عاشق حسين سمراٽ

عاشق حسين سمراٽ

عاشق حسين سمراٽ

عاشق حسين سمراٽ (ڪٿڪ): هندستان ۽ پاڪستان جو ناميارو ڪٿڪ، فلمي ايڪٽر ۽ درويش صفت عاشق حسين سمراٽ 1906ع ۾ ڳوٺ جساڻو رياست بيڪانير هندستان ۾ ڄائو. سندس مادري زبان مارواڙي آهي. سندس والد قطب الدين پنھنجي وقت جو وڏو طبلي نواز هو. کيس اٺ پٽ هئا: عبدالرحمٰن (سارنگي نواز، پٽيالا درٻار سان واڳيل هو)، عاشق حسين، سليمان خان (پنھنجي وقت جو وڏو ڪٿڪ هو، جنهن جي شاگردياڻي ميڊم ازوري ڪٿڪ ناچ ۾ وڏو نالو ڪڍيو)، بابا بھار بخش (ڪٿڪ طبلي نواز ۽ شاعر هو، گني جن نالي سان سڏبو هو. وڏو فلمي موسيقار هو، سندس ٺاهيل هڪ ڌن ‘جهمڪا گر گيا بريلي ڪي بازار ۾’ ڪافي مقبول ٿيو. سجاد حسين (ڪٿڪ ۽ طبلي نواز)، فقير محمد (مشھور هارمونيم نواز ۽ ماسٽر صديق سمراٽ (جيڪو پاڪستاني، اردو ۽ سنڌي فلمن جو ڊانس ڊائريڪٽر هو.) سندس والد قطب الدين سنڌ ۾ فن پيش ڪرڻ لاءِ خيرپورميرس جي درٻار ۾ ايندو هو تہ ان سان ڪو نہ ڪو پٽ گڏ هوندو هو ۽ حيدرآباد جي ميرن سان لاڳاپا هوندا هئن ۽ هتي اچي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. عاشق حسين بہ پٽيالا جي درٻار ۾ مختلف تهوارن تي وڃي فن جو مظاهرو ڪندو هو. قطب الدين پنھنجي خاندان 1926ع ۾ لڏي اچي حيدرآباد ويٺو جتي جيلاني پيرن ۽ هالا جي مخدومن سان سندس جا گهاٽا ناتا ٿي ويا. قطب الدين جي جاءِ حيدرآباد هيرآباد ۾ موجود آهي جنهن تي سمراٽ هائوس لکيل آهي. عاشق حسين کي ڪٿڪ ناچ جي فن جي ڏات ۽ ڌانءُ پنھنجي پيءُ قـطـب الدين کان مليو. بنـارسـي گهراڻـي جو هنومان پرساد جي سندن پاڙيسري هو. هنومان پرساد جي پنھنجي وقت جو وڏو ڪٿڪ هو. هي جانڪي پرساد جنهن بنارسي گهراڻي جو بنياد رکيو هو، ان جو پوٽو هو. سندن ڳوٺ ڌني لڳ گوگو چوهاڻ هو. عاشق حسين، هنومان پرساد جي ننڍي ڀاءُ پنڊت گوپال کان ڪٿڪ ناچ جي تربيت ورتي. پنڊت گوپال وٽ ڪٿڪ جا اهي ئي انگ هئا، جيڪي هنومان پرساد جي وٽ هئا. پنڊت گوپال اچي لاهور وسائي هئي ۽ هتان ئي ڪٿڪ جو لاهور گهراڻو شروع ٿيو. پنڊت گوپال ئي هو، جنهن پنجاب ۾ ورهاڱي کان اڳ ڪٿڪ ناچ کي عام ڪيو. سندس ڪيترائي شاگرد ڪٿڪ ناچ ۾ مشھور هئا. انهن ۾ هيراٻائي پٽيالا درٻار واري، نواب پتلي ۽ عاشق حسين گهڻو مشھور ٿيا. عاشق حسين تي پنڊت گوپال جو تمام گهڻو راضپو هو. کيس پٽيلو ڪري پاليو هئائين. سندس نالو بہ جيوٽي پرساد رکيو هئائين. پر هي عاشق حسين جي نالي سان ئي مشھور رهيو. هن ڪيترين ئي آل انڊيا ڊانس اينڊ ميوزڪ ڪانفرنسن ۾ حصو ورتو. 1940ع ۾ کيس بيڪانير رياست طرفان ’نرتيه سمراٽ‘ جو لقب بہ پٽيالا گهراڻي جي مشھور گويي الھہ ديا خان هٿان ڏياريو ويو. ورهاڱي کان اڳ ڪيترين هندي فلمن جو ڊانس ماسٽر رهيو. مارواڙي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي گيتن ۽ سهرن ۾ کيس سٺي نموني ياد ڪيو ويندو آهي. عام طور هي بابا عاشق حسين سڏبو آهي. بابا عاشق حسين جا ڪيترائي شاگرد ٿيا جن سندس نالو روشن ڪيو، انهن ۾ تارا چوڌري ۽ ڪمودني لاکا وڌيڪ مشھور ٿيا. ڪمودني لاکا پاڻ کي عاشق حسين جي شاگردياڻي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندي هئي. پنڊت گوپال جو پٽ ڪرشن ڪمار، هندستان جو هن وقت وڏو فلمي ڪٿڪ هزاري لال، مشھور ڊانسر شھزادي ۽ ميڊم ازوري بہ سندس شاگردياڻيون هيون، پر سڀ کان وڏو ڪٿڪ جنهن پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ نرت جي ميدان ۾ گهڻو ڪم ڪيو سو هو ماسٽر صديق سمراٽ جيڪو سندس ننڍو ڀاءُ بہ هو تہ سندس شاگرد بہ هيو. عاشق حسين بمبئي هجي يا لاهور، عيد ۽ محرم حيدرآباد ۾ ملهائيندو هو. هن کي فملي دنيا ۾ وٺي اچڻ وارو سندس ڀاءُ سليمان خان هئا. سندن فلمي دنيا لاءِ ڪيل ڪم جو وچور هيٺ ڏجي ٿو: هن 1936ع کان فلمن ۾ هيري طور توڙي سائيڊ هيري طور ڪم ڪيو. ان وقت ڊانس ڊائريڪٽر جا فرائض بہ پاڻ سرانجام ڏيندو هو. هن هندستان جي ڪل 25 فلمن ۾ ڪم ڪيو جن مان ڪجهہ هي آهن: (1) ‘ميڊم فيشن’ 15 مارچ (1930ع)، (2) ‘امر پريم’ (1936ع)، (3) ‘گل بدن’ (1937ع)، (4) ‘جيون سنسار’ (1937ع)، (5) ‘موتي ڪا هار’ (1937ع)، (6) ‘ڪسان ڪنيا’ (1937ع)، (7) ‘مين ايڪٽريس ڪيون بني’ (1939ع)، (8) ‘پيام حق’ (1939ع)، (9) ‘چشمان والي’ (1939ع)، (10) ‘ڊاٽر آف انڊيا’ (1939ع)، (11) ‘مدر انڊيا’ (1939ع)، (12) ‘ستارا’ (1938ع)، (13) ‘سنديشا’ (1940ع)، (14) ‘ڪنيا دان’ (1940ع)، (15) ‘جندن’ (1941ع: ڊائريڪٽر چندن ڊيسائي)، (16) ‘نذرانه’ (1942ع)، (17) ‘حورِ جنگل’ (1946ع)، (18) ‘اٺو جاگو’ (1947ع) کانسواءِ ‘پنجاب ڪا شير’، ‘جيئي ڪشوري لال’، ‘ڀڳت پهلاج’، ‘حور سمندر’ ۽ ‘ڪسان ڪنيا’ مشھور آهن. هن هندستاني دور ۾ ڪجهہ گانا بہ ڳايا جن جو تعداد 12 ٻڌايو وڃي ٿو. عاشق حسين سمراٽ پاڪستان جي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪيوروگرافي ڪئي ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪردار بہ ڪيو جن ۾: (1) ‘اياز’ (1960ع)، (2) ‘سلمى’ (1960ع)، (3) ‘دوپٽه’ (1952ع) ۽ (4) ‘انتظار’: هن فلم ۾ هن ولن جو رول ادا ڪيو ۽ ان فلم جو ڊانس ماسٽر هو. هن جون گلشن صوفي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، مخدوم اعجاز سان بہ ملاقاتون ٿيون. اڄ بہ سندس فوٽوگرافس مخدوم هائوس تي لڳل آهن. پاڻ ڪجهہ عرصو خيرپورميرس جي درٻار سان وابستہ هو. مير علي نواز ناز کيس تحفي ۾ هيرن جو ٽوپي ڏني هئي، جيڪا هن صدا هڻڻ واري فقير کي خيرات ڪري ڏني. هندستان ۾ ٻہ هن ڪيترين ئي فلمن ۾ ڊانس ماسٽر جا فرض سر انجام ڏنا. پاڪستان ۾ هن جون سون جي تعداد ۾ فلمون آهن جن ۾ هن اداڪاري بہ ڪئي ۽ ڊانس ماسٽر بہ رهيو. جن ۾ پاٽي خان، بي خبر، روحي، جانِ بهار، حسرت نالي سندس فلمون مشھور آهن. هن 1960ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪئي. کيس چشتيان ۾ دفن ڪيو ويو. اولاد ۾ هڪ ئي پٽ اڪبر سمراٽ نالي هئس، جيڪو پاڪستان فلم انڊسٽريءَ سان لاڳاپيل هو، سو بہ ويجهڙائيءَ ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو