ظفر الله خان

ظفر الله خان

ظفر ﷲ خان

ظفر خان: ناميارو سياستدان ۽ عالم، خان'>ظفر خان 6 فيبروري 1893ع تي سيالڪوٽ، پنجاب ۾ پيدا ٿيو. بي. اي جي ڊگري گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان، ايل. ايل. بي ۽ بئرسٽرايٽ ڪنگز ڪاليج لنڊن مان پاس ڪيائين. 1926ع ڌاري هن ايس. اي خان جي ڌيءَ بدرالنسا بيگم سان شادي ڪئي. 16-1914ع ڌاري سيالڪوٽ ۾ ٻہ سال وڪالت ڪرڻ کانپوءِ هيءُ لاهور آيو، جتي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ دوران پنجاب اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. 1930ع ۽ 1932ع ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. 1931ع ۾ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو. 1935ع کان 1941ع تائين گورنر جنرل جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو رڪن ۽ 1942ع ۾ چين ۾ حڪومتِ هند جو نمائندو مقرر ٿيو. قيامِ پاڪستان کانپوءِ نومبر 1947ع ۾ حڪومتِ پاڪستان جي وفد جي هن قيادت ڪئي، جيڪو اقوامِ متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ ۾ مسئلي فلسطين جي سلسلي ۾ شريڪ ٿيو. ڊسمبر 1947ع ۾ لياقت علي خان جي ڪابينه ۾ بطور وزيرِ خارجہ شامل ٿيو. جنوري 1948ع ۾ اقوامِ متحدہ ۾ پاڪستان جي طرفان ڪشمير جومسئلو پيش ڪيو. 1954ع ۾ وزارتِ خارجہ کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ عالمي عدالتي انصاف جو رڪن منتخب ٿيو. 1973ع تائين هن منصب تي قائم رهيو. 1973ع تائين ان منصب تي فائز رهيو. هن جو شمار قائدِ اعظم جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. هن جو هڪ ڪتاب تحريث نعمت جي نالي سان ڇپيل آهي. هن 1 سيپٽمبر 1985ع تي وفات ڪئي. پاڪستاني سياست ۾ هن ڪيترائي وڏا ڪم ڪيا.


لفظ ظفر ﷲ خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.02.06  عيسوي

ظفر الله خان 6 فيبروري 1893ع تي سيالڪوٽ، پنجاب ۾ پيدا ٿيو.


1985.09.01  عيسوي

ظفر الله خان 1 سيپٽمبر 1985ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صبا قمر
آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند
عزيز مصر
شيخ محمد فاضل
صالح بيگ مرزا ترخان اول
مير ابوالقاسم خان زمان ٺٽوي
ابڙو عبدالڪريم چشتي
سويتا ڪيسواڻي
عالم چانڊيو
مريم مختيار شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون