صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي

صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي: مشھور ليکڪ ۽ آزاديءَ واري تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن صوڀراج 5 ڊسمبر 1909ع تي چوهڙ مل موٽواڻيءَ جي گهر تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. مقامي اسڪولن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد سرڪاري ملازم مقرر ٿيو. ان دوران انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ زور وٺي چڪي هئي، تڏهن پاڻ نوڪري ڇڏي ان تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هن ڪانگريس ۾ شامل ٿي سياست جو آغاز ڪيو. ان وقت مورو، نوابشاھہ ضلعي ۾ شامل هو، پاڻ نوابشاھہ ضلعي لاءِ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شمار نوابشاھہ ضلعي جي اهم ڪانگريسي اڳواڻن ۾ ٿيندو هو. آزاديءَ جي تحريڪ دوران ڪيترائي ڀيرا جيل ويو، پر مقصد تي اٽل رهيو. ورهاڱي بعد سنڌ ڇڏي هندستان هليو ويو، جتي آدرش نگر اجمير ۾ رهڻ لڳو. اجمير ۾ رهڻ دوران اتي آباد ٿيندڙ سنڌين کي رهائش ۽ سهولتون ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. ‘ڪانگريس سيوا سيمتي’ جو سيڪريٽري بہ رهيو. اجمير ۾ ڪافي عرصي تائين ڪانگريس جي پليٽ فارم تان سياست ۾ سرگرم رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.12.05  عيسوي

صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي 5 ڊسمبر 1909ع تي چوهڙ مل موٽواڻيءَ جي گهر تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمعو خان غريب
پمناڻي هاسارام پروفيسر
برجيٽ آلچن
بابر علي
آمنہ خميساڻي
احسان علي لغاري
ديبلي ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي
تلسي ناياڻي
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
چانڊيو مولابخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون