پيرزادو عبدالحفيظ

پيرزادو عبدالحفيظ

عبدالحفيظ پيرزادو

عبدالحفيظ پيرزادو: پاڪستان جو مشھور قانوندان، سياستدان ۽ اڳوڻو وزير تعليم، وزير قانون ۽ پارلياماني معاملا، عبدالحفيظ پيرزادو، 24 فيبروري 1935ع تي سکر ۾ ڄائو. سندس والد پيرزادو عبدالستار سنڌ جو برک سياستدان ۽ وزيراعليٰ رهي چڪو آهي. پيرزادي عبدالحفيظ ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان 1954ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. پوءِ لنڊن جي مشھور قانوني درسگاھہ لنڪن اِن مان 1957ع ۾ بئرسٽري پاس ڪيائين. وطن واپسيءَ تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. پيپلزپارٽيءَ جي باني ميمبرن مان آهي. ڊسمبر 1970ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 23 ڊسمبر 1971ع تي وفاقي وزير تعليم، اطلاعات ۽ نشريات مقرر ٿيو. ميان محمود علي قصوريءَ جي وزارت قانون تان استعيفيٰ ڏيڻ سبب قانون جي وزارت بہ سنڀاليائين. بعد ۾ صوبائي رابطن واري وزارت جو قلمدان بہ کيس ڏنو ويو. پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي تياريءَ ۾ عبدالحفيظ پيرزادي مک ڪردار ادا ڪيو آهي. مارچ 1977ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1977ع جي مارشل لا جي نفاذ کان پوءِ مٿس ستن سالن تائين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي بندش وڌي وئي. پيرزادي صاحب مشھور سياستدان ممتازعلي خان ڀٽي سان لنڊن ۾ ”سنڌ، بلوچ پختون فرنٽ“ ٺاهيو، جنهن جو ڪافي عرصي تائين ممتاز ڀٽي سان گڏ اڳواڻ بہ رهيو. هن وقت سياست کان وڌيڪ قانون ۽ وڪالت سان عملي دلچسپي رکي ٿو. وزارت تعليم جي قلمدان دوران هائير ايجوڪيشن جي ڪيترن ئي ادارن قائم ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار آهي. پيپلز اوپن يونيورسٽي (هاڻي علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي) جو قيام سندس ڪوششن جو ئي نتيجو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کانپوءِ هو سياست ۾ گهڻو سرگرم نہ رهيو، 2008ع ۾ چونڊجي آيل پ پ حڪومت جي ڪجهہ پاليسين سان اختلاف رکيائين، تازو اپريل 2010ع ۾ پ پ اقتدار ۾آئي، جنهن 1973ع جي آئين ۾ آندل ترميمن ۽ تبديلين کي رد ڪرڻ لاءِ 18 ترميم کي آندو تہ حفيظ پيرزادي پارليامينٽ مان منظور ٿيل ان ارڙهين آئيني ترميم کي آئين جي صورت بگاڙڻ جو سبب قرار ڏنو آهي ۽ ان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن بہ داخل ڪئي آهي.عبدالحفيظ پيرزادي پهرين سيپٽمبر 2015ع تي انگلينڊ جي ريڊنگ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس سکر ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.02.24  عيسوي

عبدالحفيظ پيرزادو 24 فيبروري 1935ع تي سکر ۾ ڄائو



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانجهر (ڳھہ)
سنگ مرمر ماربل
ڇپر2
ٻاٽ (اوندھہ)
توبرو
آمو
تھہ خانو
چُٽو/ چِٽ
ٻٽيھہ
پوپرِي3
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون