
طاهر فقير جي ڀٽ
طاهر فقير جي ڀٽ: طاهر فقير نالي دڙو 27024'10'' ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 690076'25'' ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي ديھہ ۽ ڳوٺ مهڙو تعلقہ صالح بن ضلعي سکر ۾ آهي. مهڙو ڳوٺ ماڳ جي اتر اولھہ ۾ 1.5 ڪلو ميٽر، ڪارو پير اوڀر ۾ اٽڪل ٽن ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر تي آهي. جڏهن تہ روهڙيءَ جو شھر هتان کان 55 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. ماڳ 48 ميٽر اتر ڏکڻ ڊگهو، جڏهن تہ اوڀر- اولھہ 160 ميٽر ويڪرو آهي. هي ماڳ هڪ ڊرينهن تي وقتي رهائشي جا هنڌ آهي. ڊرينهن عام زميني سطح کان ڪجهہ مٿي آهي. انهي ماڳ جي ڏکڻ اولھہ واري ڪنڊ تي تازو قبرستان ٺهيل آهي. مٿاڇري تي سرون، سرن جا اڌڙ ۽ چقمقي پٿر ملن ٿا. هن وقت ماڳ جهنگلي ٻوٽن ۾ ويڙهيل آهي. هتان مٿاڇري تان ٺڪراٺو مليو آهي جنهن تي چٽ چٽيل آهن. گهڻو ڪري ٺڪر جهيريل ۽ رنگين ملي ٿو. ٺڪر ۾ مختلف ٿانون جا ڪک، گول ترا، ٿانون جا بوتا، ڳاڙهي تي ڪاري ليڪي واري چٽ سان ملن ٿا. ڪن ٺڪرن تي ڄاري چٽ، رسيءَ وَٽُ، اڀا ليڪا ۽ منڌيئڙن جا چٽ موجود آهن. مٿاڇري تان مليل شين مان اندازو لڳايو ويو آهي تہ هي ڪو مستقل رهائشي ماڳ ڪو نہ آهي. ڪي لاڏائو ماڻهو ٿوري عرصي لاءِ هتي رهيا هوندا. هي ماڳ يارهين صدي عيسوي کان 13 صدي عيسويءَ تائين بہ زندھہ هو ملندڙ شيون آمري دؤر جون آهن