
علامه طالب حسين جوهري
طالب حسين جوهري علامہ: عالم دين، ليکڪ، شاعر علامہ طالب حسين ولد مولانا شيخ محمد مصطفى جوهري 1939ع ڌاري هندستان جي علائقي حسين گنج ۾ ڄائو. هن جو والد پنھنجي وقت جو هڪ مشھور عالم دين ٿي گذريو آهي، جنهن ڪري هن پنھنجي نالي سان ’جوهري‘ لفظ استعمال ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان 1950ع ۾ ڪراچي ۾ رهائش پذير ٿيو. طلب حسين ابتدائي تعليم پنھنجي والد، چاچي مولانا محمد مرتضى ۽ مولانا سيد علي حيدر کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1957ع ۾ عراق جي شھر نجف اشرف هليو ويو، جتان ست سال تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس اچي ڪراچي جي اماميہ مدرسي جو استاد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر بڻيو.طالب حسين پهريائين پاڪستان ٽيلي ويزن جي ’فھم القرآن‘ جي نالي سان پروگرام ڪندو هو، جنهن ۾ ٻارن کي قرآن جو درس ڏيندو هو. جنهن کانپوءِ تقريباً ٽيهن چاليهن سالن کان هر سال پاڪستان ٽيليويزن تان محرم الحرام جي سلسلي جي مجلسِ ’شامِ غريبان‘ پڙهندو پيو اچي. هن وقت عالم طالب حسين جوهري جا ڪيترائي مجلسن جا ڪتاب، آڊيو، وڊيو ڪئسٽون پڻ رليز ٿي چڪيون آهن. سندس ’احسن الحديث‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب تمام گهڻو مشھور آهي. پاڻ هڪ سٺي خطيب، ذاڪر کانسواءِ بھترين شاعر پڻ آهي، مرثيه، سلام، نوحا ۽ قطعن کانسواءِ سٺو غزل گو شاعر بہ آهي. سندس غزلن جو هڪ مجموعو ’حرف نمو‘ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.