طارق عزيز  شيخ

طارق عزيز شيخ

طارق عزيز شيخ

طارق عزيز شيخ : اديب ۽ صحافي طارق عزيز شيخ، حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ 19 ڊسمبر 1971ع تي نامياري صحافي ۽ اديب شيخ عزيز جي گهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم سيٺ حافظ اسڪول ڦليلي مان، ميٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۽ ايم. اي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان پاس ڪيائين، جڏهن ته ايم. فل جي ڊگري وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي سنڌي شعبي مان "ممتاز مرزا جي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو تحقيقي جائزو" جي عنوان سان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي نگراني ۾ حاصل ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1987ع کان ادبي، سياسي، تاريخي ۽ ٻاراڻي ادب جا مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي. 1989ع ۾ ‘عوامي آواز’ اخبار ۾ پھرين پروف ريڊر ۽ ڪجهھ عرصي کانپوءِ سب ايڊيٽر طور صحافتي ڪم شروع ڪيو. ان کان پوءِ ثقافت کاتي ۾ پروف ريڊر مقرر ٿيو. ان دوران ئي ڪھاڻين ۽ ڊائريءَ جي ورقن تي مشتمل سندس ڪتاب ‘سرها ساهه پرينءَ جا’ 1994ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال ‘بزنس ايڪسپريس’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. آغا سليم جي ادارت هيٺ ‘جاڳواخبار جي ادبي صفحي ‘سرھاڻ’ جو ھڪ سال تائين انچارج رهيو. 1997ع ۾ ‘ڪاوش’ ۾ رپورٽر ۽ اشتھارن جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. 1998ع ۾ ‘سنڌ اخبار’ جي اشتھارن واري شعبي جو انچارج رهيو. 1999ع ۾ ‘بختور’ جو ڪراچيءَ لاءِ بيورو چيف مقرر ٿيو ۽ شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ آفيسر پڻ مقرر ٿيو، جتي اداري جي تحقيقي جرنل ‘ڪلاچي’ جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن شاهه لطيف چيئر ۾ ‘سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت’ واري رٿا ۾، شيخ محمد اسماعيل جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو. 1999ع ۾ ‘سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو’ جي نالي سان سندس ڪتاب ڇپيو. نائين، ڏهين ۽ ٻارهين درجي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ ‘مھراڻ جا موتي’ جي نالي سان سندس ٻه جلد 2002ع ۾ شايع ٿيا. 2002ع ۾ هو روزاني‘عوامي آواز’ ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ پوءِ ‘سب ايڊيٽر’ مقرر ٿيو. 2004ع ۾ نيوز ميگزين ‘افيئر ’ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 2006ع ۾ روزاني ‘عوامي فورم’ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. طارق عزيز شيخ، روزاني ‘جنگاخبار جي ھفتيوار صفحي ‘مھراڻ رنگ’ ۾ 1987ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. ان کانسواءِ روزاني ‘حريت’ اخبار جي سنڌ ايڊيشن ۾ به سندس مضمون شايع ٿيا. طارق عزيز شيخ پرائيويٽ توڙي سرڪاري ادارن لاءِ ماحوليات، معدنيات، نباتات، جابلو سلسلن سميت ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ دستاويزي اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن. هن مختلف اخبارن جا ايڊيٽوريل، سياسي مضمون، تجزيا ۽ موجوده معاملن/ مسئلن تي مضمون پڻ لکيا. صحافتي ڪم دوران سياستدانن، اديبن ۽ مختلف شخصيتن جا انٽرويو پڻ ڪيا اٿس. پبلشر جي حيثيت ۾ 1994ع کان وٺي ‘باک پبليڪيشن’ جي مالڪ طور سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ جا 8 ڪتاب شايع ڪرايا اٿس. 2001ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ پھرين ليڪچرر ۽ 2018ع کان اسسٽنٽ پروفيسر طور پنھنجون ذميواريون انجام ڏئي رهيو آهي. ھن کي سال 2009ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران منعقد ڪرايل قومي ادبي ڪانفرنس ۽ 2015ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي پاران منعقد ڪرايل پھرين لوڪ ادب ڪانفرنس جا اوارڊ، جڏهن ته گورنمينٽ نئشنل ڪاليج ڪراچيءَ پاران سال 2022ع ۾ ايم فل جي مقالي تي شيلڊ ڏني وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.12.19  عيسوي

اديب ۽ صحافي طارق عزيز شيخ، حيدرآباد ۾ 19 ڊسمبر 1971ع تي نامياري صحافي ۽ اديب شيخ عزيز جي گهر ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

در محمد ڪمال
طارق عزيز شيخ
جمال الدين لانگاهه
علي رضا سهتو
اختر بلوچ 2
دين محمد وفائي مولانا
حيدري نذير حسين
اسلم اڪبر قاضي
قاضي اسد عابد
ابوبڪر خان مگسي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون