
حضرت صالح عليه السّلام جو مقبرو

حضرت صالح عليه السّلام جي مزار
صالح عليہ السّلام: قرآن مجيد ۾ ﷲ سائين جي موڪليل نبين مان هڪ نبي. حضرت صالح عليہ السّلام جو ذڪر ‘سورة الاعرف’ جي آيت نمبر 73، 75، 77 ‘سورة هود’ جي آيت نمبر 61، 66، 89 ۽ ‘سورة الشعراء’ جي آيت نمبر 142 ۾ ٿيو آهي. حضرت صالح عليہ السّلام جنهن قوم ۾ پيدا ٿيو ان کي ثمود چوندا آهن ۽ ثمود جي قوم جو ذڪر قرآن مجيد جي نوَن سورتن: سورة الاعراف، سورة هود، سورة الحجر، سورة نمل، سورة الفُصِّلَت (حــٰمّ السجدة)، سورة النجم، سورة القمر، سورة الحاقة ۽ سورة الشمس ۾ ڪيو ويو آهي. نسب جا علماءَ ثمود قوم جي پيغمبر حضرت صالح عليہ السّلام جي نسب نامي جي باري ۾ هن ريت بيان ڪن ٿا: صالح بن عبيد بن آسف بن ماشح بن عبيد بن حادر بن ثمود. ثمود جي قوم حجاز ۽ شام جي وچ ۾ قريٰ جي وادي تائين جو سڄو ميدان هنن جي رهائشگاھہ هو. اڄڪلھہ اهو ‘نج الناقة’ جي نالي سان مشھور آهي. ثمود جي آبادين جا کنڊرات ۽ آثار اڄ تائين موجود آهن ۽ هن زماني ۾ بہ ڪجهہ مصري محققن انهن کي ڏٺو آهي ۽ چون ٿا تہ هو هڪ اهڙي گهر ۾ داخل ٿيا، جنهن کي ‘شاهي حويلي’چئجي ٿو. هن ۾ ڪيئي ڪمرا آهن ۽ ان حويلي سان گڏ هڪ وڏو حوض آهي ۽ هي سڄو گهر جبل کي ٽڪي ٺاهيو ويو آهي. هيءَ قوم بت پرست هئي. هن قوم وارا ﷲ تعاليٰ جي وحدانيت کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين گمراھہ ڪندڙ معبودن جا پرستار هئا ۽ شرڪ ۾ مبتلا هئا. ان ڪري ﷲ تعاليٰ انهن جي اصلاح ۽ حق جي راھہ تي آڻڻ لاءِ انهن جي قبيلي منجهان ئي حضرت صالح عليہ السّلام کي نصيحت ڪندڙ پيغمبر ڪري موڪليو. حضرت صالح عليہ السلام قوم ثمود کي بار بار سمجهائيندو رهيو، پر قوم تي ڪو بہ اثر نہ ٿيو. بلڪہ هنن جي پيغمبر لاءِ بغض ۽ دشمني وڌندي رهي ۽ هو ڪنهن طرح بہ بت پرستي کان باز ڪونه آيا. ان هوندي بہ حضرت صالح عليہ السّلام پيغام جاري رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهہ قبيلي جي ماڻهن ايمان آندو. باقي قوم جا سردار، سرمائيدار ۽ ٻي اڪثريت گمراهيءَ تي پوءِ بہ قائم رهي. اهي حضرت صالح عليہ السّلام تي ٺٺوليون ڪندي چوندا هئا تہ: اي صالح! جيڪڏهن اسان گمراهي تي هجون ها، خدا جي صحيح مذهب جا منڪر هجون ها ۽ خدا جي پسنديدہ طريقي تي قائم نہ هجون ها تہ اڄ اسان کي هي ڌن دولت، سرسبز ۽ شاداب باغ، ميون ۽ ڦلن جي ڪثرت ۽ مٺين ندين جي پاڻي وغيرہ جهڙيون خاص نعمتون ڪو نہ هجن ها، تون پاڻ ڏانهن ۽ پنھنجي پوئلڳن ڏانهن ڏس، هنن جي تنگ حالي ۽ غربت ڏانهن نظر ڪر ۽ پوءِ ٻڌاءِ تہ ﷲ تعاليٰ جا پيارا ۽ مقبول ڪير آهن، اسان يا تون؟ حضرت صالح عليہ السلام فرمائيندو هو تہ: توهان پنھنجي انهن آسائشن سبب، خدا جي سچي رسول ۽ ان جي سچي دين تي ٺٺوليون نہ ڪريو، ان ڪري جو جيڪڏهن توهان جي تڪبر ۽ دشمنيءَ جو اهوئي حال رهيو تہ اک ڇنڀ ۾ اهو سڀ ڪجهہ فنا ٿي ويندو، پوءِ نہ توهان رهندا ۽ نہ ئي توهان جو هي ساز و سامان. ان کان پوءِ حضرت صالح عليہ السّلام جي مغرور ۽ سرڪش قوم هن جي پيغمبراڻي دعوت ۽ نصيحت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ خدا جي نشانيءَ (معجزي) جي گهر ڪئي، تڏهن حضرت صالح عليہ السّلام پنھنجي رب کي ٻاڏايو، جنهن جي دعا قبول ٿي ۽ پوءِ پنھنجي قوم کي چيائين تہ توهان جي گهربل نشاني هيءَ ڏاچي آهي، ڏسجو جيڪڏهن توهان هن کي ڪو ايذاءُ پھچايو تہ پوءِ اها ئي توهان جي هلاڪت ۽ تباهيءَ جي نشاني ثابت ٿيندي ۽ ﷲ تعاليٰ توهان جي ۽ هن ڏاچي جي وچ ۾ پاڻي جو وارو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڏينهن توهان جو آهي ۽ هڪ ڏينهن هن ڏاچيءَ جو. قرآن مجيد ۾ انهيءَ ڏاچيءَ کي ‘ناقة ﷲ’ (ﷲ تعاليٰ جي ڏاچي) چيو ويو آهي. هن لاءِ تہ اها ڳالھہ نظر ۾ رهي تہ هونئن تہ سڄي ڪائنات ﷲ تعاليٰ جي آهي، پر جيئن تہ ثمود جي قوم ان کي ﷲ تعاليٰ جي نشانيءَ طور گهريو هو، ان ڪري هن جي موجودہ خاصيت ۽ اعزاز هن کي ‘نافة ﷲ’ جو لقب ڏياريو ۽ وڌيڪ هن کي ‘لڪم آيه’ چئي اهو بہ ٻڌايو تہ هي نشاني خاص اهميت جي حامل آهي. پر بدقسمت قوم، ان ڏاچي کي گهڻي دير برداشت نہ ڪري سگهي ۽ هڪ ڏينهن سازش ڪري قُدار بن سالف کي ان ڳالھہ تي راضي ڪيو تہ ان جي قتل ۾ اڳرائي ڪري ۽ ٻيا ان جي مدد ڪن. اهڙيءَ طرح هنن ڏاچيءَ کي ماري ڇڏيو. حضرت صالح کي جڏهن اها خبر پئي تہ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ فرمائڻ لڳو: اي بدبخت قوم! آخر توهان کان صبر ڪو نہ ٿي سگهيو، هاڻي ﷲ تعاليٰ جي قھر ۽ عذاب جو انتظار ڪريو، ٽن ڏينهن کان پوءِ اڻٽر عذاب نازل ٿيندو ۽ توهان سڀني کي نيست ونابود ڪري ڇڏيندو (سورة هود، آيت نمبر 65) سيد آلوسي پنھنجي تفسير ‘روح المعاني’ ۾ لکي ٿو تہ: ثمود قوم تي عذاب نازل ٿيڻ جون نشانيون صبح ٿيڻ سان ئي شروع ٿي ويون، يعني پهرئين ڏينهن انهن سڀني جا منهن اهڙا پيلا ٿي ويا، جھڙا خوف جي شروعاتي حالت ۾ ٿيندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن سڀني جا منهن ڳاڙها ٿي ويا. هي دهشت ۽ خوف جو ٻيو درجو هو ۽ ٽئين ڏينهن هنن جا منهن ڪارا ٿي ويا. هي خوف جو ٽيون درجو هو. اهڙيءَ ريت انهن ٽن ڏينهن کان پوءِ حضرت صالح عليہ السّلام جي واعدي جو وقت اچي پهتو ۽ رات جي وقت هڪ ‘هيبتناڪ آواز’ هر شخص کي انهيءَ حالت ۾ ماري ڇڏيو، جنهن حالت ۾ اهو هو. قرآن مجيد ۾ ان ‘هيبتناڪ آواز’ کي ڪٿي صاعِقه (ڪڙڪيدار بجلي)، ڪٿي ‘رجفه’ (ٿرٿلي ۾ وجهندڙ شيءِ) ڪجهہ جاين تي ‘طاغيه’ (دهشتناڪ) ۽ ڪجهہ جاين تي ‘صيحه’ (تيز رڙ) چيو ويو آهي. هڪ طرف قوم ثمود تي هي عذاب نازل ٿيو ۽ ٻئي طرف حضرت صالح عليہ السّلام ۽ ان جي پوئلڳن کي ﷲ تعاليٰ هن عذاب کان پنھنجي حفاظت ۾ محفوظ رکيو. ثمود جي قوم جي تباهيءَ کان پوءِ حضرت صالح عليہ السّلام ۽ ان جا پوئلڳ ڪٿي وڃي رهيا؟ ان ڳالھہ لاءِ علمائن جا مختلف نظريا آهن. ڪن جي چوڻ موجب هيءَ قوم تباهي کان پوءِ فلسطين جي علائقي ۾ اچي آباد ٿي. سيد آلوسيءَ جي تحقيق موجب حضرت صالح عليہ السّلام ۽ ان جا پوئلڳ تباهيءَ کان پوءِ مڪي معظم ۾ اچي رهيا ۽ حضرت صالح عليہ السّلام اتي ئي انتقال ڪيو ۽ هن جي قبر مبارڪ ڪعبة ﷲ جي اڀرندي طرف حرم پاڪ ۾ ئي آهي. هڪ ٻي روايت موجب حضرت هود ۽ حضرت صالح عليہ السلام جي مزار، نجف اشرف (عراق) جي وادي سلام قبرستان ۾ موجود آهي.