حضرت صالح عليه السّلام جو مقبرو

حضرت صالح عليه السّلام جو مقبرو

حضرت صالح عليه السّلام جي مزار

حضرت صالح عليه السّلام جي مزار

صالح عليه السّلام

صالح عليه السّلام: قرآن مجيد ۾ الله سائين جي موڪليل نبين مان هڪ نبي. حضرت صالح عليه السّلام جو ذڪر ‘سورة الاعرف’ جي آيت نمبر 73، 75، 77 ‘سورة هود’ جي آيت نمبر 61، 66، 89 ۽ ‘سورة الشعراء’ جي آيت نمبر 142 ۾ ٿيو آهي. حضرت صالح عليه السّلام جنهن قوم ۾ پيدا ٿيو ان کي ثمود چوندا آهن ۽ ثمود جي قوم جو ذڪر قرآن مجيد جي نوَن سورتن: سورة الاعراف، سورة هود، سورة الحجر، سورة نمل، سورة الفُصِّلَت (حــٰمّ السجدة)، سورة النجم، سورة القمر، سورة الحاقة ۽ سورة الشمس ۾ ڪيو ويو آهي. نسب جا علماءَ ثمود قوم جي پيغمبر حضرت صالح عليه السّلام جي نسب نامي جي باري ۾ هن ريت بيان ڪن ٿا: صالح بن عبيد بن آسف بن ماشح بن عبيد بن حادر بن ثمود. ثمود جي قوم حجاز ۽ شام جي وچ ۾ قريٰ جي وادي تائين جو سڄو ميدان هنن جي رهائشگاهه هو. اڄڪلهه اهو ‘نج الناقة’ جي نالي سان مشهور آهي. ثمود جي آبادين جا کنڊرات ۽ آثار اڄ تائين موجود آهن ۽ هن زماني ۾ به ڪجهه مصري محققن انهن کي ڏٺو آهي ۽ چون ٿا ته هو هڪ اهڙي گهر ۾ داخل ٿيا، جنهن کي ‘شاهي حويلي’چئجي ٿو. هن ۾ ڪيئي ڪمرا آهن ۽ ان حويلي سان گڏ هڪ وڏو حوض آهي ۽ هي سڄو گهر جبل کي ٽڪي ٺاهيو ويو آهي. هيءَ قوم بت پرست هئي. هن قوم وارا الله تعاليٰ جي وحدانيت کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين گمراهه ڪندڙ معبودن جا پرستار هئا ۽ شرڪ ۾ مبتلا هئا. ان ڪري الله تعاليٰ انهن جي اصلاح ۽ حق جي راهه تي آڻڻ لاءِ انهن جي قبيلي منجهان ئي حضرت صالح عليه السّلام کي نصيحت ڪندڙ پيغمبر ڪري موڪليو. حضرت صالح عليه السلام قوم ثمود کي بار بار سمجهائيندو رهيو، پر قوم تي ڪو به اثر نه ٿيو. بلڪه هنن جي پيغمبر لاءِ بغض ۽ دشمني وڌندي رهي ۽ هو ڪنهن طرح به بت پرستي کان باز ڪونه آيا. ان هوندي به حضرت صالح عليه السّلام پيغام جاري رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه قبيلي جي ماڻهن ايمان آندو. باقي قوم جا سردار، سرمائيدار ۽ ٻي اڪثريت گمراهيءَ تي پوءِ به قائم رهي. اهي حضرت صالح عليه السّلام تي ٺٺوليون ڪندي چوندا هئا ته: اي صالح! جيڪڏهن اسان گمراهي تي هجون ها، خدا جي صحيح مذهب جا منڪر هجون ها ۽ خدا جي پسنديده طريقي تي قائم نه هجون ها ته اڄ اسان کي هي ڌن دولت، سرسبز ۽ شاداب باغ، ميون ۽ ڦلن جي ڪثرت ۽ مٺين ندين جي پاڻي وغيره جهڙيون خاص نعمتون ڪو نه هجن ها، تون پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي پوئلڳن ڏانهن ڏس، هنن جي تنگ حالي ۽ غربت ڏانهن نظر ڪر ۽ پوءِ ٻڌاءِ ته الله تعاليٰ جا پيارا ۽ مقبول ڪير آهن، اسان يا تون؟ حضرت صالح عليه السلام فرمائيندو هو ته: توهان پنهنجي انهن آسائشن سبب، خدا جي سچي رسول ۽ ان جي سچي دين تي ٺٺوليون نه ڪريو، ان ڪري جو جيڪڏهن توهان جي تڪبر ۽ دشمنيءَ جو اهوئي حال رهيو ته اک ڇنڀ ۾ اهو سڀ ڪجهه فنا ٿي ويندو، پوءِ نه توهان رهندا ۽ نه ئي توهان جو هي ساز و سامان. ان کان پوءِ حضرت صالح عليه السّلام جي مغرور ۽ سرڪش قوم هن جي پيغمبراڻي دعوت ۽ نصيحت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ خدا جي نشانيءَ (معجزي) جي گهر ڪئي، تڏهن حضرت صالح عليه السّلام پنهنجي رب کي ٻاڏايو، جنهن جي دعا قبول ٿي ۽ پوءِ پنهنجي قوم کي چيائين ته توهان جي گهربل نشاني هيءَ ڏاچي آهي، ڏسجو جيڪڏهن توهان هن کي ڪو ايذاءُ پهچايو ته پوءِ اها ئي توهان جي هلاڪت ۽ تباهيءَ جي نشاني ثابت ٿيندي ۽ الله تعاليٰ توهان جي ۽ هن ڏاچي جي وچ ۾ پاڻي جو وارو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڏينهن توهان جو آهي ۽ هڪ ڏينهن هن ڏاچيءَ جو. قرآن مجيد ۾ انهيءَ ڏاچيءَ کي ‘ناقة الله’ (الله تعاليٰ جي ڏاچي) چيو ويو آهي. هن لاءِ ته اها ڳالهه نظر ۾ رهي ته هونئن ته سڄي ڪائنات الله تعاليٰ جي آهي، پر جيئن ته ثمود جي قوم ان کي الله تعاليٰ جي نشانيءَ طور گهريو هو، ان ڪري هن جي موجوده خاصيت ۽ اعزاز هن کي ‘نافة الله’ جو لقب ڏياريو ۽ وڌيڪ هن کي ‘لڪم آيه’ چئي اهو به ٻڌايو ته هي نشاني خاص اهميت جي حامل آهي. پر بدقسمت قوم، ان ڏاچي کي گهڻي دير برداشت نه ڪري سگهي ۽ هڪ ڏينهن سازش ڪري قُدار بن سالف کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته ان جي قتل ۾ اڳرائي ڪري ۽ ٻيا ان جي مدد ڪن. اهڙيءَ طرح هنن ڏاچيءَ کي ماري ڇڏيو. حضرت صالح کي جڏهن اها خبر پئي ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ فرمائڻ لڳو: اي بدبخت قوم! آخر توهان کان صبر ڪو نه ٿي سگهيو، هاڻي الله تعاليٰ جي قهر ۽ عذاب جو انتظار ڪريو، ٽن ڏينهن کان پوءِ اڻٽر عذاب نازل ٿيندو ۽ توهان سڀني کي نيست ونابود ڪري ڇڏيندو (سورة هود، آيت نمبر 65) سيد آلوسي پنهنجي تفسير ‘روح المعاني’ ۾ لکي ٿو ته: ثمود قوم تي عذاب نازل ٿيڻ جون نشانيون صبح ٿيڻ سان ئي شروع ٿي ويون، يعني پهرئين ڏينهن انهن سڀني جا منهن اهڙا پيلا ٿي ويا، جهڙا خوف جي شروعاتي حالت ۾ ٿيندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن سڀني جا منهن ڳاڙها ٿي ويا. هي دهشت ۽ خوف جو ٻيو درجو هو ۽ ٽئين ڏينهن هنن جا منهن ڪارا ٿي ويا. هي خوف جو ٽيون درجو هو. اهڙيءَ ريت انهن ٽن ڏينهن کان پوءِ حضرت صالح عليه السّلام جي واعدي جو وقت اچي پهتو ۽ رات جي وقت هڪ ‘هيبتناڪ آواز’ هر شخص کي انهيءَ حالت ۾ ماري ڇڏيو، جنهن حالت ۾ اهو هو. قرآن مجيد ۾ ان ‘هيبتناڪ آواز’ کي ڪٿي صاعِقه (ڪڙڪيدار بجلي)، ڪٿي ‘رجفه’ (ٿرٿلي ۾ وجهندڙ شيءِ) ڪجهه جاين تي ‘طاغيه’ (دهشتناڪ) ۽ ڪجهه جاين تي ‘صيحه’ (تيز رڙ) چيو ويو آهي. هڪ طرف قوم ثمود تي هي عذاب نازل ٿيو ۽ ٻئي طرف حضرت صالح عليه السّلام ۽ ان جي پوئلڳن کي الله تعاليٰ هن عذاب کان پنهنجي حفاظت ۾ محفوظ رکيو. ثمود جي قوم جي تباهيءَ کان پوءِ حضرت صالح عليه السّلام ۽ ان جا پوئلڳ ڪٿي وڃي رهيا؟ ان ڳالهه لاءِ علمائن جا مختلف نظريا آهن. ڪن جي چوڻ موجب هيءَ قوم تباهي کان پوءِ فلسطين جي علائقي ۾ اچي آباد ٿي. سيد آلوسيءَ جي تحقيق موجب حضرت صالح عليه السّلام ۽ ان جا پوئلڳ تباهيءَ کان پوءِ مڪي معظم ۾ اچي رهيا ۽ حضرت صالح عليه السّلام اتي ئي انتقال ڪيو ۽ هن جي قبر مبارڪ ڪعبة الله جي اڀرندي طرف حرم پاڪ ۾ ئي آهي. هڪ ٻي روايت موجب حضرت هود ۽ حضرت صالح عليه السلام جي مزار، نجف اشرف (عراق) جي وادي سلام قبرستان ۾ موجود آهي.


لفظ صالح عليه السّلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو