ظهير ڪاشميري

ظهير ڪاشميري

ظھير ڪاشميري

ظھير ڪاشميري: ناليوارو شاعر، ليکڪ، ڪالم نگار، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ فلم هدايتڪار ظھير ڪاشميري 21 آگسٽ 1919ع تي امرتسر (انڊيا) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو ميان شاھہ دين هو. ظھير ڪاشميري جو اصل نالو غلام دستگير هو. هن ايم. اي. او ڪاليج مان انگريزي ۾ ايم. اي. جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج پاران نڪرندڙ ميگزين الھلال جو ايڊيٽر رهيو. پاڻ شاگرديءَ واري دؤر کان ئي ادب جي ترقي پسند تحريڪ سان منسلڪ ٿيو. ان کان علاوہ ”انجمن حريمه اردو‘ قائم ڪيائين. جنهن جو صدر رهيو. ”انجمن ترقي پسند مصنفين انڊيا“ جو باني هو. ورهاڱي بعد لڏي اچي لاهور ۾ رهائش پذير ٿيو. جتي عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪندي روزاني اخبار ’احسان‘ ۽ پوءِ روزاني ’مساوات‘ ۾ بطور ايڊيٽر مقرر ٿيو. روزاني ’مساوات‘ لاهور سان گڏوگڏ ڪراچيءَ مان بہ شايع ڪرائيندو رهيو. هن فلمن لاءِ ڪهاڻيون بہ لکيون جن ۾ ’شيخ چلي‘، ’غيرت مند‘، ’آس پاس‘، ’همير سيال‘، ’خون ناحق‘، ’تين ڦول‘، ’ڪافي هائوس‘ ۽ ’انجام‘ شامل آهن. سندس مقبول ڪتابن ۾ ’عظمت آدم‘ (شعر مجموعو) ’تغزل‘، ’رقص جنون‘، آدمي نامہ‘، ’جھان آ گهي‘، کان علاوہ تنقيدي مضمونن تي رٿيل مجموعو ’ادب ڪي مادي نظريات‘ قابل ذڪر آهي. کيس ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران وفات کان پوءِ صدارتي ايوارڊ سان نوازيو. هن 12 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس لاهور ۾ مياني صاحب قبرستان ۾ دفنايو ويو.


لفظ ظھير ڪاشميريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.08.21  عيسوي

ظهير ڪاشميري 21 آگسٽ 1919ع تي امرتسر (انڊيا) ۾ ڄائو.


1994.12.12  عيسوي

ظهير ڪاشميري 12 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس لاهور ۾ مياني صاحب قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي علي اڪبر درازي
آغا عبدالنبي عليگ
رضوي سيد مير علي
بختيار چنا
احمد رضا بروهي
رحيم بخش شيخ
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
رتناگر شيرين
ڀَنڀو
دائودپوٽو صادق محمد عباسي اول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون