ظفر الله خان

ظفر الله خان

ظفر الله خان

ظفر الله خان: ناميارو سياستدان ۽ عالم، الله خان'>ظفر الله خان 6 فيبروري 1893ع تي سيالڪوٽ، پنجاب ۾ پيدا ٿيو. بي. اي جي ڊگري گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان، ايل. ايل. بي ۽ بئرسٽرايٽ ڪنگز ڪاليج لنڊن مان پاس ڪيائين. 1926ع ڌاري هن ايس. اي خان جي ڌيءَ بدرالنسا بيگم سان شادي ڪئي. 16-1914ع ڌاري سيالڪوٽ ۾ ٻه سال وڪالت ڪرڻ کانپوءِ هيءُ لاهور آيو، جتي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ دوران پنجاب اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. 1930ع ۽ 1932ع ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. 1931ع ۾ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو. 1935ع کان 1941ع تائين گورنر جنرل جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو رڪن ۽ 1942ع ۾ چين ۾ حڪومتِ هند جو نمائندو مقرر ٿيو. قيامِ پاڪستان کانپوءِ نومبر 1947ع ۾ حڪومتِ پاڪستان جي وفد جي هن قيادت ڪئي، جيڪو اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ مسئلي فلسطين جي سلسلي ۾ شريڪ ٿيو. ڊسمبر 1947ع ۾ لياقت علي خان جي ڪابينه ۾ بطور وزيرِ خارجه شامل ٿيو. جنوري 1948ع ۾ اقوامِ متحده ۾ پاڪستان جي طرفان ڪشمير جومسئلو پيش ڪيو. 1954ع ۾ وزارتِ خارجه کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ عالمي عدالتي انصاف جو رڪن منتخب ٿيو. 1973ع تائين هن منصب تي قائم رهيو. 1973ع تائين ان منصب تي فائز رهيو. هن جو شمار قائدِ اعظم جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. هن جو هڪ ڪتاب تحريث نعمت جي نالي سان ڇپيل آهي. هن 1 سيپٽمبر 1985ع تي وفات ڪئي. پاڪستاني سياست ۾ هن ڪيترائي وڏا ڪم ڪيا.


لفظ ظفر الله خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.02.06  عيسوي

ظفر الله خان 6 فيبروري 1893ع تي سيالڪوٽ، پنجاب ۾ پيدا ٿيو.


1985.09.01  عيسوي

ظفر الله خان 1 سيپٽمبر 1985ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سترام داس سائل
آدمجي حاجي دائود
مراد علي راهمون پروفيسر
ابرار قاضي
آڏواڻي جڳت
عبدالله بن عمر هباري
جوهر بروهي
عبدالفتاح ميمڻ 2
باگو فقير
جمعو شيدي 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون