طالب سميجو : مير ابوالبقا بکر جي فوجداري واري دور ۾ ميرزا غازي بيگ ترخان کي چيو ته سميجن کي ڪنهن جرم جي سزا ٿي ڏني وڃي، هو نصرپور ڀڄن ٿا ۽ قاسم خان ارغون وٽ وڃي پناهي ٿين ٿا. هاڻي توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟ ميرزا غازي کيس لکت ۾ اجازت ڏني. ان وقت طالب سميجو شورش برپا ڪيو ويٺو هو. ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته، ”ابو البقا لشڪر وٺي بکر کان سيوهڻ لاءِ طالب سميجي جي شورش ختم ڪرڻ لاءِ نڪتو. واٽ تي جڏهن جوڻيجن واري پرڳڻي ۾ پهتو، ته اهو پرڳڻو ميرزا غازيءَ جي جاگير هو، اتان جي عاملن ابو البقا کي دانهن ڏني ته گچيري وارا سميجا نافرماني ٿا ڪن ۽ ڍل ڏيڻ کان به انڪاري آهن. اهو ٻڌي ابو البقا اتان گچيري ڏانهن وريو. ٻنهي ڌرين ۾ جنگ لڳي، ڪيترائي سميجا قتل ٿي ويا ۽ باقي سميجن کي گرفتار ڪري ميرزا غازيءَ جي عملدارن جي حوالي ڪيائين. ان کان پوءِ هن سيوهڻ جو رخ ڪيو. هن جي پهچڻ کان اڳ سميجا ٽڙي پکڙي ويا. ڪي جيسلمير ڏانهن ته ڪي نصرپور هليا ويا. مير ابوالبقا به طالب سميجي جي پٺ نه ڇڏي ۽ نصرپور جي راڄڌانيءَ ۾ هالاڪنڊيءَ تائين وڃي رسيو. اتي خبر پيس ته طالب سميجو نصرپور جي ڀٽن ڏانهن پيو وڃي، هي هڪدم ان جي ڪڍ لڳو. مير ابوالبقا جو ٻُڌي طالب سميجو پنهنجي ماڻهن سميت صيدگر نالي قلعي ۾ وڃي لڪو. ابو البقا به اچي قلعي کي گهيريو. ابوالبقا هاٿين جي مدد سان قلعي جا شاهي دروازا ڀڃي ڇڏيا، جنهن کانپوءِ ابوالبقا لشڪر سميت قلعي ۾ گهڙي ويو. ٻنهي ڌرين ۾ جنگ لڳي ۽ سميجن کي شڪست آئي. سميجن جا تقريباً ٻارهن سؤ ماڻهو قتل ڪيا ويا ۽ جنگ ۾ وڙهندي وڙهندي طالب سميجو پڻ قتل ٿي ويو. اهو واقعو 1017هه/ 1608ع جو آهي.