ضياءُ الدين احمد، سيد: پروفيسر ضياءُ الدين احمد جا وڏا پندرهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ هندستان جي خطي ۾ رهائش پذير ٿيا. پنھنجي علمي قابليت ۽ صلاحيت جي ڪري مغل حڪمرانن جي درٻار ۾ شيخ الاسلام، صوبائي گورنر ۽ ججن جي اعليٰ عهدن تي فائز رهيا. خاندان جي گهڻن ماڻهن جو شمار ممتاز عالمن، شاعرن، اديبن، فلسفين، مدبرن ۽ حڪيمن ۾ ٿيندو هو. ضلعي جونپور، الھہ آباد جا مشھور بزرگ شاھہ محب ﷲ ۽ شاھہ اجمل بہ سندس ئي سلسلي سان تعلق رکندا هئا.
پروفيسر ضياءُ الدين 25 ڊسمبر 1913ع تي الھہ آباد ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم پنھنجي والد حافظ سراج الدين احمد ۽ ناني غلام محي الدين احمد جعفري کان حاصل ڪيائين. هن جو نانو وقت جو وڏو عالم۽ محدث هو. هن الھہ آباد يونيورسٽيءَ مان عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ۽ علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس گهراڻي جي علمي، ادبي ۽ سياسي ماحول جي ڪري ان زماني ۾ جيد عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن جو ڪثرت سان اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جنهن ڪري قائد اعظم محمد علي جناح، جواهر لال نهرو، علامہ اقبال، لياقت علي خان، مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ ٻين ڪيترين ئي اعليٰ شخصيتن سان سندس ملاقات ٿي.
هن 1938ع ۾ پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز انگريزي صحافت سان ڪيو ۽ ’ڊيلي گزيٽ‘ ڪراچيءَ جو نائب مدير مقرر ٿيو. ڪجهہ عرصي بعد الھہ آباد موٽي ويو ۽ اتي انگريزي اخبار پائينز، الھہ آباد ٽائمز، ڊان، ِلي اسٽار، ليڊر، امرت بازار پتريڪا ۽ بمبئي ڪرانيڪل ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. پاڪستان جي قيام بعد ڪراچي ۾ اچي رهيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ تعلقات عام شعبي جو سربراھہ ٿيو. 1959ع ۾ وزارت صنعت حڪومت پاڪستان جي پيداوار واري شعبي جو سربراھہ مقرر ٿيو. پاڻ ’جميعة العربيه پاڪستان‘ جي بانين مان هو. هو انگريزي اخبار ڊان ۾ پابندي سان ڪالم پڻ لکندو رهيو. هندوستان ۾ هن جي خانداني ڪتب خاني ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ ڪتاب هئا، جن مان چاليھہ هزار ڪتاب پاڪستان آندائين، انهن مان اڪثر ڪتاب مختلف ڪتب خانن کي عطيي طور ڏنائين. هن ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جو اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو.
1913.12.25 عيسوي
پروفيسر ضياءُ الدين 25 ڊسمبر 1913ع تي الهه آباد ۾ پيدا ٿيو.