عاصمه جهانگير

عاصمه جهانگير

عاصمه جھانگير

عاصمه جھانگير جيلاني: مشھور قانوندان ۽ انساني حقن جي اڳواڻ عاصمه جھانگير جيلاني 27 جنوري 1952ع تي لاهور ۾ پيدا ٿي. هن گريجوئيشن لاهـور جـي ڪـائناد ڪاليج (Kinnaid College) مــان ڪـئـي. قـانون جي ڊگري پنجاب يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. عاصمه جھانگير کي سوئيزرلينڊ جــي سـيـنيـٽ گـئـلــن (Saint Gallan) يونيورسٽيءَ مان اعزازي ڊگري بہ ملي. عاصمه جھانگير جو تعلق پنجاب جي هڪ خوشحال خاندان سان هو. هن جو پيءُ ملڪ جيلاني پاڪستاني فوج ۾ عملدار رهيو ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ سياست ۾ داخل ٿيو. آمريت خلاف تقريرون ڪرڻ تي کيس ڪيترو عرصو جيل ۾ بہ رکيو ويو. عاصمه جھانگير ننڍي عمر ۾ ئي فوجي حڪومت خلاف احتجاج ڪيو. 2004ع ۾ هوءَ اقوام متحدہ جي خاص رپورٽر رهي. شروع ۾ هن اقوام متحدہ جي هڪ خاص رپورٽر جي حيثيت سان Extra Judicial Arbitary & Summary Executions تي ڪم ڪيو. هوءَ 1998ع کان International Commission of Jurists (بين الاقوامي فقيھہ ڪميشن) جي ميمبر رهي آهي. هن پنھنجي ڪيريئر جو گهڻو عرصو عورتن جي حقن، مذهبي اقليتن ۽ ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪندي گذاريو آهي. عورتن جو تحفظ ڪرڻ، گاريال ۽ وحشي مردن کان زالن کي طلاق ڏيارڻ، مذهب جي گستاخيءَ جي الزامن هيٺ بيگناھہ گرفتار يا ڦاٿل ماڻهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۽ ٻارن کي جبري پورهئي تي مجبور ڪرڻ جهڙين سماجي براين کي روڪڻ لاءِ سرگرم رهي. سياسي پارٽين جي مسلسل تنقيد کيس فولادي شخصيت بنائي ڇڏيو. هوءَ پاڪستان جي انساني حقن واري جماعت جي سربراھہ ۽ ان جي سيڪريٽري جنرل ۽ چيئرپرسن پڻ رهي. هن (WAF) Women Action Forum جي پليٽ فارم تان عورتن جي حقن لاءِ ساڻن ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿاريو . 1995ع ڌاري عاصمه جھانگير کي انساني حقن وارين تنظيمن طرفان ’Maritin Ennal Award‘ ۽ ’Ramon Magsay Saya award ‘ بہ مليا. انٽرنيشنل بار ايسوسيئيشن طرفان کيس 2000ع ۾ ’Bernard Simons Memorial Award‘ سان نوازيو ويو. پرويز مشرف جي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ڪري جيڪي سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن نظربند ڪيا ويا، عاصمه جھانگير کي بہ انهن سان گڏ اقوام متحدہ جي ملازم هوندي بہ نظربند ڪيو ويو هو. محترمہ بينظير ڀٽو شھيد پنھنجي حڪومت ۾ عاصمه جھانگير کي هاءِ ڪورٽ جي عورت جج جي سيٽ لاءِ آڇ ڪئي، جيڪا هن قبول نہ ڪئي. عورتن کي بهتر مقام ڏيارڻ لاءِ ڪيل سندس ڪوششون قابل تعريف آهي. 29 آڪٽوبر 2010ع ۾ عاصمه جھانگير سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي صدر چونڊي وئي.10 ڊسمبر 2010ع (انساني حقن جي عالمي ڏينهن) تي اقوام متحدہ طرفان کيس دنيا ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙڻ واري جذبي کي هَٿِي ڏيڻ عيوض هڪ ڪيش اوارڊ، ڊپلوما ۽ برونز ٽرافي ڏني وئي. جڏهن تہ جنوري 2011ع ۾ هن صدر آصف زرداريءَ هٿان ’هلال امتياز‘ اوارڊ بہ حاصل ڪيو آهي. عاصمه جھانگير 11 فيبروري 2018ع تي وفات ڪئي.


لفظ عاصمه جھانگيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.01.27  عيسوي

مشهور قانوندان ۽ انساني حقن جي اڳواڻ عاصمه جهانگير جيلاني 27 جنوري 1952ع تي لاهور ۾ پيدا ٿي.


2018.02.11  عيسوي

عاصمه جهانگير 11 فيبروري 2018ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اظهر سولنگي
چاچڙ حاجي خان اول
پير ڪرهيو ڀانڊاري
پلي وڏيرو عبدالحليم
بيبي صغرا آپا
شاھہ اسماعيل ڀڙي وارو
حسين بخش ملاح
ماسٽرغلام علي موسيقار
ادريس لغاري
بلو مؤمن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون