ضياءُ الدين احمد، سيد: پروفيسر ضياءُ الدين احمد جا وڏا پندرهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ هندستان جي خطي ۾ رهائش پذير ٿيا. پنهنجي علمي قابليت ۽ صلاحيت جي ڪري مغل حڪمرانن جي درٻار ۾ شيخ الاسلام، صوبائي گورنر ۽ ججن جي اعليٰ عهدن تي فائز رهيا. خاندان جي گهڻن ماڻهن جو شمار ممتاز عالمن، شاعرن، اديبن، فلسفين، مدبرن ۽ حڪيمن ۾ ٿيندو هو. ضلعي جونپور، الهه آباد جا مشهور بزرگ شاهه محب الله ۽ شاهه اجمل به سندس ئي سلسلي سان تعلق رکندا هئا.
پروفيسر ضياءُ الدين 25 ڊسمبر 1913ع تي الهه آباد ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم پنهنجي والد حافظ سراج الدين احمد ۽ ناني غلام محي الدين احمد جعفري کان حاصل ڪيائين. هن جو نانو وقت جو وڏو عالم۽ محدث هو. هن الهه آباد يونيورسٽيءَ مان عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس گهراڻي جي علمي، ادبي ۽ سياسي ماحول جي ڪري ان زماني ۾ جيد عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن جو ڪثرت سان اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جنهن ڪري قائد اعظم محمد علي جناح، جواهر لال نهرو، علامه اقبال، لياقت علي خان، مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ ٻين ڪيترين ئي اعليٰ شخصيتن سان سندس ملاقات ٿي.
هن 1938ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز انگريزي صحافت سان ڪيو ۽ ’ڊيلي گزيٽ‘ ڪراچيءَ جو نائب مدير مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد الهه آباد موٽي ويو ۽ اتي انگريزي اخبار پائينز، الهه آباد ٽائمز، ڊان، ِلي اسٽار، ليڊر، امرت بازار پتريڪا ۽ بمبئي ڪرانيڪل ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. پاڪستان جي قيام بعد ڪراچي ۾ اچي رهيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ تعلقات عام شعبي جو سربراهه ٿيو. 1959ع ۾ وزارت صنعت حڪومت پاڪستان جي پيداوار واري شعبي جو سربراهه مقرر ٿيو. پاڻ ’جميعة العربيه پاڪستان‘ جي بانين مان هو. هو انگريزي اخبار ڊان ۾ پابندي سان ڪالم پڻ لکندو رهيو. هندوستان ۾ هن جي خانداني ڪتب خاني ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ ڪتاب هئا، جن مان چاليهه هزار ڪتاب پاڪستان آندائين، انهن مان اڪثر ڪتاب مختلف ڪتب خانن کي عطيي طور ڏنائين. هن ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جو اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو.
1913.12.25 عيسوي
پروفيسر ضياءُ الدين 25 ڊسمبر 1913ع تي الهه آباد ۾ پيدا ٿيو.