مولانا عبدالحئي گهوٽو

مولانا عبدالحئي گهوٽو

عبدالحئي گهوٽو مولانا

عبدالحئي گهوٽو، مولانا: شيخ الحديث مولانا عبدالحئي الحسيني، ولد مولانا حافظ محمد يونس گهوٽو، 14 جمادي الثاني 1351ھہ / 15 آڪٽوبر 1932ع ڳوٺ جهنگل گهوٽي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. مولانا صاحب 1953ع ۾ فخر المدارس مدرسہ عربيه قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ استاد العلماء مولانا عبدالرزاق ججويءَ وٽ 1957ع ۾ ضلعي رحيم يار خان ۾ دوره حديث پڙهيو. هن 1953ع جي تحريڪ ختم نبوت ۾ حصو وٺڻ جي ڪري ڪجهہ عرصو سينٽرل جيل سکر ۾ قيد بہ ڪاٽيو. مولانا 1954ع ۾ دارالعلوم ديوبند ۾ شيخ الحديث شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدنيءَ (متوفي 1957ع) وٽ دوره حديث جي تعليم ورتي ۽ دارالعلوم ديوبند جي سالياني امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران مشھور تبليغي بزرگ هفت زبان مبلغ مولانا محمد عمر پالنپوريءَ جي دوره حديث جو ساٿي رهيو. مولانا مدرسہ عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي، مدرسہ دارالرشاد پير جهنڊو شريف ۽ جامعہ دارالهديٰ ٺيڙهي کان علاوہ سنڌ جي مرڪزي مدرسن ۾ 40 سالن تائين بخاري شريف جو درس ڏنو. سندس شاگردن جو تعداد هزارن تائين آهي، جيڪي پاڪستان کان علاوہ ايران، افعانستان، برما، بنگلاديش ۽ سعودي عرب تائين پکڙيل آهن. مولانا جا شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني، امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارو ڪراچي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙن روشن خيال مدبرن سان دوستانا تعلقات هئا. مولانا صاحب هميشہ حضور صلي عليہ وسلم جن جي محبت ۾ مخمور رهندو هو. سندس شايع ٿيل ڪتاب ‘الحق ترڪ رفع اليدين’ فضائل صديق اڪبر رضه، ابن امعبد قابل ذڪر آهي. هن 1978ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪئي. 1986ع ۽ 1989ع ۾ مسجد نبوي ۾ اعتڪاف جو شرف حاصل ڪيائين. 1980ع ۾ دارالعلوم ديوبند انڊيا جي صد ساله اجتماع ۾ شرڪت ڪيائين. 31 ڊسمبر 1993ع جمعي جي ڏينهن تبليغ جي سفر دوران راڻيپور ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هن وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ پنھنجي والد محترم جي قدمن ۾ حسين ٻيلي، گهوٽڪيءَ جي قديم قبرستان ۾ واقع آهي. مولانا جي حالات زندگيءَ تي سندس فرزند مولانا خالد الحسينيءَ هڪ ڪتاب ‘سنڌ جو درويش عالم’ پڻ لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.10.15  عيسوي

مولانا عبدالحئي الحسيني، ولد مولانا حافظ محمد يونس گهوٽو، 14 جمادي الثاني 1351هه / 15 آڪٽوبر 1932ع ڳوٺ جهنگل گهوٽي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.


1993.12.31  عيسوي

31 ڊسمبر 1993ع جمعي جي ڏينهن تبليغ جي سفر دوران راڻيپور ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هن وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه پنهنجي والد محترم جي قدمن ۾ حسين ٻيلي، گهوٽڪيءَ جي قديم قبرستان ۾ واقع آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيجومل
خادم کوکر
جنجهي مينهين ٻائي
حنيف محمد
تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي
چانهيو محمد هاشم
جهانگي خان وڏيرو
دريا خان شنباڻي
ميرڻ فقير سولنگي
حاجي امام الدين راشدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون