صلوات: دراصل صلوات عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ صلوة لفظ جو جمع آهي. صلوات لفظ مان مراد حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم ۽ ان جي آل تي درود پڙهي رحمتون ۽ برڪتون موڪلڻ آهي. صلوات کي درود پڻ سڏيو وڃي ٿو. صلوات جيڪڏهن ﷲ تعاليٰ طرفان آهي تہ ان جي معنيٰ رحمت ۽ برڪت ٿيندي، جيڪڏهن ملائڪن طرفان آهي تہ ان جو مطلب استغفار ٿيندو، جيڪڏهن مومنن طرفان هوندي تہ ان صلوات جي معنيٰ دعا ۽ سلام آهي، ۽ جيڪڏهن ٻين مخلوقاتن طرفان آهي تہ اهو تسبيح ۽ حمد ۾ شمار ٿيندو. صلوات لفظ جي صحيح معنيٰ حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم تي درود ۽ سلام پڙهڻ جي آهي. سڀ کان پهرين صلوات خداوند عالم پنھنجي پياري حبيب حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم تي موڪلي، جنهن جو ثبوت قرآن پاڪ جي هيءَ آيت آهي:
إِنَّ اللَّهَ وَمَلَائِكَتَهُ يُصَلُّونَ عَلَى النَّبِيِّ يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا صَلُّوا عَلَيْهِ وَسَلِّمُوا تَسْلِيمًا
[ترجمو: “بنا شڪ جي ﷲ تعاليٰ ۽ ان جا فرشتا بني پاڪ تي صلوات پڙهي رهيا آهن، اي ايمان وارؤ! اوهان بہ نبي ڪريم صلعم تي صلوات پڙهو ۽ ادب ۽ احترام سان کين سلام پيش ڪريو.”] جڏهن مٿين آيت نازل ٿي ۽ مومنن کي صلوات پڙهڻ جو حڪم مليو، تڏهن اصحابين نبي ڪريم صلعم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته، يا رسول ﷲ! اسين اوهان تي صلوات ڪيئن پڙهون؟ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو تہ هن طريقي سان صلوات پڙهو: اللهم صلي عليٰ محمد و آل محمد ڪماصليت عليٰ ابراهيم و آل ابراهيم انک حميد مجيد. اهائي صلوات مشھور آهي، جنهن کي درود ابراهيمي سڏيو وڃي ٿو. مختصر صلوات جون پڻ روايتون ملن ٿيون، جيڪا هن طرح آهي: اللهم صل عليٰ محمد وآل محمد صلوات پڙهڻ جو ثواب تمام گهڻو آهي.