير جا ڪيترائي عقيدتمند هوندا هئا، جن مان هڪ مريد ونڍير، سري ۾ درازا نالي هڪ ڳوٺ آباد ڪيو ۽ فقير صاحب ڏنو پنھنجي عقيدتمند جي اسرار تي اچي درازا ۾ رهيو، جتي 1788ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات ۽ بيدل فقير روهڙيءَ واري جي سند الموحدين ۾ ڏنل آهي. سندس ڪلام ۾ اسلامي اخوت ۽ مساوات جهلڪي رهي آهي. پاڻ ذات پات جي ڀيد ڀاو ۽ فرقي پرستيءَ کان گهڻو پري هو. سندس ڪلام جو نمونو هي آهي:
آدم آهي چوڻ ۾، پر آهي پاڻ الله، سريرئون ساھہ، صاحب ڏني صحيح ڪيو.
ﷲ سڃاڻڻ سٿرو، پاڻ سڃاڻڻ ڏک، تيتر ڀانءِ م سُک، جيتر سڃاڻين نہ پنهنجو.
سندس ڪلام ۾ سچي صوفيءَ وارا سڀ نڪتا نروار آهن. انهن نڪتن اڳتي هلي سنڌ جي وڏي صوفي شاعر سچل سرمست کي جنم ڏنو.


لفظ صاحب ڏنو فاروقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو